گزارش افتخار علي چوهاڻ

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 ڊسمبر 2017۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    السلام عليڪم ورحمۃ الله وبرڪاته!
    منتظمين سنڌ سلامت فورم سائين رشيد سمون، سائين سليمان وساڻ ۽ ٻيا قابل قدر حضرات جئين ته آئون هڪ وڏي عرصي بعد ٻيهر هن محفل ۾ آيو آهيان ان پٺيان ڪي خاص اسباب به آهن جهڙوڪ ڪجه مضمون ڪجه يادون آئون هن فورم ۾ ڇڏي ويو هئس پر نهايت فرط حيرت ۾ پئڄي ويس جو منهنجي مضمونن جو وڏو تعداد مونکي نه ملي سگهيو... شايد اسلام سيڪشن کي ختم ڪرڻ سبب ائين ٿيو ڇو ته منهنجا گهڻا مضمون هن ئي سيڪشن ۾ هوندا هئا.... قابل احترام سڄي ٽيم سان التماس آهي ڇا اهي مضمون مونکي ٻيهر دستياب ٿي سگهن ٿا؟
    جواب جو منتظر اوهان جو ڀاء
    افتخار علي چوهاڻ
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    توهان جي ڳالهه انهن تائي پهچاجي ٿي
     
    افتخار علي چوهاڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    ادا عرس لک لائق....
    فورم جو سست رفتاري ۽ انتظاميه جي فورم کان دوري تي نهايت ڏک پهتو آهي...اهڙو مقبول فورم ۽ عدم توجهي جوشڪار يقينن ڪنهن سانحي کان گهٽ نه آهي....
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وعليڪم سلام

    سائين اوهان واقعي ئي کوڙ ڏينهن پڄاڻان فورم تي آيا آهيو. سنڌ سلامت فورم ۽ اسان جا سڀ ڊومين بند ڪرائڻ لاءِ هڪ سازش هلي رهي هئي ۽ ان جو سبب اسلامي سيڪشن ۾ موجود ڪجهه مواد مان اسڪرين شاٽ وٺي اهي شيئر ڪيا پئي ويا، جن سان فورم انتظاميه جو واسطو ڪونه هو.
    اهو ئي سبب هيو جو في الحال اهي مضمون يا سڄو اسلامي سيڪشن عارضي طور لڪايو ويو آهي. مضمون موجود آهن. ادارت جي ڇاڻين مان نئين سر گذارڻا پوندا سڀ ليک، وڏي محنت وارو ڪم آهي ۽ مصروفيتون به کوڙ آهن ...

    لک قرب

    اميد ته اوهان جو تعاون ۽ ساٿ رهندو.
     
    افتخار علي چوهاڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سائين سليمان وساڻ وڏي مهرباني موٽ ڏيڻ جي....
    اسين دعاگو آهيون..... جلد هن مسئلي ۽ پريشاني مان ڇوٽڪارو ملي فورم کي....
    سنڌ ٻولي لاء وڏي گرانقدر خدمت ڪيل آهي هن پليٽ فارم جي ذريعي ۽ وساطت سان....
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    هن سنڌي بهترين فورم تان اسلام زنده باد سيڪشن ختم ڪرڻ جي پر زور مذمت ڪجي ٿي.
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    اسلام زنده باد سيڪشن ختم ڪري سنڌ جي لکين مذهبي سوچ رکندڙ ۽ مذهبي پوسٽون ڪندڙ رڪنن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اهو هڪ اهم ڪارڻ هو مذهبي دوستن جو هن فورم تي ڀيرو ڀرڻ جو، پر انهن لکين سنڌين جي خواهش کي لتاڙيو ويو آهي، تنهن ڪري مذهب سيڪشن مان فائدو وٺندڙ رڪنن لاءِ هن فورم تي واپس اچڻ لاءِ مذهب سيڪشن کي کوليو وڃي ته بهتر .
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بلڪل اهو سيڪشن بحال ڪبو پر ان کان اڳ سڀ تڪراري موضوع هٽائڻا پوندا.
    ٻي ڳالهه ته جڏهن اسان سڀ بشمول سنڌ سلامت فورم سازشن ۽ گارين جي گهيري ۾ هياسين ته سڀ دوست اڻسڌي طرح اسان سان گڏ نه پر فورم بند ڪرائيندڙن سان گڏ هيا.
    اسلامي سيڪشن ۾ موجود ڊيٽا جيئن جو تيئن محفوظ آهي پر اسان ڪنهن فتوا هيٺ اچي سنڌ سلامت فورم، ڪتاب گهر ۽ سڀ ڪجهه وڃائڻ نٿا چاهيون. اميد ته اوهان سڀ سنڌي ٻوليءَ جا سڄڻ هن مجبوريءَ کي سمجهندا.
     
    عبدالغني لوهار ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو