Android Go جيڪو گهٽ ريم تي به بهتر انداز ۾ هلي سگهندو

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ فاروق سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2017۔

  1. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڇا توهان وٽ ائنڊرائيد فون آهي ؟پر ان ۾ 1Gb ريم آهي ته صحيح پر ڇا توهان وٽ اهو بهتر انداز ۾ هلي پيو يا سست رفتار ۾ هلي رهيو آهي؟
    آخرڪار گوگل انهي سست رفتار هلڻ جو حل ڪڍي ورتو گوگل طرفان حاضر آهي Android Oreo 8.1 تي ٺهيل هلڪو ورزن Android Go جيڪو خاص ڪري 1gb يا ان کان گهٽ ريم تي بهتر انداز ۾ هلي سگهي

    [​IMG]
    گوگل Android Go کي هيٺ 3 شين کي نظر ۾ رکندي ٺاهيو آهي.
    • آپريٽنگ سسٽم
    • گوگل پلي اسٽور
    • گوگل ايپس
    هونئن ته آپريٽنگ سسٽم Oreo 8.1 تي مشتعمل آهي پر هن کي اهڙي طرح تيار ڪيو ويو آهي جيئن گهٽ ريم تي به بهتر انداز ۾ هلي سگهي
    Android Go سان گوگل پنهنجون اپليڪيشنز مثلا:Gmail,files Manger,Assistant, Google Search ,YouTube Go,maps,کي به گهٽ سائيز ۾ ۽ بهتر انداز ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ تيار ڪيو آهي جيئن اهي ايپس هلڪي هارڊويئر تي به بهتر ڪم ڪن.صرف اهيو ئي نه گوگل طرفان صارفين کي گهٽ ڊيٽا خرچ ڪرڻ لاءِ Data saver ديفالٽ طور شامل ڪيو ويو آهي.

    Android Go ورزن ۾ هڪ الڳ پلي اسٽور هوندو جنهن ۾ Android Go فونن لاءِ موزون رکندڙن ايپس تجويز ڪيون وينديون ،پلي اسٽور ۾ هن لاءِ هڪ سيڪشن هوندو جنهن ۾ گهٽ سائيزن وارا يپس ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ موجود هوندا

    [​IMG]
    گوگل جي مطابق Android Go ٻين ائنڊرائيد ورزنن کان گهٽ ميموري استعمال ڪندو ۽ اپليڪيشنز کي 15 سيڪڙو تيز کولنديون

    [​IMG]
    گوگل Android Go ايڊيشن کي خاص ڪري ترقي پذير ملڪن،جهڙوڪ :ڀارت،پاڪستان،انڊونيشيا،برازيل لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.گوگل موبائيل فونز ٺاهيندڙن ڪمپنين سان رابطي آهي جيئن Android Go فونز کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائي

    هونئن ته سمارٽ فونن لاءِ پروسيسر تيار ڪندڙ ٻن ڪمپنين Qualcomm ۽ MediaTek ائنڊروئيد گو ايڊيشن جي حمايت ڪندي پنهنجون چپون Android Go لاءِ تيار ڪري ورتيون آهي جيئن سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڪمپنيون پنهنجي پروسيسر مطابق سافٽوير حاصل ڪن.

    اميد ته Android Go سمارٽ فونز ايندڙ سال پهرين مرحلي ۾ پوري دنيا ۾ متعارف ٿي وڃن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو