ڊائري جا ڏک سور به ڪئليندر جيان بدلجن ها

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مدهوش مير انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏11 ڊسمبر 2017۔

  1. مدهوش مير انصاري

    مدهوش مير انصاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 نومبر 2015
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    منافقط کان وڌيڪ ٻيو ڌندو ڪهڙو هن دور ۾
    مدهوش مير
    هر سال جيان هن سال جو سج به شام جي وقت ۾ پنهنجي لال لالاڻ ۾ ڪڪرن جو نقاب پائي ڪنهن حسين ڪنوار جيان شرمائي لڪي ويو، نئين سال جي آمد ٿي رهي آهي، هر ڪو ماڻهو نئين سال لاء نئيون سوچيون رٿيون ويٺو آهي، ته نئين سال ۾ اسان لاء نئوان سج، اڀرندا نئيون خوشيون ملنديون، نئين سال ۾ رڳو ڪلينڊر ئي نه ٿا بدلجن پر ڊائريون به بدلجن ٿيون جن ۾ اسان پنهنجي ڏکن سورن صدمن خوشين جون خبرون، ڏکن جا نوحا، لکندا آهيون، نئين سال جي آمد تي ماڻهو ڊائريون ته بدلائيندا آهن، پر انهن ڊائرين ۾ سالن جا سور صدما پراڻيون يادون دفن ٿيل هونديون آهن، سال بدلجندا رهندا صديون گذرنديون رهنديون پر انهن ڊائرين جي ورقن تي ٻڌل سورن جو صفون ڪڏهن به سجدي جو رخ نه ٿيون وٺي سگهن، ڊائرين جي انهن ورقن ۾ سانڊيل يادون ذهنن جي قيد خاني مان ڪڏهن به آزاد نه ٿي سگهنديون،ـ اي ڪاش اسان جي زندگي جا ڏک سور به ڪئلينڊر جيان ڪنهن نئين سال وانگر بدلجن ها، هر ڪا نئين ڊائري به نيٺ پراڻي ٿيندي رهندي پر انهن ڊائرين جي صفي صفي تي گرم ڳوڙهن جي قطارن سان لکيل سورن جون سورتون ۽ ڏکن جي نوحن جو لفظ لفظ جڏهن به پڙهيو ويندو، تڏهن ان سال کي به ان سڏڪن واري صليب تي لٽڪيل پنهنجو وجود ملندو، صحراء جهڙي گرم ريت تي تڙپيل پنهنجو وجود ملندو، جڏهن به ڪنهن نئين سال جي ڊائري جا پنا ڦلهوربا تڏهن اهو ماڻهو سوچن جي سمنڊ ۾ ضرور گوتا کائي تڙبي تڙبي اذيت ناڪ موت جي ننڍ ۾ پاڻ کي آرامي محسوس ڪندو،
     
    گلاب ڪمار ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو