ضراب حيدر ڪي اين شاھ جي چونڊيل نمائيدن جي پت وائُکي

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Hameed shakeelchandio طرفان آندل موضوعَ ‏8 ڊسمبر 2017۔

  1. Hameed shakeelchandio

    Hameed shakeelchandio
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2017
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    ليکڪ،صحافي۽،سوشل ورڪر ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪي اين شاھ
    ڪجھ ڏينهن اڳ هڪ دوست سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ رکي هئي ۽ جنهن ۾ ان دوست تڪ جي چونڊيل نمائندن طرفان ترقياتي ڪم نه ڪرائڻ تي پول پڌرا ڪيا جنهن تي تڪ جي چونڊيل نمائيندي جي هڪ خاص ماڻھون ان دوست مٿان ڇوھ ڇنڊيندي ان دوست کي جواب ڏيندي چيو ته توهان کي اسان جا ڪيل ترقياتي ڪم نظر ڪون پيا اچن ۽ اُنکانپوء اُن خاص ماڻھون سوشل ميڊيا ۾ تڪ جي ارد گرد ٿيل ترقياتي ڪمن جا تفصيل سان جواب ۾ لکي موڪليا ۽ چيو ته اسان هنن ڳوٺن ۾ ھيترو ڪم ڪرايو, يوسي گوزو,يوسي,گاڏھي۽ ڇوڙ ۾ جيڪي ڪم ڪرايا آھن اهي هن طرح آھن جيڪي توهان کي نظر ڪون آيا,1,,ڪي اين شاھ کان گوزو تائين نڪرندڙ روڊ جو رپيئرنگ ڪم 40ملين جو ٿيل
    2,,ٻرڙا گوزو روڊ مان نڪرندڙ لنڪ روڊ جو ٿيل ڪم 6ملين جي لاڳت سان 3,,ماڏوکان واھ صوبدار,ڳچلن جي ڳوٺ تائين تائين روڊ ڪم 4.5ملين جي لاڳت سان 4,,گوزو ٻرڙا روڊ کان غلام رسول جي ڳوٺ تائين لنڪ روڊ جو ٿيل ڪم 3.7ملين جي لاڳت سان 5,,گوزو کان مٿين آليوال تائين سپريو بند سان روڊ لاء 75ملين جي لاڳت سان ٽينڊر پاس ٿي ويو جنهن جو ڪم مهيني کانپوء شروع ٿي ويندو
    7,,ڳوٺ آعظم ڪوريجو ۾ پيور بلاڪ جو ڪم 4.3ميلن جي لاڳت سان 8,,عبدالغفار جي ڳوٺ ۾ 3ن ملين جي لاڳت سان سي سي بلاڪ
    9,,ڳوٺ بهادرپور ۾ 2.3ملين جي لاڳت سان سي سي بلاڪ 10,,بهادرپور ۽ لعل بخش واٽر سپلائي اسڪيمون ۽ ٻين ڳوٺن سميت 20کان مٿي ٽرانسفارفرمر لڳايا ۽ چينج ڪيا, ۽ وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته اهي ڪجھ اسڪيمون مونکي ياد هيون جيڪي مون اوهان کي ٻڌايون آخر اوهان کي اهي ٽن يوسين ۾ ٿيل ڪم ڇو نظر نٿا اچن!!!!
    انهن سڀني ڳوٺن ۾ ٿيل ڪم يا هلندڙ ۽ رهندڙ ڪمن جي حوالي سان هن اخبار ذريعي جواب ڏيندي تڪ جي چونڊيل نمائيدن کي هن پيغام ذريعي آگاه ڪرڻ ۽ ٻُڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪبلا سائين اسان توهانجي انهن ڳالهين سان سهمت ڪون ٿا ٿي سگهون ڇو جو توهان جي هن سوشل ميڊيا تي ڏنل جواب جو اخلاقي جواب ڏيڻ فرض سمجهون ٿا جيڪو هن ريت آھي ته توهان جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن يا هلندڙ آھن يا انڊر پراسس آھن ته انهن کي ڏٺو وڃي ته انهن ۾ قديمي ڳوٺن جا نالا ڪٽي صرف شخصي نالا لکيا آھن ۽ جيڪي به ڪجھ ڪم هلندڙ آھن ته اهي واقعي به ذاتي مفادي شخصي ڪم ٿيل آھن اهي چاهي سي سي بلاڪ هجن, روڊ, پيوربلاڪ, واٽرسپلائي يا ٽرانفسرمر هجن اهي صرف شخصي ماڻھن جي اوطاقن ۽ گهرن تائين محدود آھن ۽ توهان جي موڪليل جوابن نمبر (5)۾ لکيل آھي ته گوزو کان مٿين آليوال تائين سپريو بند جو روڊ مهيني کن ۾ ھلندو پر منهنجي مطابق 2010کان اهو ساڳيو قصو ٻُڌندا اچون پيا ته ڪم مهيني کن ۾ هلندو هاڻي ڏسڻو اهيو آھي ته اهو مهينو ڪهڙي سال ۾ ايندو جنهن ۾ ڪم جاري ڪيو ويندو, جواب نمبر (9) ۽ (10) ۾ روشني وجهندا هلان ته ڳوٺ بهادرپور جيڪو لڳ ڀڳ 5000 هزار آبادي رکندڙ ۽ ڳتيل ڳوٺ آھي اتي ڪو به سي سي بلاڪ يا ڪو ٻيو ڪم وغيره ڪون ٿيل آھي 25 سالن کان هنن ڳوٺن بهادرپور,ميووه چانڊيو ۽ ماڻون خان چانڊيو ۾ ڪو به ترقياتي ڪم يا ڪا به سهولت هن وقت تائين اوهان جي مهربانين سان انهن مسڪين ڳوٺاڻن کي ملي نه سگهيو رهي ڳالھ بهادرپور ۾ پاڻي لاء واٽرسپلائي اسڪيم جي ته اها اسڪيم هنن ڳوٺاڻن جي نالي سان منصوب نه ڪيو ڇو ته اها اسڪيم صرف لعل بخش واڍا تائين محدود آھي بهادرپور ۾ نه, بهادرپور جا ماڻھون هن وقت تائين 5- 5 ڪلو ميٽر پري پري تائين پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور آھن پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت نه هجڻ ڪري هتان جا ڳوٺاڻا خراب پاڻي پيئڻ سبب مروسي مرض ۾ مبتلا ٿيندا وڃن پيا 100سيڪڙي مان 70 سيڪڙو ماڻھون ننڍا,وڏا , مرد ۽ عورتون هيپاٽائيٽس (سائي) جي مرض ۾ مبتلا آھن ۽ ان موزي مرض وگهي فوتگيون به ٿيون آھن ۽ انهن 35 فوتين جي لسٽ اوهان وٽ موجود به آھي ۽ اوهان اچڻ جي زهمت به ڪئي هئي رات جي اونداهين ۾ صرف چئن يا پنجن ماڻھن وٽ دعائون گهري ان مهل ئي اهو ڪم اڌ تي ڇڏي ڪنهن ڏيکائي افتطاح ڪرڻ لاء جلدي جلدي هليا ويا بهادرپور کان ڇپر ڳوٺ واري روڊ سان راونا ٿيا هيا جيڪو روڊ گهڻي عرصي کان ڀُريل ۽ ٽٽل رهيو جنهن جو ڪم ھن وقت تائين مڪمل ٿي نه سگهيو نه ئي ان جو رپيئر ڪم ڪرايو ويو , مان اوهان کي ٻُڌائيندو هلان ته ڳوٺ ڪڙيو غلام الله کان وٺي ڳوٺ ستاڻي چانڊيو, ڳوٺ ڪور حسين, ڳوٺ واھ صوبدار ۽ ڳوٺ ڳچلن تائين جا رهواسي هن جديد دور ۾ به پاڻي جي ڦڙي لاء سڪي رهيا آھن اتان جا ڳوٺاڻا پنهنجن ڳوٺ کان ڳوٺ ڀنگرن تائين اچي پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ تي مجبور ۽ لاچار آھن ۽ نه ئي انهن ڳوٺن ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ٿيل نه آھي اتان جا ماڻھون هر سهولت کان محروم آھن ۽ پيئڻ جي پاڻي جو به ساڳيو ئي ويڌن لڳو پيو آ ۽ ذرعي پاڻي جو هٿرادو کوٽ جي ڪري هنن پورهيتن جون زمينون ڀنجر ٿي ويون آھن ڪابه آبادي وقت سر ڪون ٿي رهي آھي بيغوديرو شاخ ۽ مساهڙ شاخن جو بند ڪيو پيو وڃي جنهن سبب سوين ڳوٺاڻن ڪي اين شاھ ۾ اچي پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻا به هنيا هئا انکان علاوه ڀنگرن کان مٿي ٻين ڳوٺن ڏانهن سوئي گئس جون لائينون لڳل آھن اتان جي ماڻھن تائين رسائي آھي ته پوء هنن ڳوٺن کي ڇو نظر انداز ڪيو وڃي پيو اگر جي ڀنگر ڳوٺ , پيڄاهو ڳوٺ , ابراهيم ڳوٺ, ڇنڊڻ ۽ ملاحن جو ڳوٺ ۽ ٻُنگن جي ڳالھ ڪنداسين ته انهن کي ڪهڙيون سهولتون مهيا ٿيون آھن انهن جا ڪهڙا مسئلا حل ٿيا آھن انهن ڳوٺن کي ڪهڙو پئيرس بڻايو ويو, گوزو شھرجيڪو تاريخي شھر آھي جتي پير ولي مرشد آھن جنهن جي پنهنجي حيصيت ۽ مقام آھي اهو شھر هن وقت گند ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ٿيل آھي نه ئي اتي گهٽيون ٺھيل آھن نه ئي نالين جو ڪم يا رپيئر ڪرايو ويو آھي اهي ناليون ابتيون وهي اچي گهرن يا گهٽين ۾ وهي ڪري واهن ۽ شاخن جو ڏيک ڏئي رهيون آھن بجلي جو نظام درهم برهم لڳو پيو آھي تارون پٽ تي پيل آھن يا ته وري ڪن هنڌن کان تارن کي لڪڙا ۽ ٿوڻيون ڏنل آھن ٿنڀن جي نه هجڻ ڪري, ديھ بيغيديرو,ديھ گاڏھي ۽ جيجاپور جا ڳوٺاڻا روڊن رستن جي نه هجڻ سبب هر روز پريشاني واري زندگي گهاري رهيا آھن هر مهاذ تي انهن مسڪين اٻوجهن کي نظر اندازُ ڪيو ويو آ ڳوٺ راوت لغاري کان ڳوٺ سهراب ٻگهيو تائين مها ٻوڏ کان وٺي هن وقت تائين لنڪ روڊ ٺھي نه سگهيو جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آھن, آخر اها سڀ ڪنهن جي زميواري آھي ڪير سار لهندو سچ هوئن به ڪوڙو آھي تعليمي ادارن جي ڳالھ ڪنداسين ته مختلف ڳوٺن ۾ اسڪول آھن ته اتي وري استاد ئي نه آھن ڪجھ اهڙا ڳوٺ آھن جيڪي اسڪولن جي بلڊنگ کان وانجهيل آھن يا زبون حالت ۽ ڊھي پٽ پوڻ تي آھن انهن جي ڪڏھن به اوهان سار سنڀال نه لڌي آخر ڇو توهان ڀلا پنهنجي وقتي دور حڪومت ۾ ڪنهن مسڪين ماڻھن کي ڪهڙي نوڪري ڏياري,ها اهيا ڳالھ ڪرڻ ضروري سمجهندس ته توهان بلڪل نوڪريون ڏنيون هونديو اهو به پنهنجا نوازي جي بنياد سان اگر جي ڪٿي به ٽڪي پئيسو جو ڪم ڪرايو هوندو ته اهو به هڪ هٺي ڪري ڪنهن مفاد خاطر شخصي ۽ ڪنهن جا ذاتي ڪم ڪيا هوندا ڪنهن مسڪين پورهيت ووٽر جو ڪو به ڪم نه ڪيو هوندو

    حميدشڪيل
    ڪي اين شاه
    mobil:-03000368844
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو