ليمي جا فائدا

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ليمون جا طبي فائدا

    ابراهيم لاشاري ( وارهه )

    الله تعالي جون سموريون نعمتون انسانن ۽ جاندارن لاءَ لاتعداد آهن جن جو ڪو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگهي الله تعالي هن ڪره ارض تي هزارين قسمن جا ميوا وڻ ٽرڻ ٻوٽا وجود ۾ آڻي انسان ۽ جاندارن جي غذائي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءَ آساني پيدا فرمائي جن منجهان ليمون جو ميوو به هڪ زبردست کٽن ميوون ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو کٽن ميون۾ مالٽو گريپ فروٽ سنگتڙو چڪوترا ۽ ليمون اچي وڃن ٿا کٽن ميون ڏي ڏسبو ته هنن جي ابتدا ملڪ چين يا آسام جي جابلو علائقن منجهان ٿي آهي جتان عرب واپارين ۽ پورچوگيز واپارين ان کي وچ اوڀر آفريڪا يورپ آمريڪا تائين هن ميوي جي رسائي ٿي دنيا ۾ هن وقت ڪيترن ئي ملڪن ۾ کٽن ميون جي پيدا وار ٿئي ٿي انهن ۾ جپان مصر اٽلي چين آمريڪا انڊيا برازيل اسپين آسٽريليا لبنان ۽ پاڪستان ۽ پاڪستان ۾ کٽن ميون ۾ مالٽي ۽ ليمون جي پيداوار هنن علائقن ۾ زبردست نموني ٿئي ٿي جن ۾ لاهور ملتان پشاور بهاولپور سرگودها راولپنڊي کان علاوه سونهاري سرزمين سنڌ ۾ ڪنڊيارو خيرپور ٺاروشاهه بينظير آباد نوشهروفيروزسانگهڙ لاڙڪاڻو حيدرآباد ۾ ٿين ٿا ليمون سنڌ جي گرم نيم گرم ۽ خشڪ آبهوا ۾ جهجهي مقدار ۾ ٿئي ٿو ليمي جو تعلق رس دار ميوي جي خاندان سان آهي جنهن منجهه کٽان جو اثر جهجهي انداز ۾ هوندو آهي هن کٽي ميوي جو رس دار ميون ۾ ٽيون نمبر آهي ان لاءَ هن جي طبي فائدن هجڻ ڪري هن جو استمال عام زندگي ۾ تمام گهڻي انداز سان ڪيو وڃي ٿو ليمي کي انگريزي زبان ۾ ( ليمن ) ڪري سڏيندا آهن ليمون هڪ سدابهار ميوو (ٻوٽو) آهي جيڪو ٻارهن مهينا سال جا ميوو ڏيندو رهندو آهي ۽ سڄو سال سائو ئي رهندو آهي هي کٽو ميوو آهي هن جو جوس شربت به ٺاهيو ويندو آهي هن شربت کي ٻار ٻڍا وڏي شوق سان واپرائيندا آهن پاڻي ۾ ليمي جو رس ۽ کنڊ ملائي شربت تيار ڪيو ويندو آهي جنهن کي ( شڪنجين ) چيو ويندو آهي گرمي جي موسم ۾ هن جو شربت نهايت صحت لاءَ مفيد آهي جسم ۾ لوڻيات پاڻياٺ جي ضرورت ڪافي حد تائين پوري ڪندو آهي شربت کان علاوه ليمون جو استعمال کاڌن کي کٽو ڪرڻ لاءَ ليمون جو رس ڪڍي انهن منجهه وڌو ويندو آهي ٻيو وري ليمون ڪيڪ بسڪيٽ ۽ پڊنگ ۾ ليمن فليور طور به شامل ڪيو ويندو آهي ڪيترا دواساز ڪمپني به ليمن فليور شربت کٽمٽڙا به تيار ڪري پنهنجو ڪارو بار ۾ ليمي کي استعمال ڪندا آهن ليمي جي رس کان علاوه هن جا پن به پڻ ڪارائتا آهن ڇو جو هن جي پنن کي عام طور تي چانهه ٺاهڻ ۽ سامونڊي کاڌن تيار ڪرڻ ۾ فليور طور استعمال پڻ ڪيو ويندو آهي ليمي ۾ وٽامن ( سي ) وڏي مقدار ۾ هوندي آهي جيڪا هاضمي واري نظام ۾ موثر ڪردار آدا ڪندي آهي ليمون جسم ۾ رت صاف ڪري فاسد (خراب) نقصانڪار جراثيمن کي خارج ڪندو آهي ۽ جسماني صلاحيتن کي وڌائيندو رهندو آهي جسم تي خارش يا ڏندن جي مهارن منجهان رت خارج ٿيڻ ۽ جسم زخمي ٿيڻ بعد ليمون جو رس نهايت مفيد آهي ڇو جو ليمي ۾ وٽامن ( سي )جهجهي هوندي آهي انسان گڏ وٽامن (بي ) به شامل هوندي آهي جيڪا جسم۾ پيدا ٿيل تيزابيت کي جلدي ختم پڻ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي ليمي ۾ الله تعالي اهڙي ته خصوصيت رکي آهي جو ڪنهن به انسان يا جاندار جي جسم منجهان رت وهڻ بند نه ٿئي ته ليمي جو رس لڳائڻ سان سندس رت بند ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن ڪنهن انسان کي نڪ وسيلي رت اچي يعني نڪير ته هڪ ٻه ليمي جي رس جا ٽيپا لڳائڻ سان رت وهڻ پڻ بند تي ويندو ليمي ۾ جسم ۾ لڳل جراثيم وائرس يا انفيڪشن ختم ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت هوندي آهي ليمي ۾ قدرتي اهيا به صلاحيت آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهون کي گردن تا مثاني ۾ پٿريون هجن ته انهن پٿرين کي اندر اندر ڳاري ننڍا ننڍا ذرڙا ڪري ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آهي ۽ گڙدي جي انفيڪشن کي ختم ڪرڻ لاءَ به مفيد هوندو آهي ليمي ۾ پوٽاشيم جو مقدار به چڱو هوندو آهي جنهن لاءَ دل جي مرض لاءَ ته ليمو ڄڻ قدرتي طاقت جي اهميت رکي ٿو دل لاءِ به ليمو نهايت زبردست فائدي مند هوندو آهي ٻيو ته قدرت واري هن ليمي ۾ زبردست نهايت وڻندڙ خوشبو اهڙي ته رکي آهي جو مکي مڇر ۽ ڪيڙا ماڪوڙا هن جي ويجهو به نه ايندا آهن جيڪڏهن نيم گرم پاڻي ۾ ليمي جو رس ملائي پئجي ته معدي جي تيزابيت به ختم ڪري ڇڏيندو آهي ليمون زڪام جي بيماري به ختم ڪرڻ ۾ نهايت مفيد آهي باقي تازا ليمن جو رس پاڻي ۾ ملائي شربت پئڻ سان بواسير گردن جي پٿري ۽ سوسيل رڳن جي بيماري ۾ نهايت اهميت جو حامل هوندو آهي ليمي جو شربت جسم ۾ فوري طور اثر ڪري فالتو چرٻي کي آهستي آهستي ختم پيو ڪندو آهي سڄي دينا ۾ ليمن جي پيداوار جي ڀيٽ ۾ انڊيا پهريون نمبر ميڪسيڪو ٻيو نمبر ارجنٽينا ٽيون نمبر چين ملڪ ڇوٿون نمبر ۽ برازيل پنجي نمبر تي ٻڌايا پيا وڃناڄ ڪلهه ليمن پائوڊر لوڻ سان ملائي ليمي جي رس سان ٿانو صاف ڪيا ٿا وڃن سونهاري سنڌ ۾ ليمن جو فصل گرم نيم گرم ۽ خشڪ آبهوا ۾ ٿئي ٿو ليمي جا چار قسم جو ٿيندو آهي انهن منجهه (يوريڪا ) لزبن (ولافزنڪا ) ۽ ميئر وغيره يوريڪا جي ميوي جو رنگ پچڻ کان پوءِ پيلو ۽ اڀريل ڊگيون گهاريون ٿينديون اٿس شڪل ۾ بيضوي يا ڊگهريڙي رسدار ۽ پيداوار في وڻ ڏيڊ من لهي ٿو ليمي ۾ کٽاڻ 4.48 سيڪڙو۽ مٺاڻ 0.8 سيڪڙو ٿئي ٿو باقي ليمي جي جنس لزبن جو رنگ تيار ٿيڻ مهل پيلو ڇلڪو هموار ۽ سنهو جسامت وچولي رس ۾ ته ڀريو پيو هوندو آهي هم ۾ مٺاڻ 7.0 سيڪڙو ۽ کٽاڻ 5.0 سيڪڙو ٿئي ٿي ولافزينڪا جنس يوريڪا سان مشاهبت رکي ٿو ميئر وري جنس رسدار کٽاڻ وچولي شڪل به ڊگهري ٿيندي اٿس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو