اک الٽي ڌار – سنڌي تنقيد جي اهم وک

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ محمد طارق مهيسر طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2017۔

  1. محمد طارق مهيسر

    محمد طارق مهيسر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    وڪيل
    ماڳ:
    خيرپور
    اک الٽي ڌار – سنڌي تنقيد جي اهم وک
    تبصرو ڪندڙ: محمد طارق مهيسر


    تنقيد ادبي دنيا جو هڪ اهڙو ڏکيو ڪم آهي جنهن کي ادبي دنيا جي ٻين ڪمن کان گهٽ پزيرائي يا مڃتا ملي ٿي، گڏوگڏ تمقيد ڪرڻ ٻين مضمونن کان وڌيڪ مشڪل به آهي. سنڌي ادب ۾ تنقيد ڪندڙ يعني نقاد کي تمام بري نظر سان ڏٺو ٿو وڃي، انهئ ڪري سنڌي ادب ۾ نقاد گهٽ ٿا ملن. پر انهن سڀني مشڪلاتن هوندي به هن وقت سنڌ ۾ بهترين نقاد جي حيثيت ۾ علم دوست ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي چيئرمين علامه حزب الله آء سومرو جو نالو نمايان آهي. جيڪو گهڻي وقت کان ڪيترين ئي ڏکيائين هوندي مسلسل تنقيد تي ڪم ڪري رهيو آهي. جنهن جو تازو ڪتاب ” اک الٽي ڌار “ ڇپچي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. هن ڪتاب جي حوالي سان مان ان ڳالھ تي روشني وجهان ته شايد تنقيد کان نفرت ۽ نا پسند ڪندڙ ادبي دوستن کي هن پاسي ڏي ڌيان ڇڪائي سگهجي ٿو اهو علامه حزب الله آء سومرو جو پنهنجو پاڻ تي تنقيد آهي. انهئي کان وڌيڪ مان سمجهان ٿو ته ڪو ٻيو دليل ڪونه هوندو، پر ان کان به وڌيڪ بهتر ائين ٿئي ها ته حزب الله آء سومرو تي ڪو ٻيو تنقيد ڪري ها پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي نه ڪئي ۽ ان ۾ تنقيد جي گنجائش به هئي ته سائين اها پاڻ ئي ڪري ڇڏي. مخدوم عثمان ۽ شيخ عثمان، هالاڻي واري جنگ جو هجري سال، پير صاحب پاڳارو ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ، مير فيض محمد ٽالپر جي حڪومت جي شروعات ۽ کرڙي جو ميدان ڪٿي؟ حزب الله آء سومرو جا اهي عنوان آهن جن ۾ غلطي جي گنجائش جي ڪري سائين انهن کي درست ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته غلطي انسان کان ئي ٿيندي آهي ڇا جي ڪري جو انسان نا مڪمل آھي.
    علامه حزب الله آء سومرو جي اصل نقاد هجڻ جو هڪ ٻيو دليل اهو به آهي ته هن ڪڏهن به ڪنهنجي شخصيت تي غلط ڪونه لکيو آهي بلڪه انهن جي لکڻين ۾ جيڪڏهن ڪا معلومات غلط لکيل آهي ته انهن کي درست ڪري مڪمل دليلن ۽ مفهومن سان عوام آڏو پيش ڪيو آهي. جنهن جو اظهار ناليواري اديب عاجز غلام رسول ابڙو پڻ ان ئي ڪتاب ۾ ڪيو آهي ته ” هو بجاء شخصي تنقيد جي تحقيقي حوالي سان ان جي موضوعن تي لکندو آهي “. تنقيدي ڪم کي جيڪڏهن ناليواري شاعر ۽ اديب پروفيسر انور پرديسي جي ورهايل حصن ۾ ڏسبو ته پوء ڪنهن کي ڪاوڙ ڪرڻ جو ڪو حق نه ٿو رهي. انهن حصن کي انور پرديسي انهي ڪتاب ۾ ڪجھ هن ريت بيان ڪيو آهي.
    1- مهزب ٻولي جو استعمال
    2- ڳالھ جو ثبوت
    3- مختصر ۽ جامع ڳالھ
    4- نوان عنوان
    5- فن ۽ فڪر تي زور
    6- تاريخي ۽ ادبي درستگي
    هن ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حزب الله آء سومرو واقعي انهن مٿي ذڪر ڪيل ڇهن حصن کان ٻاهر ڳالھ ڪونه ڪئي آھي ,ھن ڪتاب ۾ ھي 25 مضمون شامل آهن.
    1- پنهنجو پاڻ تي تنقيد
    2- حسام الدين راشدي جي ڪتاب سنڌي ادب تي تنقيدي نظر
    3- ڊاڪٽر تنوير عباسي جي هائيڪن تي تنقيد جي ڇنڊڇاڻ
    4- سومرا دور سان منسوب گنان جي غير مستند حيثيت
    5- ناميارو ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو ترجمي ڪرڻ ۾ ڪچو نڪتو
    6- تاجل بيوس جي تنقيد جو جواب هائيڪو تي اجايون پابنديون ڇو
    7- نصير مرزا جا هڪ ئي سال ۾ ڪجھ اعتراف
    8- نصير مرزا جون تاريخي غلطيون
    9- علامه آء آء قاضي تي ايڏي ڪاوڙ ڇو؟
    10- راشد مورائي جي ڪهاڻي ”پاڻي تي پهرو“ جو جائزو
    11- وساري نه ڇڏجو“ بابت لکيل تحريرن جو جائزو
    12- ڇا اياز گل بهترين مضمون نگار آهي؟
    13- اياز گل جي تنوير عباسي بابت ڏنل ناقص ۽ غلط ڄاڻ
    14- ”دک جي نه پڄاڻي آ” بابت راين جو جائزو
    15- ڪوٽڏجي قلعي بابت الطاف اثيم جي مضمونن جو جائزو
    16- اختر درگاهئ جي بيدل جي حوالي کان تحريرن جو جائزو
    17- اختر درگاهي کان بيڪس بن بيدل بابت غلطي
    18- پروفيسر سرور سيف جي بيدل فقير بابت لکڻي جو جائزو
    19- ڇا سنڌي ۾ هر لفظ جو پويون اکر متحرڪ آهي
    20- سنڌي ٻولي ۾ ساڪن ۽ متحرڪ وارو بحث
    21- سنڌي مزاج مطابق وزن بحر
    22- امداد حسيني جي غلط بياني
    23- وحيد محسن جي غزل ” ديپ جيڪو ٻري“ جو جائزو
    24- ڇا شڪارپور جا در ڌڪن سان وڌندا رهندا
    25- اهو ظاهر منجھ ظاني آهي!
    مٿي ذڪر ڪيل اهي سڀئي مضمون جيڪي حزب الله آء سومرو ادب، تاريخ، مزهب ۽ فلصفي بابت مختلف اديبن پاران لکيل مضمونن جي موٽ ۾ لکيا آهن اهي سڀ هن ڪتاب جي زينت آھن. جڏھن ته هن ڪتاب ۾ منير سولنگي، انور پرديسي، عاجز غلام رسول ابڙو ۽ فياض عباسي پنهنجا رايا ڏنا آهن، جڏھن ته پيش لفظ سائين حزب الله آء سومرو پاڻ لکيو آھي۽ بئيڪ ٽائيٽل تي سچل ڀٽي لکيو آهي. علم دوست ادبي سنگت سنڌ پاران هي ڪتاب ڇپرايو ويو آھي. وڻندڙ ۽ رنگين ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ 112 صفحا آھن، ڪتاب جي قيمت 100 روپيا رکي وئي آھي.
     
    يوسف جميل لغاري ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهڻي تحرير

    حزب الله مثبت ۽ تحقيقي تنقيد ڪندو آهي. اوهان جو تبصرو وڻيو.
     
    محمد طارق مهيسر هيء پسند ڪيو آهي.
  3. محمد طارق مهيسر

    محمد طارق مهيسر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    وڪيل
    ماڳ:
    خيرپور
    سائين لک قرب
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  4. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه

    طارق ڀاءُ زبردست
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو