مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

'مختلف موضوع' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    السلام عليڪم دوستو!
    ڪجه وقت اڳ سنڌيڪا اڪيڊمي جي چيئرمين جناب نور احمد ميمڻ صاحب جن اداري پاران شيخ جلال الدين رومي رح جن جي مثنوي رومي جناب غلام محمد شاهواڻي صاحب جن جي شرح سان عنايت ڪئي هئي، اڄ ان جي مطالعي دوران خيال آيو ته ڪتاب جي شروعات ۾ مولانا رومي رح جن جو مختصر تعارف لکيل آهي سو ان کي ڇو نه سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪجي خاص طور تي ڪجه وقت اڳ اسان پنهنجي فورم تي هڪ تصوير مقبري جي ونڊ ڪئي هئي ان حساب سان ته هيءُ روضو پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جو آهي پر بعد ۾ عزت مآب جناب نثار ابڙو سائين جن اها وضاحت ڪئي هئي ته اهو مقبرو علامه رومي رح جن جو آهي.
    سنگت کي اهو احساس ته ضرور هوندو ته مونکي اهو مواد ڪتاب کان ڪمپوز ڪرڻ ۾ ڪيتري محنت ڪرڻي پئي هوندي.
    بحرحال سنڌ سلامت جي سنگت لاءِ حاضر آهي.
    اميد آهي ته منهنجي ڪاوش پسند ايندي.


    مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه جو اصل نالو محمد هو پوءِ سندس لقب جلال الدين مشهور ٿيو جيئن ته هن ننڍپڻ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين روم (ايشياٽڪ ترڪي جو اصلوڪو نالو) ملڪ ۾ گذاريو هو تنهنڪري (رومي) سڏجڻ ۾ آيو.
    مولانا جلال الدين رحمه الله تاريخ 6 ربيع الاول هجري 606 هجري (سنه 1193ع) ۾ بلخ شهر ۾ ڄائو هو جو سندس اباڻو وطن هو سندس ڏاڏو حسين بلخي (عليه الرحمه) وڏو مشهور صوفي درويش هو جنهن کي وقت جا بادشاه به گهڻي عزت ڏيندا هئا خراسان جي بادشاه محمد خوارزم شاه پنهنجي ڌيءَ جو سنڱ حسين بلخي رحمه الله کي ڏنو هو جنهن مان مولانا رومي رحمه الله جو والد شيخ بهاءُ الدين صوفي رحمه الله پئدا ٿيو بهاءُ الدين بلخي رحمه الله به وقت جو ڪامل صوفي درويش هو ان وٽ خلق جي تمام گهڻي اچ وڃ ۽ مڃتا ڏسي وقت جي حڪومت کي ڪي سياسي شڪ شبها پيدا ٿيا تنهن ڪري شيخ بهاءُ الدين بلخي رحمه الله ٽن سون خاص مريدن سميت بلخ مان هجرت ڪئي ان وقت مولانا رومي جي عمر ڇهه وريهه هئي شيخ بهاءُ الدين رحمه الله سفر ڪندي پنهنجي اٽالي سميت جڏهن نيشاپور پهتو تڏهن فريد الدين عطار (عليه الرحمه) سندس زيارت لاءِ آيو مولانا رومي رحمه الله جي چمڪندڙ پيشاني ڏسي شيخ بهاءُ الدين رحمه الله کي عرض ڪيائين ته (هن ننڍڙي املهه ماڻڪ جي خبرداريءَ سان سنڀال ڪجو، انشاءَ الله تعالي ڏينهن جو ڏيو ٿيندو)
    شيخ بهاءُ الدين بلخي بغداد حجاز شام زنجان کان سفر ڪندو روم (ايشياٽڪ ترڪي) جي شهر قونيه ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي ۽ اتي تاريخ 18 ربيع الثاني هجري 628 (1217ع) ۾ رحلت ڪيائين ان وقت مولانا رومي رحمه الله جي عمر چوويهه وريهه هئي.
    مولانا رومي رحمه الله کي شروعاتي تعليم سندس والد صاحب ڏني هئي پوءِ سندس والد جو خاص مريد سيد برهان الدين محقق مشهور عالم ۽ درويش سندس اتاليق (استاد) مقرر ٿيو والد جي وفات کان هڪ سال پوءِ مولانا رومي رحمه الله حلب شهر جي (جلاديه مدرسي) ۾ وڃي تعليم ورتي جتي تفسير حديث فقه ۽ عربي زبان جي ٻين علمن ۾ نهايت قابل ٿي ويو.
    مدرسه جلاديه مان دستار فضيلت (قابليت جي سند) حاصل ڪرڻ بعد مولانا رومي قونيه ۾ موٽي آيو ۽ اتي ديني علمن جي تعليم جو مدرسو اچي کوليائين جتي پاڻ تعليم ڏيندو هو وعظ ڪندو هو ۽ شرعي فتوائون لکندو هو ۽ پوريءَ طرح عالمانه زندگي گذاريندو هو ۽ صوفيانه (سماع) کان پرهيز ڪندو هو.
    مولانا شمس تبريزي (عليه الرحمه) جيڪو مشهور خدا شناس صوفي هميشه سوداگرن جي لباس ۾ ملڪن جا ملڪ گهمندو وتندو هو جتي ويندو هو اتي مسافر خاني ۾ رهندو هو سماع ۽ فقيراڻين مجلسن ۾ مشغول رهندو هو انهيءَ ڪري هو ملڪن ۾ مشهور هو ۽ شهر شهر ۾ سندس طالب ۽ مريد هئا اهو ڪنهن ڏينهن قونيه شهر جي مسافر خاني ۾ اچي لٿو شهر ۾ هل پئجي ويو ته شمس تبريز رحمه الله شهر ۾ آيو آهي.
    قونيه شهر جو وڏي ۾ وڏو مولوي ۽ تقوي جو صاحب مولانا رومي رح هوندو هو تنهن جڏهن شمس تبريزي رح جي اچڻ جي خبر ٻڌي تڏهن عالمانه لباس پائي پنهنجا خاص شاگرد پاڻ سان ڪري مسافر خاني ۾ شمس تبريزي رح سان ملاقات ڪرڻ ويو ۽ ارادو هوس ته هن جا ڪي غير شرعي ڪم هجن ته انهن جي ڇڏڻ لاءِ هدايت ڪريانس جڏهن شمس تبريزي رح سان اچي ملاقات ڪيائين ۽ پاڻ ۾ ڳچ وقت تائين شريعت ۽ طريقت بابت گفتگو ۽ سوال جواب ڪيائون ۽ اکيون اکين سان ملي وين تڏهن شمس تبريزي اهڙي ڪا روحاني نظر ڪئي جو مولانا رومي رح عالمانه لباس لاهي ڦٽو ڪري شمس تبريزي رح سان گڏ بيهي سماع ڪرڻ لڳو ۽ هن سان گڏ چلو ڪڍي مراقبي ۾ ويهي رهيو.
    قونيه شهي جي عام خاص ننڍن وڏن مردن توڙي زالن ۾ هاءِ هاءِ! ۽ ٿرٿلو پئجي ويو ته هي ڪهڙو جادوگر آيو آهي جنهن اسان جو عالم سڳورو مست ڪري ڇڏيو آهي آخر ڪي ماڻهو شمس تبريزي رح کي قتل ڪرڻ لاءِ به سنڀريا شمس تبريزي رح ته رمتو فقير هو سو راتو واه قونيه مان نڪري ويو ۽ وڃي دمشق کان نڪتو شمس تبريزي رح جي گم ٿي وڃڻ کان پوءِ هن جي فراق ۾ مولانا رومي رح هيڪاري حال کان بي حال ٿي ويو مولانا رومي جو فرزند سلطان ولد ڳچ جيترا ماڻهو ساڻ ڪري مولانا رومي کان هڪڙو خط جو نهايت درد ڀريل نظم جي صورت ۾ هو سو وٺي شمس تبريزي رح کي ڳولڻ نڪتو ۽ آخر دمشق مان هن کي وٺي اچي قونيه ۾ مولانا رومي رح وٽ رهايائين تنهن کان پوءِ هجري سنه 645 (1233ع) ۾ مولانا شمس اوچتو گم ٿي ويو ۽ وري روءِ زمين تي پڌرو نه ٿيو (نفحات الانس) ڪتاب ۾ لکيل آهي ته مولانا شمس رح کي مولانا رومي جي ٻئي فرزند علاءُ الدين قتل ڪرائي سندس لاشو ئي گم ڪرائي ڇڏيو هو.
    مولانا شمس تبريزي رح جي شهادت کان پوءِ مولانا رومي (عليه الرحمه) جو درد ۽ فراق زياده ڄڀيون ڪرڻ لڳو قونيه شهر ۾ شيخ صلاح الدين نالي هڪ درويش سونارو رهندو هو جو سيد برهان الدين محقق ۽ خدا رسيده جو مريد هوندو هو سو پنهنجو ڌنڌو ڦٽو ڪري مولانا رومي رح جي دل کي گهڻو ٺاريو ۽ آرام بخشيو نون ورهين کان پوءِ شيخ صلاح الدين وفات ڪئي جنهن جي تربت مولانا رومي رح پنهنجي والد جي تربت سان گڏ ٺهرائي.
    شيخ صلاح الدين جي وفات کان پوءِ شيخ حسام الدين چلبي جيڪو مولانا رومي رح جو نهايت پيارو ۽ سعادتمند مريد هوندو هو سو اچي سندن صحبت ۾ رهيو مولانا رومي رح ۽ شيخ حسام الدين هڪٻئي جو اهڙو ادب رکندا هئا جو سمجهي ڪين سگهبو هو ته ٻنهي مان ڪهڙو مرشد آهي ۽ ڪهڙو مريد آهي مولانا رومي رح (مثنوي شريف) ۾ جيتري قدر مولانا شمس تبريزي رح ۽ شيخ صلاح الدين جي نيڪي ڳائي آهي تنهن کان گهڻو وڌيڪ شيخ حسام الدين چلبي جون نيڪيون بيان ڪيون اٿس.
    شمس تبريزي رح جي ملاقات ۽ صحبت کان پوءِ مولانا رومي رح جا مدرسا ۽ وع ڇٽي ويا هو سدائين عبادت مراقبي ۽ سماع ۾ گذاريندو هو درويشن ۽ مريدن جون قطارن جون قطارون هر وقت سندس محفل ۽ مجلس ۾ حاضر رهنديون هيون ذڪر ۽ سماع جي لولي لڳي پئي هوندي هئي.
    وقت جا حاڪم ۽ امير سندس زيارت لاءِ ايندا هئا ۽ قيمتي نذرانا اڳيائينس اچيو رکندا هئا سڀ خير خيرات ۾ ڏيو ڇڏيندو هو سندس عيال هميشه مسڪينيءَ جي زندگي بسر ڪندو هو.
    مولانا رومي رح اٺهٺ ورهين جي ڄمار ۾ تاريخ 25 جماد الثاني هجري سنه 672 (عيسوي سنه 1260) ۾ قونيه شهر ۾ وفات ڪئي جتي سندس عاليشان درگاه اڄ تائين قائم آهي.

    ابو عبد الله طاهر سنڌي
    ڪنڌڪوٽ​
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    سهڻا طاهر، ” چڱا ڪن چڱايون “ واري ڳالهه جيئان اوهان جهڙا پاڻ چڱا ۽ سهڻا تهڙا ئي اوهانجا ليک سهڻا ۽ قميتي آهن ۔۔۔

    ڀلا جلال الدين رومي رحه کي ڪير نه سڃاڻيندو هوندو، جنهن لطيف کي پڙهيو ڄڻ ته روميءَ کي پڙهيو، ڪيترو وڏو انسان هوندو رومي جنهن جو ڪلام اسانجو سهڻو لطيف هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هو ۔۔۔ لطيف سرڪار سان هميشه هر جاءِ تي ٽي ڪتاب گڏ هوندا هئا
    الله جو ڪلام قرآن الفرقان
    روميءَ جو ڪلام
    ۽ سندس ڏاڏا سائينءَ شاه ڪريم جو ڪلام

    دوستو! چوندا آهن ته ڪنهنکي سڃاڻڻو هجي ته سنگت مان سڃاڻجي انڪري جي مولانا روميءَ کي سڃاڻڻو هجي ته لطيف کي سڃاڻو ۽ جي لطيف کي سڃاڻڻ چاهيو ته روميءَ کي سڃاڻو ۔۔۔ هڪ ئي فڪر جا ٻه رنگ ۔۔۔

    مهرباني دوست!
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    مانَ وارا اوهان جي مهرباني هن عاجز جي ڪاوش تي ٻه اکر لکي چار چنڊ لڳائي چڏيا اوهان
    لک لائق
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه


    مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه​


    سائين عبدالله طاهر سنڌي صاحب توهان جا لک لائق ۽ قرب جو توهان ايڏي وڏي شخصيت جو تعاراف سنڌ سلامت تي پيش ڪيو، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، سائين مان ته امام محمد غزالي صاحب، شيخ سعدي، جلال الدين رومي ، شاه عبداللطيف ڀٽائي رح جن کي ته پنهنجو روحاني استاد ۽ مرشد ڪري وٺندو آهيان، جلال الدين جي بزرگي ۽ سندس مثنوي کان شايد ڪير واقف نه هجي، ( علم ادب سان چاه رکندڙن مان ) رومي صاحب ته اها شخصيت آهي جنهن جي مثنوي سنڌ جو سدا حيات شاعر ۽ بزرگ جناب حضرت شاه عبدللطيف ڀٽائي رح صاحب هميشه ساڻ رکندو هو، جنهن جو اثر سندس شاعري ۾ به ملي ٿو، توهان جلال الدين رومي صاحب جي شخصيت تي مضمون لکي ڪري سنڌ سلامت جي فورم کي چوڏهن چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن جنهن لاء اوهان جي مهرباني۔
    اگر ناراض نه ٿيو ته مان توهان جي مضمون سان گڏ محترم جناب جلال الدين رومي صاحب جي مثنوي ( سنڌي ۾ ترجمو ٿيل )هت پيش ڪريان ٿو جنهن کي سنڌ سلامت جا دوست ڪلڪ ڪري پڙهي سگهن ٿا،

    نوٽ هيٺ لکيل ( رومي جون رهاڻيون ) تي ڪلڪ ڪري جلال الدين رومي جي مثنوي سنڌي ۾ پڙهي سگهو ٿا۔
    روميء جون رهاڻيون ​

    رومي صاحب جي خيالي تصوير​

    [​IMG]
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    طاهر صاحب جو ليک ۽ مٿان وري ممتاز وگهيي صاحب جو “رومي جون رهاڻيون” ونڊ ڪرڻ ۔۔۔ منڊي تي ٽڪ جو ڪم ٿيو ۔۔۔
    ٿورا ناهن ٿوارا مونتي ماروئڙن جا ۔۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    سائين ابڙا صاحب توهان جون مهربانيون جو توهان منهنجي ان ونڊ کي پسند ڪيو
     
  7. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    قرآن مجيد ۾ الله تبارڪ وتعالي تمام عربن کي چيلنج ڪيو آهي جيڪڏهن توهان هن جي ڪلام الهي هجڻ ۾ شڪ آهي ته انهي جهڙو ڪلام ٺاهي ڏيکاريو پر يا انهي ۾ موجود ڪا اهڙي سورت يا آيت ٺاهي ڏيکاريو عرب پنهنجي مڃيل فصاحت ۽ بلاغت جي باوجود عاجز اچي ويا ڪنهن به شاعر يا اديب اها هام نه هنئي ته ته قرآن مجيد جهڙو ڪو ڪلام ٺاهي ويندو
    پر مشهور مسلمان شاعر رومي ئي اها دعوي ڪري ٿو ته

    مثنوی مولوی معنوی رومی"
    ہست قرآن درزبان پہلوی

    رومي جي مثنوي فارسي زبان ۾ قرآن آهي
    ڇا اهڙي دعوي ڪندڙ کي اسين پنهنجو بزرگ مڃي وٺون
    اميد ته قرآن جي عظمت کي سامهون رکي جواب تحرير ڪندا
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    ادا بشير احمد جي اوهان پنهنجي ڳالهه جي ٿورڙي وضاحت ڪندا ته مهرباني ٿيندي
    جيتري تائين مونکي خبر آهي ته صوفياء ڪرام جن وٽ الفاظن کي وڏي اهميت آهي
    ڪجهه لفظن جي ظاهري ته ڪجهه لفظن جي باطني معني به ٿيندي آهي اهڙا مثال (جن ۾ ظاهري ۽ باطني مفهوم نڪري) خود قرآن مجيد عربي توڙي سنڌي يا هر ٻولي ۾ ملن ٿا۔
    پيارا ڀاءُ ضرور وضاحت ڪندا اهو پڻ ٻڌائيندا ته اوهان جو هن جي باري ۾ ڇا خيال آهي:

    جي بيت ٿو ڀانئين سي آيتون آهين
     
  9. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    ادا طاهر توهان ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو صوفي پنهنجي عجيب ۽ غريب ڪتاب جي باري ۾ چوي ته ؛
    هي ڪتاب قرآن آهي
    توهان پنهجي دل تي هٿ رکي ٻڌايو توهان اتي ويهي باطني معنائون تلاش ڪندا
    ڪو صوفي ڪنهن گهر جي باري ۾ چوي ته :
    هي ڪعبة الله آهي ۔
    ته ڇا توهان اتي ويهي باطني معنائون تلاش ڪندا ؟
    جيڪڏهن انهي دائري کي وسيع ڪيو ويو ته کري ۽ کوٽي ، غلط ۽ صحيح جو فرق ئي ختم ٿي ويندو
    باقي شاھ صاحب جي شاعري به قرآن ۽ حديث کان بالا نه آهي شاھ جي شاعر ي کي قرآن ۽ حديث جي تناظر ۾ ڏٺو ويندو
    بهرحال هن وقت موضوع بحث شاھ جي شاعري نه بلڪه رومي جا نظريات آهن
    هڪ سوال جي جواب کانپو نئون سوال اٿاريو وڃي
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    جيئن مون سمجهيو آهي؛

    هڪ مسلمان جي حيثيت ۾ اسانکي هر بزرگ جي ڪلام کي قرآن ۽ سنت جي منظر ۾ ڏسڻ گهرجي ۔۔۔ چاهي هو هند جو هجي يا سنڌ يا وري هجي فارس يا چين جو ۔۔۔ جيڪڏهن سندس ڪلام ۾ الله ۽ انجي رسول جي تعليم موجود آهي ته چئبو ته هن اسلامي تعليم جي پرچار ڪئي آهي يا چئبو ته قرآني علم جي پرچار پنهنجي زبان ۾ ڪئي آهي ۔۔۔ ۽ جيڪڏهن سندس ڪلام قرآن ۽ سنت جي خلاف هوندو ۽ دعوا قرآن جي ڪندو ته انکي قبول نه ڪبو بلڪه ان خلاف جهد ڪبو ۔۔۔

    جيڪڏهن مولانا رومي قرآن جي تعليم کي سمجهائيندو ته چئبو ته هن قرآني علم پيش ڪيو آهي ۽ جي لطيف سڳوري قرآن جي تعليم سمجهائي آهي ته چئبو ته آيتن جي سمجهاڻي يا آيتون سنڌيءَ ۾ پيش ڪيون اٿس۔

    جيئن لطيف سڳوري جو هڪ بيت آهي ته؛

    اول الله عليــــم، اعـــلا عــــالـــم جو ڌڻـــــــي،
    قادر پنهنجي قدرت سيـــــن قائم آهي قديــــم۔
    والــــي، واحــــد، وحــــده، رازق رب رحيــــــــــم،
    سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمــد حڪيــــم،
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهـان جي۔

    لطيف جي هن چيل بيت کي چئبو ته قرآن جي سمجهاڻي ڏني اٿس ۔۔۔ اهڙي طرح سان ڪنهن به شاعر يا صوفي بزرگ جي تعليم کي پرکيو ويندو ۔۔۔

    ٻي ڳالهه جا ڪنهن به صوفي بزرگ جي تعليم سان لاڳو ڪبي اها آهي سندس پيغام کي حصن ۾ ورهائڻ ۔۔ هڪ حصو روحاني تعليم ۽ ٻيو سماجي تعليم ۔۔۔ روحاني تعليم ۾ مطلب ته الله جي ذات ۽ ان جي حيثيت تي ويچار ونڊڻ ۔۔۔ سماجي تعليم مطلب ته ان وقت جي حالتن ۽ ان قوم جي ثقافت ۽ دين جي اصولن سان ڀيٽ کائيندڙ پيغام ۔۔۔

    مثال ؛ لطيف جو هي بيت؛
    هــــو چـــــوني، تـــون م چئو واتئــــون ورائي،
    اڳ اڳــــــرائي جــــــو ڪري، خطا سو کائي،
    پاند ۾ پائي ويو۔ ڪيني وارو ڪينڪي۔

    مٿي بيت ۾ لطيف هڪ سماجي مسئلي کي دين جي اصولن جي پٽاندر سمجهايو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪينو يا بّغض دين ۾ رکڻ حرام آهي ۽ اهڙي ماڻهونءَ جو پاند خالي رهندو ۔۔۔

    يا وري اڳتي هلي لطيف سرڪار چئي ٿو ته

    جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه،
    ڇڏي سارو ڏيهه، اڱڻ اچــج انهن جـــي۔

    مٿئين بيت ۾ لطيف سرڪار سماجي سچائيءَ کي بيان ڪيو آهي ته انهن ماڻهن سان ئي رهاڻ ۾ مزو ۽ ڪجهه حاصل ٿيندو آهي جن وٽ سچائي ۽ پيار هجي، ان ڳالهه جو سماج سان ۽ دين سان پڻ ربط آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ قرآن يا حديث ۾ اهڙي ڪا ڳالهه لکيل ڪانهي پر پوءِ به انجو تعلق دين سان آهي جو سچ جي پرچار آهي ۔۔۔ سچ جي پرچار جڏهن ڪو مسلمان بزرگ ڪري ته اها ڳالهه به دين جي ئي ٿيندي ۔۔۔

    باقي جيڪڏهن ڪو شاعر يا بزرگ پنهنجي پيغام کي الهام چوي يا الله جو ڪلام چئي يا پيغمبريءَ جي دعوا ڪري يا پنهنجي ڪلام کي قرآن چوي ته اسلام ۾ اهڙي ڳالهه جي ڪا گنجائش ڪانهي ۔۔۔ ها جيڪڏهن ڪو بزرگ اهو چوي ته سندس ڪلام قرآن جي سمجهاڻي آهي تشريح آهي يا قرآن جي تفسير آهي ته بيشڪ ڳالهه مڃبي ۔۔۔
     
  11. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    جيڪڏهن مولانا رومي قرآن جي تعليم کي سمجهائيندو ته چئبو ته هن قرآني علم پيش ڪيو آهي

    پر حقيقت انهي جي الٽ آهي
    باقي شاھ لطيف جي حوالي سان مسقل ٿريڊ پيش خدمت آهي
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    ادا بشير اوهان وڏن بزگن جي باري ۾ هي ڇا لکي رهيا آهيو؟
     
  13. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: مولانا جلال الدين رومي عليه الرحمه

    منهنجا ڀاءَ سڀ بزرگ قابل احترام آهن پر ڪو به بزرگ قرآن ۽ حديث کان مٿي نه آهي جيڪڏهن ڪنهن جي ڳالھ قرآن ۽ حديث جي خلاف آهي ته ان کي هرگز به نه مڃيو ويندو ۽ انهي جي ڳالھ کي غلط چيو ويندو ۽ بزرگن جي اهائي نصيحت آهي
    امام شافعي رحمه الله فرمائيندو هو :
    منهنجي ڳالھ کي حديث جي خلاف پايو ته حديث تي عمل ڪجو ۽ منهجي ڳالھ کي ڀت سا هڻجو

    انڪري الحمد لله آئون انهي فرمان تي عمل ڪندي بزرگن ۽ ولين جي پيروي ڪري رهيو آهيان توهان وٽ جيڪڏهن ڪو علمي مواد آهي ته ونڊيو باقي عجيب ۽ غريب جملا نه ڪسيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو