ڪشش

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2017۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    …… ڪشش……
    ( جئي پرڪاش ساگر )
    ........
    اتر کان جڏھن ٿڌيون ھوائون اسان جي ڳوٺ
    مٿان گھلنديون ھيون، تڏھن سڄو ڳوٺ برف
    جي ڳنڍي جيان ٺري پوندو ھيو، سمورا ڳوٺاڻا
    سياري جي سواگت لاء ڍڳي گاڏيون جوٽي ڏور
    نانگي شاھ جي دڙي تان ديوين جون ڪاٺيون ۽
    بنڊ ڀري اچي پنهنجين اوطاقن تي لاھيندا ھيا،
    جيڪي پوء سڄو سيارو ڪچھرين کي مان ڏيڻ لاء ٻاريا ويندا ھيا، ڳوٺ جي مشھور اوطاق چاچي نبو جي ھئي، جتي ننڍا، نوجوان ۽ ٻڍڙا رات ٿيندي ئي پتنگن جيان پھچي ويندا ھيا، چاچو نبو ( پورو نالو نبي بخش پر ڳوٺ وارا لاڏ مان نبو سڏيندا ھيا ) وڏو سخي ۽ سگھڙ ھيو، رات سڄي آيلن لاء چانھ جا ننگر
    ھلندا ھيا، سندس گھر جون عورتون سرد راتين
    ۾ ڪرڪو به ڪنديون ھيون پر اوطاق تائين
    انھن جو ڪرڪو نه پر چانھ جون ڪٽليون پڄنديون ھيون، چاچي نبو جا ڏور ۽ بيت اسان
    کي زباني ياد رھندا ھيا، باقي ڳجھارتون اھڙيون ته عجيب ھونديون ھيون جو اسان جا ته مٿا ئي چڪرائجي پوندا ھيا، ڪي ڪي ڳجھارتون ته ست ست ڏينهن تائين به ڪو، نه ڀڃي سگھندو ھيو، چاچي نبو جي اوطاق شيش محل چورائيندي ھئي.
    ڳوٺ جون اڪثر عورتون ٻني ٻاري جي ڪم کانپوء پينگھي ۾ لڏندي ڀرت جو ڪم ڪنديون
    رھنديون ھيون، شام جو ٻاجھر يا جوئر جي ڪانن سان برسينگ ملائي ھٿ سان مشين تي ڪتر ھڻنديون ھيون، پر ان ۾ گھڻائي الھڙ ڇوڪرين جي ھوندي ھئي، جيڪي چست ۽ ھٺيليون ھونديون ھيون، اھي پاڻ ۾ ھوڏ رکي
    ڪُتر ھڻنديون ھيون، انھن جي شرطن ۾ دل لڳي سوپاريون يا وري لونگ ڦوٽا ھوندا ھيا،
    جيڪي ٻه ڇوڪريون اڳ ٻه ڪانن جي ڀاڪرون ۽ برسينگ جي ڪُتر ھڻنديون مخالف ڇوڪريون انھن کي ڏھ رپئي جا لونگ ڦوٽا يا دل لڳي سوپاريون خريد ڪري ڏينديون ھيون،
    عورتون لئي جي ٻھاري سان وٿاڻن مان ٻڪرين
    جو ڦينڱڻيون ٻھاري صاف ڪنديون ھيون ۽
    مينهن جا ڇيڻا ميڙي ڍڳ ڪنديون ھيون جن کي بعد ۾ لوڙھي جي مٿان سينگاريو ويندو ھو.
    شام جي سيدي وقت عورتون رڌڻي حوالي ٿي پونديون ھيون ۽ ھٺيليون ڇوڪريون اڱڻ ۾
    کڏو کوٽي پئيسا رھنديون ھيون ۽ رات جو
    ڪڏھن ڪڏھن گولي جي روشني تي ڦر ڦر سونٽي جي راند به ڪنديون ھيون.
    ڳوٺ چئني طرفن کان سرسبز کيتن سان سٿيل رھندو ھيو، ھيئنر جو ڏياري کان پوء سياري جنم ورتو ته سڄي ڳوٺ کي سَرن جي ڪانن
    گھيري ورتو، واھ جي بندن واٽرن ۽ کڏن مٿان
    سَرن جو جوڀن ڇڻي رھيو ھو، ڏيئن جي ڦلھيار
    سڄي ڳوٺ مٿان سانوڻ ٿي وسي رھي ھئي، ڪي ھٺيليون انهن ڏيئن جو ڪنڌ ڪپي اھا ڦلھيار اڏائينديون ٻني تي وينديون ھيون، اھي
    سَر ھاڻ ڳوٺ جي گھرن ڇتين ۽ اوطاقن ۾ لڳڻ لاء بيچين ھيا، تازي ڇٽيل ڪڻڪ جا داڻا زمين جي ڇاتي چيري نڪري آيا ھئا، ٻاجھر جا کيت
    لڻجي چڪا ھيا، انھن جي جگھ سرنهن جي ٻج
    سنڀالي ورتي ھئي، ھارين جي مٿي تي يوريا ڀاڻ جون ٻوريون ھر روز ڏسڻ ۾ ٿي آيون، سڀ
    فصل پوکجي چڪا ھيا، ڪجُھ نسري چڪا ھيا، ڪجھ نسرڻ جي جتن ۾ ھيا، واڻين جي دڪانن تي زميندارن جي پيھ لڳل ھئي، ڪن کي زرعي دوا ٿي کپي، ڪن کي ڀاڻ ته ڪن کي زنڪ، ڪي ته وري نئي فصل لاء مشورا وٺڻ لاء اتي
    ويٺا ھيا، واڻين جو ميٽر چالو ٿي چڪو ھيو، وياج انھن جي ڪاروبار جو حصو ھيو باقي پئيسو ڏوڪڙ ڏيڻ ۾ ھٿ نه منجھائيندا ھيا، ۽ ڳوٺ وارا به وقت سر پنهنجو قرض ڀري آجو ٿيندا رھندا ھيا، واڻيا ته ڳوٺ جي مسجد لاء
    ھر سال دان به ڏيندا ھيان جتي مولوي ڪريم ڏنو ٻارن کي قران جا ورق پيو ياد ڪرائيندو ھيو، ڳوٺ ۾ ٻه مسجدون ھڪ پراڻو مندر ھيو،
    پر بزرگ ماڻھن کان سواء ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ئي مسجد يا مندر ويندو ھيو، ٻاھر جي مولوين کي
    ڪريم ڏنو سھندو ڪون ھيو، سندس چوڻ ھيو
    اسان سنڌي ئي امن ۽ ڀائيچاري لاء ڪافي آھيون، باقي پٺاڻ ۽ پنجابي تڙيل آھن اھي دين جي نالي ۾ اسان جي ڳچي ۾ پوڻ جا طريقا ٿا ڳولھين.. مندر ۾ ڇھين مھيني ميلو لڳندو ھيو
    پر اھو عام رواجي ميلي جيان نه ھوندو ھيو، صرف ستسنگ ۽ ڀڄن ڪيرتي ٿيندي ھئي، جنهن لاء ڪي خاص ڀڳت گھرايا ويندا ھيا جيڪي تنبوري جي تار سان اھڙا ته سُر ڇيڙيندا ھيا جو من باغ بھار ٿي پوندو ھيو، ان ستسنگ ۾ ڳوٺ جا مسلمان دعوت ڏئي گھرايا ويندا ھيا، وڏي ڳالھ ته مولوي ڪريم ڏنو پڻ ھر ڀيري ڀڳتن کان تنبورو وٺي ڀٽائي جا ڪي بيت ٻڌائي وٺندو ھيو، ايئن منهنجو ھي سونھارو ڳوٺ ھر دل عزيز ھيو..
    مان گذريل ڏيڍ ڪلاڪ کان ٽالھي جي وڻ
    ھيٺيان ڪشش جي اوسيئڙي ۾ آھيان پر اڃان
    پري پري تائين کيس پڻس جي ڍڳي گاڏي نظر
    نه پئي اچي، ھن ڀيري جڏھن شھر ويس پي ته وڏو ضد ڪيائين ته منهنجي لاء سٺي ريشمي سڳي آڻجان، جنهن ۾ موتي به ھجن ھيرا به ھجن ۽ ٻرندڙ ٽِڪون به لازمي ھجن ۽ اھا منهنجي ماسات سحرش جي سڳي کان وڌيڪ
    ڊگھي ھجي ته جيئن مان نار تي پاڻي ڀرڻ وڃان ته سڀ منهنجي تعريف ڪن مان سڀني کان وڌيڪ سھڻي لڳان، منهنجي سرخي نه وساري ويھجان، منهنجي لالي منهنجي بنديا منهنجا جھمڪا منهنجون شيشي واريون چوڙيون منهنجو ھي منهنجو ھو... الائي ڇا پئي چيائين پر مان شايد ٻڌايل سمورو سامان آندو آ
    پر ھي جنڙي الائي ڪيڏي مھل ايندي، لاري مان
    لھي ڳوٺ جي واٽ تي ايندي ئي سرمد گڏجي ويو ان ئي ٻڌايو ته تنهنجي چٻري بابي سان گڏجي نانگي شاھ جي دڙي تي ڪاٺين لاء وئي آھي، پر ڏيڍ ڪلاڪ کان ويٺو ھيس نظر نه آئي، سوچيم ھالي گھر وڃجي شام جو يا رات
    جو نياپو ڪندم پاڻھي ايندي، ان ارادي سان ئي پنهنجو بيگ کڻي ڪلھي تي رکيم ۽ پنهنجي ڳوٺ طرف وڌيس، جتي امان جون چميون ۽
    بابا جا ڌڙڪا منهنجي انتظار ۾ ھئا...!
     
  2. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ڳوٺ جي ويجھو پھتس تي مون وارو پڳ مٽ يار سُرو، پوتڙي ٻڌيو واٽر ۾ لٿل ھيو، ھاري
    صابڻ سان سڄو بدن ملھي ڇڏيو ھيس، ڳجي سان چھري جي مالش پي ڪيائين، نڪ جھلي جيئن ئي پاڻي منجھ گم ٿيو ته وڃي ڪپڙن
    جي ھڙ کنئي مانس، ھل وڏي لئي ھيس، پاسي
    وارو کيسو ڇنڊيومانس ته ننڍي آرسي، سنھي
    ڏندن وارو ڪنگو، شاندار ماوا جون ھڪ رپئي
    واريون ست اٺ پڙيون ۽ ميگھا جا ڏنل ٻه تانبي
    جا ڇلڙا، جيڪي ميگھا کٿڙ ولي جي درگاھ تان وٺي آئي ھئي، ھڪ سُرو ( سريش ) لاء ۽ ٻيو
    امر يعني مون لاء، پر منهنجي آنڱر ۾ نه آيو ان لاء سُرو کي واپس ڪري ڇڏيو ھيم، ميگھا سُرو کي اسڪول جي دور کان وٺي وڻندي ھئي،،
    ۽ ميگھا ھئي به وڻڻ جھڙي، ڊگھي سنھي ۽ رنگ جي گوري چٽي، لڳندو ھيو ته اھا ڪپھ
    جي گُڏڙي آھي، جڏھن ميگھا ٻنھي چوٽين ۾ ڳاڙھا گُل ھڻي اسڪول لاء نڪرندي ھئي تڏھن
    سُرو جو ساھ پيو ويندو ھيو،. ھڪ ڏيهن جڏھن
    اسان گلڻ شاھ جي اوتاري تان ڀنگ جا پيالا پي
    نڪتاسين، ته وچ گس ۾ سُرو وڏا وڏا ٽھڪ ڏئي کلڻ لڳو، مان به سندس ساڻ کلڻ لڳڻ، پر
    جڏھن پَرين جي تڙ تي پڳاسين ته سُرو روئڻ
    شروع ڪري ڏنو، روئڻ به اھڙو جو راڄ کِلي،
    پھرين مون سوچيو شايد ڀنگ جا نشا ھوندس
    پر جڏھن لڙڪن جون بي انت ڇوليون سندس
    اکين جي بندن سان ٽڪرائيندي ڏٺم، تڏھن ڇڪي ڇاتي سان لاٿم، سڏڪن ۾ پئجي ويو، پڇيومانس ھي ڇا آھي سُرو، ڇا لاء ويٺو روئين
    اھڙي ڪھڙي ڳالھ ٿي آھي، مونکان ڇڏائي پَرين
    جي تڙ ڏانھن وٺي ڀڳو، مان سندس ناداني تي
    حيران ٿي پويان ھليس، امر مونکي ننڊ نٿي اچي، مونکي ساھ ۾ مونجھارو ٿو ٿيئي، ماني
    زھر ٿي لڳي، اگر ھن مونسان نه ڳالھايو ته مان
    پَرين جي تڙ تي خودڪشي ڪري ڇڏيندم،
    مونکي ھو ڪمري جي ڀتين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي،
    سوَڙ جي اندر ٻاھر، اڱڻ ۾ لوڙھي ۾، وٿاڻ ۾، ٻڪرين ۾، چپ ٿيندي.. ٻڪرين ۾ نه وات ۾ اچي ويو باڪي ھر جگھ تي اھا ئي اھا نظر اچي ٿي..! ڪير ٿي نظر اچي ٻڌا ته کڻي ڀلا...
    ھو ئي ٻن چوٽين واري ڇوري..“ ڪھڙي ميگھا.؟
    ھا اھا ئي، پو روئي ڇا لاء ويٺو رنن وانگي، ھل مان چوندس ان کي تنهنجي باري ۾،.. جي راضي نه ٿي پوء؟.. منهنجو ضمو آھي توکي مھيني اڌ ۾ ھتي ئي پَرين جي تڙ تي ملائيندس.
    پرومس.؟؟.. ھا ڙي پڪو پرومس..!
    .
    سُرو پاڻي مان ڪنڌ ڪڍيو ته مون مٿان نظر پيس، ڏند ٽڙي پيس، پھچي وئين شيطان جا پي، ھا پھچي ويس ۽ ھاڻي نڪر پوتڙي سوڌو
    ٻاھر ته ڳوٺ جون مايون ڄنڊا پٽين تنهنجا...
    ٻيلي نانگي شاھ کي مڃ اھو ويل متان ڪرين،
    اڃان ٽيو ڏيهن ھڪ ڪراڙي جٺ ڪئي اٿم..
    اھو ڪيئن، مون دلچسپي مان پڇيومانس..
    اھو ھيئن جو ٽيو ڏيھن ڪڻڪ جي جھار تان
    موٽيس پي، سانجھ ٿي چڪي ھئي، پوتڙو به
    گڏ نه ھيو، سوچيم آھي ڪير ڪون ايئن ٿو
    وھنجي وٺان، سو جئي رام ڪري لٿس واٽر ۾..
    پر ڪا ڦٽي ھئي، منهنجو به اگھاڙو ٿي ٻاھر
    نڪرڻ ۽ ڪاڪي ڪستوري جو به پھچڻ،.
    وڃ ابا پوء جيڪي مائي مونکي گاريون ڏنيون
    ڇا ٻڌايان، چيائين مون پوڙھي کي ڏيکارڻ ۾ ڪو فائدو ڪون ٿيندو وڃي پڻھين کي ڏيکار
    ته شادي ڪنئي، بيشرم ڇوڪرا ڇڪي ڇڪي وڏا ڪندا ٿا وڃو نه حياءُ نه ادب، بس يار جتان نڪتو ھئس اتان ئي واپس پي وڌائين مونکي پر رام جي ڪرپا جو ڪير ٻيو ٻڌڻ وارو نه ھيو.
    آئون کلي کلي ساڻو ٿي پيو ھيس، جو مونسان
    به ڪاڪي ڪستوري ھڪ پٽي ڪئي ھئي پر
    مان به ڪنهن کي ڪجھ نه ٻڌايو، ۽ ھون به ڪاڪي وٽ گارين جي پي ايڇ ڊي ھئي، جيڪو آيو ان کي ڌوئي ڇڏيندي ھئي ڳوٺ جا وڏا به سندس نظرانداز ڪري ڇڏيندا ھيا، پر ھڪ ڳالھ ھيس اجايو ۽ اڳرائي ڪري ڪنهن کي ڪجھ نه چوندي ھئي، باقي سُرو جيان جيڪو ڦاٿو سو ڪم کان ويو.. سُرو ڪپڙا گھريا ته مون پرتي اڇلي ڇڏيا، ٻيلي امر ڏاھو
    ٿي مان ڪا گوپي ناھيان جو تون ڪرشن واريون حرڪتون ويٺو ڪرين.. چيومانس
    ڪاڪي ڏٺو باقي اسان ڏوھ ڪيو آ.؟؟
    پوتڙي جي ڳنڍ ۾ ھٿ وڌائين جيسين مان ڪپڙا
    اڇلائي ڏنامانس جو پڪ ھئي دير نه ڪندو، ۽ ھون به ننڍپڻ ۾ اڪثر ٻئي اگھاڙا ئي وھنجدا ھياسين، ڪڏھن ٻين ٻارن سان گڏجي ڪندرو ڪندرو ۽ ٻڪري جي ڦينڱڻي ڳولھڻ واري راند
    به ڪندا ھياسين. جون جي گرمين ۾ اسڪول
    جون موڪلون ڄڻ اسان جون موجون ھيون،
    ڪڏھن واھ جي ڪپن تي سنڌي ٻيرن کي ڀترن
    سان ڇاڻي کائڻ ته ڪڏھن مٺن گيدوڙن جون
    ٽاريون پٽي گيدوڙا کائڻ، گيدوڙا جيترا مٺا لڳندا ھيا اوترو ئي انهن جو رس جيڪو ھٿن جي آنڱرين ۽ چپن کي چنبڙي پوندو ھيو، ڏکيو لڳندو ھيو، حالانڪه پڪل نموريون ان جي ڀيٽ ۾ آسان ھونديون آھن..!
    سُرو ڪپڙا پائي مونکي ڀاڪر ڀريو ۽ ٻنهي
    ڳلن تي چميون ڏنيون ۽ ھڪ پنهنجي پتي جي
    ۽ ٻي ڪشش جي پتي جي، اھو ان ڪري به جو
    آئون به سدائين سندس جي ڳلن ته ٻه چميون
    ڏيندو ھيس ھڪ منهنجي ۽ ٻي ميگھا جي پتي جي جنهن جي اڌ ڪھاڻي مٿي بيان ڪئي اٿم..
    چيم تنهنجا کيسا چيڪ ڪيم پر پئيسا ته ڪونه نڪتا کُٽي ويو آھين ڇا مونکي تنهنجي
    چانھ به پيئڻي ھئي، اڙي حڪم ڪر امر.. پئيسا کوڙ ايئن چئي ٿورو پرڀَرو ڊڀن جي ٻوڙي مان
    ھٿ وجھي ٻٽون ڪڍيائين... چيم وڏو بشني آھين... اڙي بشني مان ناھيان ماڻھون آھن واٽر
    جو بند وڏو آ ڪوئي ڏسڻ ۾ نٿو اچي ته ڪير ويو کيسو ٻھاري..
    سُرو پوتڙو نپوڙي ڇنڍيو ۽ ڪلھن تي رکي چيائين ھاڻ ھلجي، چيم ھا ھل ھلون..
    رستي ۾ کوڙ ڳالھيون ڪيوسين، نار تي ڳوٺ
    جون ھٺيليون شام جي سيدي ۽ گھر لاء گھڙا
    ڀري رھيون ھيون، مون مٿان مرڪون اڇلي پاڻ ۾ سُس پس ڪرڻ لڳيون، پڪ سان ڪشش کي
    ساري رھيون ھونديون، جيڪا مونکي اڪثر
    پنهنجي گھڙي مان پاڻي پياريندي ھئي پاڻي جا
    ڇنڍا مون مٿان اڏائيندي ھئي، ۽ گھڙي کي ڪڇ تي رکي مون ڀرسان بيھ چوندي ھئي ڏسو ڀلا اسان جي جوڙي ڪيئن ٿي لڳي، تڏھن سندس سھيليون منهنجي کاڏي کي آنڱرين جي وچ ۾ آڻي نظر ڀڃڻ جو سنوڻ ڪنديون ھيون ۽ ڪي پري بيٺل ئي ٻنهي ھٿن سان سان پنهنجيون مٺيون بند ڪري مٿي تي ڪنن وٽ آڻي زور ڏئي نظر نه لڳڻ جون دعائون ڏينديون ھيون.
    مان مُرڪ جي بدلي مرڪ آڇي اڳتي وڌي آيس،
    ڳوٺ جي مين شروعاتي چوڪ تي ديانند جي
    پراڻي ھٽ جيڪا چون ٿا واڻيا ڏئي ويا سا
    گولي جي روشني سان ٻري پئي، ان اڳيان سومري ميگھواڙ جي رکيل ڪاٺ جي صندوق
    جنهن ۾ سومري جو ڪاريگري جو سامان پيل
    ھوندو آ تنهن کي سنگھر سان تالو ٻيڙيل ھيو،
    سومرو اڪثر احساس ڪمتري جون ڳالھيون
    ڪندو ھيو ته اسان ميگھواڙن جي ڪا زندگي
    ناھي اسان ھي نيچ ڌنڌو ٿا ڪيون تڏھن سومري کي چانھ پياري پوء پاڻ پئيندو ھيم،
    چوندوھيومانس سومرا ھنر ۽ ڪاريگري ڪڏھن به نيچ ناھن ھوندا ھر ماڻھون پنهنجو جوتو پاڻ به ڳنڍيندو آھي پنهنجي پر ۾ سڀ اھا ڪرت ڪن ٿا پر تون عظيم آھين سڀ تنهنجي انتظار
    ۾ ويٺا ھوندا آھن ۽ ڳنڍڻ وارو ڪيئن نيچ ٿيو، ھن سنسار ۾ رڳو ڇنڻ وارا ئي آھن تون ته ڳنڍڻ وارو ڌرم ٿو رکين جيڪي ڪمپنيون ٺاھن ٿيون
    اھي به ڳنڍين ٿيون جن کي اسان وري رپيئر چئي عزت بخشيون ٿا، باقي ھاڻي تنهنجا زات
    واسي وڏا وڪيل، وڏا ڊاڪٽر، وڏا ماستر ۽ آڪسفورڊ تائين پنهنجي مڃتا قائم ڪري ويا اٿئي، تڏھن چوندو ھيو اھا آڪفورڊ ڪھڙي
    بلا آھي.. کلي چوندو ھيم تون ڇڏ بس چمي
    ڏي ته مان وڃان تڏھن منهنجي نراڙ تي
    سندس چمي سان پيار پوکي ڇڏيندو ھيو..
    سُرو کي چيم تون گھر ھل مان ديانند سان
    ملي گھر ٿو ھلان، رات چاچي نبو واري شيش محل تي ملنداسين... سُرو کي روانو ڪري مان
    ديانند جي پيرن تي ھٿ رکيا.. گول وڏي چشمي
    سان چتائي ڏٺائين.. پوئي ٻکن ۾ ڀري خوشي
    مان ڀرجي ويو.. مان سندس جي دوست جو
    پٽ ھيس.. ڏاڍو ڀائيندو ھيو ننڍپڻ کان وٺي..
    پٽ وڏي ڄمار ماڻين ھاڻي پيو اچين ڇا شھر مان.؟؟ جي چاچا ھاڻي ئي پھتو آھيان سوچيم توھان سان ملي پوء گھر وڃان.. جيئندو رھين شل.. ڀلي گھر ھل ۽ بابي کي سلام چئجانس منهنجا.. جي چاچا ضرور.. گھٽي ۾ ڪن ڪن لوڙھن مٿان سارين جي پلال پکيڙيل ھئي ته
    ڪن مٿان ڪمند جي سڪل پٽاء.. گھرن منجھ
    مٽي جي ڏيئن ۽ گولن جو ٻرڻ شروع ٿي چڪو ھيو.. مان تڪڙو تڪڙو گھر جي کڙاءُ تي پھچي
    امان کي سڏ ڪيم.. پر بابو نڪري آيو.. پيرين
    پئي مليومانس.. اندر ھلڻ جو چئي پاڻ کڙاءُ جي ڍينگر ۾ ھٿ وڌا امان سامھون اڱڻ ۾ مون ڏانهن آئي پي مان ڊوڙ پائي وڃي ڀاڪر ڀريو مانس.. چمين سان منهنجون اکيون نڪ ڪن نراڙ سڀ آلا ڪري ڇڏيائين.. مون به امان کان
    پلاند ورتو ته چيائين شرم ڪر ھاڻ جواڻ جماڻ آھين زال کي ڏجان اھي چميون.. چيومانس زال لاء به کوڙ چميون پر ھي مٺي امڙ جون آھن.
    ٺيڪ ٺيڪ بيشرما.. ھائي ڪپڙا مٽائي ته منهنجي ٻچڙي کي کير واري چانھ ٺاھي پياريان جي امڙ اجھو ٿو وھنجي وٺان.. پري کان بابا رڙ ڪئي ٻچڙي سان گڏ ھن جو پي ياد اچي ته اڌ ڪوپ ھن لاء به ٺاھي وٺجان.. امان ۽ مان کل ۾ پئجي وياسين.. مان تڪڙو تڪڙو دلا رکڻ واري مٽي جي ٺھيل ٿلھي تان وڏ مٽ کڻي وھنجڻ واري جاء ۾ رکيل وڏي تڳاري ۾ لاھي
    آيس ۽ جلدي وھنجڻ لاء ھليو ويس جو مونکي
    اڃان ڪشش لاء نياپو به موڪلڻو ھيو..!
     
  3. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جينز ۽ ٽي شرٽ مان جان ڇڏائي مون سفيد
    رنگ جي شلوار ۽ قميض پاتي، امان چانھ لڳائي ڇڏي ھئي، مان سندس ڀر ۾ وڃي ويٺومانس،
    چيم امان چانھ ته ڦڪي آ، امان مرڪي پئي، جو سمجھي وئي ته مان گھر ۾ امان پاران ڀريل
    ڍُڪ واري چانھ ئي پيئندو آھيان، بابا ٻياني سان ٻٻر جا آندل ڍينگر لوڙھي مٿان چاڙھي
    رھيو ھو، امان پيار مان ٽوڪيندي سڏ ڪيس،
    امر جا پي ماڻھون سچ ٿا چون لوڪ لڏڻ ۾ چري اڏڻ ۾، ڳوٺ جا ماڻھون ھڪ ننڊ ڪري اٿيا آھن، ھي ھاڻ ٿو لوڙھا مٿي ڪري، اچ چانھ پيء، ٺري وئي ته سڄو ڳوٺ مٿي تي کڻندي..!
    مان اڪثر بابا ۽ امان جي نوڪ جھوڪ ٻڌندو
    آيو آھيان پر انهن ۾ ھڪ لڪيل محبت سمايل ھوندي آھي، مون ڪڏھن به امان جي اکين ۾
    لڙڪ نه ڏٺا، منهنجو بابا ڀلي ئي غريب ھيو پر
    ھن جھڙي اميراڻي دل ھر ڪنهن وٽ ناھي ھوندي، امان ٻڌائيندي ھئي تنهنجي پي مونکي
    پسند ڪري شادي ڪئي ھئي، ھو راتين جو لڪي لڪي اسان جي ڳوٺ ڏي ايندو ھيو ۽ جيسين مون تي نظر نه پوندي ھيس، واپس
    پنهنجي ڳوٺ ڏي نه موٽندو ھيو، منهنجي مائٽن
    گھڻو ئي انڪار ڪيو پر تنهنجو بابا جيتي ويو،
    ۽ منهنجي ڳوٺ ۾ سڀني کان وڏي ڄڃ تنهنجو بابا منهنجي لاء وٺي آيو، جنهن ۾ چاليھ ڍڳي گاڏيون ھيون ۽ تنهنجو پي سينگاريل گھوڙي
    تي ھيو، وڏيون اکيون ويڪرو جسم ترڇا شھپر، مونکي ڏاڍو پسند آيو ھيو، ھي جيڪو
    منهنجي ايترو سھندو آ ان محبت جو نتيجو آھي، شادي جي ٽن سالن تائين اسان کي اولاد ڪون ٿيو، پوئي نانگي شاھ جون پيرين پنڌ
    زيارتون ڪيون سين، پَڙ باسياسين، کٻڙ جي وڻ
    ۾ اولاد جا ڌاڳا ٻڌاسين تڏھن وڃي نانگي شاھ تو جھڙو پٽ اسان کي ڏنو.
    بابا ٽوال جي گوڏ کي سنڀالي احتياط سان
    سندلي تي ويٺو، مان ۽ امان زري گھٽ کلياسين، پر ماٺ رھياسين، مان اٿي ٻاھر ھلڻ لڳس،
    پويان بابا آواز ڏنو جلدي گھر اچي وڃجان، مان
    ھا چئي ٻاھر ھليو آيس.
    پھرين ته رخ ڪيم ڪشش جي گھر جو، ڳُگھ اونڌاھي وڏو لوڙھو، ڪيئن ڏسانس، لوڙھي ڀرسان بيٺل ڍڳي گاڏي مٿان چڙھي جانچ ڪيم،
    نظر نه آئي، ھيئنيي ۾ ولوڙ، نيڻن ۾ ڦٿڪو، من
    ڪا زيارت ٿي پوي، گھر جي آڳر ۾ کٽن جي قطار، مٿان مڇرداڻين جي سنھي چادر، لالٽين
    جي ھلڪي روشني، پر ڪشش ڪٿي آ.. ايترو
    جلدي سمھڻ وارن مان ته ھو ھئي ڪون، ھو ته تارن کي سمھاري پو سمھندي آ، ھو ته چنڊ کي
    لوڙھي مٿان آڻڻ جا جتن ڪندي ھئي.
    پر اڄ شايد ڪاٺيون کڻي آئي، ان ڪري ٿڪجي
    ننڊ پئجي وئي ھجي، مون پنهنجا نيڻ سندس
    جي گھر کان ھٽائي ڇڏيا، ڍڳي گاڏي تان لھندي
    ئي سندس جو آواز ڪنن تي پيوم، ھڪدم
    گاڏي تي چڙھي پيس، الا منهنجي ڪشش ننڊاکڙين اکين سان ھٿ ۾ پتل جو گلاس پاڻي جي مَٽ طرف وڌي پئي، صفا ڪا حور پي لڳي
    لالٽين ھن جو چھرو ڏسي مرجھائجي پئي، ڀريل بت، سنھي ناريل جي وڻ جھڙي ڊگھي،
    گلابي رنگت، ويڪريون ڪاريون اکيون ڄڻ تالاب ۾ ٻه اجرا ڪنول، ڪنول ۾ سونهن، سونهن ۾ آئون مون ۾ ھو، ھن ۾ مان..!
    مون ڌيان ڇڪائڻ لاء گول چپن سان ھلڪي سيٽي وڄائي، جيڪا ھن جي سماعتن تائين پھچي نه سگھي، ھڪ دفعو ٻيھر ڪوشش
    ڪيم جيڪا ڪاميابي جي دڳ تي وٺي وئي..
    ڪشش ڪرڙيون اکيون ڪري لوڙھي مٿان
    نظر ڊوڙائي ۽ پاڻ ٻڪرين جي وٿاڻ مان گذري
    لوڙھي ويجھو اچي نڪتي، چتائي ڏٺائين ته آنڱر ڏندن جي وچ ۾ اچي ويس..
    ھاڻ گلدستو ٿي اتي ئي بيٺي ھوندي يا ٻاھر
    به ايندي.. مون ڇڙٻ ڏيندي چيومانس..
    پر تون ڪٿان آئين ۽ ڪڏھن آئين.. ھن سرگوشي مان وراڻيو.. اڙي ھاڻي ٻاھر به اچ
    ڀلا اتي لوڙھي تي ويھي ٻڌايان.؟.. مون ڪاوڙ
    ڪندي چيومانس.. اچان ٿي ھڪڙو منٽ ڏسي
    اچان ڪير ڄاگي ته نه پيو.. ٺيڪ آ مان سارين
    جي پلال وٽ ويٺو آھيان.. ھا ٺيڪ مان اچان پئي.
    ڪجھ ئي گھڙين ۾ ھو لوڙھي جي کڙاءُ مان
    نڪري آئي، ايندو ڏسي مان اٿي بيٺومانس
    پريان کان ڀڄندي اچي سيني سان لڳي، منهنجا پير زمين تان نڪري ويا ۽ پلال جي ڍڳ تي وڃي ڪرياسون، ڪشش سڌو ٿي ويھي رھي..
    مان چھري تان پلال جا تيلا ھٽائي اٿيس، ڏٺم ڪشش چھرو لاھي ويٺي ھئي، ڇو جو خبر ھيس ته منهنجا دڙڪا ملڻ وارا آھن..
    امر ڪجھ نه چئجان مان ڳوٺاڻي ڇوڪري مونکي ڪو ڍنگ ناھي ملڻ جو.. ڏس توکي
    ڪيرائي ڇڏيم مان آھيان ئي ڪني صفا ڄٽ ڄاموٽ.. مان کلي پيس اڙي ڪونجڙي ھاڻ چپ ٿي.. پرسچ ٻڌا ھي ڀاڪر پائڻ ھو يا ٽڪر ھڻڻ.؟
    روئڻھارڪي ٿي پئي، امر تون کلين پيو نه مونتي، خبر آ تون شھري ٿي ويو آھين اتي جي ڪا ميڊم ئي توکي وڻندي ۽ تون ھڪ ڏيهن ان
    کي ھتي وٺي ايندي ۽ مان ان ڏيهن مري ويندس.
    ڏٺو ھيم ھاڻي ڦاٽڻ واري ھئي، ٻانھون کولي
    سڏ ڪيومانس، ڀاڪر ۾ سمائجي وئي..
    ڪشش،.. ھون.. توکي لڳي ٿو مان ڪنهن شھري
    ڇوڪري سان پرڻبس.. الائي امر مونکي ڏاڍو ڊپ ٿو لڳي، نانگي شاھ جو قسم آئون توکان
    سواء ھڪ پل ڪان جيئندس..
    ڪشش تو جھڙي سھڻي ڇوڪري شھر ۾
    ڪٿان ايندي.؟ چھرو خوشي مان لال ٿي ويو
    ھئس، سچ ٿو چوين نه امر.؟ ھا منهنجي راڻي
    تون اھا لام آھين جنهن ۾ منهنجون اکيون لوڏ ٻڌي لڏڻ ٿيون چاھين، تون اھا ڇولي آھين جنهن جي انتظار ۾ منهنجي من جو ساحل ھميشه اوجاڳيل رھي ٿو، تون مومل جي جاڳ
    سسئي جو پنڌ ۽ سھڻي جو اھو ڀڳل گھڙو آھين
    جنهن جو سموريون ٺڪريون مان پنهنجي شرير
    اندر زم ڪرڻ چاھيان ٿو، مان تنهنجي ٽھڪن جي بارش ۾ ٿر جي کنڀين جيان ڦٽڻ ٿو گھران،
    مان چاھيان ٿو تنهنجي چپن تي نکريل چمين جا ڪنوارا پيرون فقط مان ئي چونڊيان..
    دل چوي ٿي توکي ڪينجھر ڪنڌي تي ويھاري
    نوري جي نيڻن ۾ ستل سموريون ڪونجون اڏاري سندس کنڀن مٿان چمبڙيل تماچي جون ميريون چميون توکي ڇاڻي ڏيان ۽ تون ان
    چمين کي ڪينجھر جي پاڻي ۾ ڌوئي پيار جو
    اجرو نقش ڏسين وٺين..!
    ڪشش منهنجا ھٿ کڻي پنهنجي چھري مٿان
    رکيا ۽ ۽ پوء ترين تي گلابي چمين جا نشان
    ڇاپي ڇڏيائين... اوندھ ۾ ڪنهن جي ٿاٻڙجي
    ڪرڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.. ڪشش کان نظر ھٽائي ڏٺم سُرو ھيو.. مونکي ڳولھيندي پڳو ھيو.
    مان ۽ ڪشش اٿي بيٺاسين.. سُرو پرڀرو بيھ
    سڏ ڪيو مان ڪشش کي ھٿ مان وٺي پلال
    جي ڍڳ مان نڪري آيس..
    ڪشش تون وڃ مان ۽ سُرو ھلون ٿا تنهنجون سڀ شيون آنديون اٿم، صبح جو سُرو واري
    زمين تي ملنداسين.. ڪشش خوشي مان لال ٿي پئي.. ھٿ ڇڏائي رواني ٿي ته چيم بيھ ته سھي ڳوٺ وارن کي سردي ۾ ماريندي ڇا اچ ته آسمان کي گرم چمين جي ٽانڊن سان سيڪي وٺون... سُرو سمجھو ھيو ڪجھ وکون ڀري
    اڳتي ھليو ويو.. مان ڪشش جي ٺريل چپن کي پنهنجي چپن جي بٺي سان ملائي ڇڏيو ۽ کن
    پل لاء اونداھ کي چيريندڙ جيت خاموشي ۾
    ويڙھجي ويا ۽ اسان چاھتن جو اڌ سفر پورو
    ڪري اکيون کوليوسين.
    ڪشش ھٿ لوڏي گھر ھلي وئي مان ئي سُرو
    ھٿ ۾ ھٿ ڏئي شيش محل پھتاسين، جتي رات
    دير تائين سگھڙن جون من لڀائيندڙ ڳالھيون
    ٻڌي من کي راحت ملي.. رات جي پوئين پھر
    مان ئي سُرو محفل ڇڏي گھر موٽياسين..
    سُرو مونکي گھر جي ٻاھريان ڇڏي واپس
    موٽي ويو.. مان امان کي اٿارڻ بنا ئي اوڏي
    ھيٺيان ماني ڪڍي کاڌي ۽ مڇرداڻي ۾ گھڙي
    ويس جتي ڪشش جا خواب منهنجي آجيان
    لاء گلن جون مالائون کڻي بيٺل ھيا...!
     
  4. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    صبح جو سوير ئي سُريش گھر پھچي
    ويو ھو بابا سان رام رام ڪري امان جي
    ڀرسان پيل کٽولي تي ويھي رھيو. جتي امان
    کٽ جي پاڳي سان ٻڌل ماٽي ۾ جھرڻو ڦيرائي
    مکڻ ولوڙي رھي ھئي. بابا پاھوڙي سان وٿاڻ
    جي صفائي ۾ مڳن ھيو، امان مکڻ جو چاڻو
    ڪڍي وٽي ۾ وڌو ۽ پاڻ اندران کنڊ جو ڏٻو
    کڻي آئي جنهن مان کنڊ جي مٺي ڀري مکڻ مٿان
    وڌائين ۽ اھو مکڻ سريش جي آڏو رکيائين.
    سريش جا ته جھڙا ڀاڳ کلي ويا، دير ئي نه ڪيائين سمورو وٽو چٽ جھڙو انڌي ڀت کاڌو.
    مان فريش ٿي چڪو ھيس، امان کي چيم ڇوڪري کي گھڻو چاٽو نه ڪرائيندي ڪر،.
    چيائين چپ ڪر ھي منهنجو ٻيو پٽ آھي جڏھن تون شھر ھوندو آھين تڏھن سريش مان
    تنهنجون سڪون لاھيندا آھيون. تنهنجي بابا
    جي ڪيڏي مدد ٿو ڪرائي ٻني ٻاري جي ڪم ۾، ۽ تون منهنجي ٻچڙي کي مکڻ جي زري تان ٽوڪين پيو. کلي چيم بس بابا ڪون ٿو ٽوڪيان اڃان وڌيڪ کارايوس، ھاڻي ھلون
    ٿا اسان. مان ۽ سُرو تڪڙا ٻاھر نڪري آياسين.
    کلندا ڪڏندا ٽھڪ وکيريندا سُرو جي ٻني تي
    پڳاسين. سُرو ڪڻڪ جي جھار لاء ٺاھيل مٽي جا ڳوڙھا اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳو پر اڃان اڌ ڪچا ھئا. مان کانڀاڻي ۾ ھڪ گليل لڳائي ھوا ۾ ڇڏيومانس دلڪش آواز سان ھڪ دل لڀائيندڙ ٺڪاءُ جو پڙاڏو گونجي اٿيو. مان کانڀاڻي سُرو کي ڏيئي ٻني جو چڪر ھنيومانس، ڪڻڪ ٻني جي ٻرن
    مان پنهنجون چھنبون ڪڍي چڪي ھئي، سرنھن جا ڇٽيل داڻا وکريل موتي پي لڳا.
    ڳيرين ڪٻرن ۽ جھرڪين جا ولر سُرو تي ڪرڪا ڪندي چڳي رھيا ھئا، سُرو جا گليل
    انھن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاء ڪڏھن ھيڏانهن ته
    ڪڏھن ھوڏانھن وسي رھيا ھيا. ڪانگ ڪڻڪ
    جي داڻن جو آسرو لاھي ٻني تي ايندڙ ٻارن لاء
    اوٻاسيون ڏئي رھيا ھئا، ھارين جا ٻار مکڻ سان
    مکيل مانيون ساڻ ڪري نڪرندا آھن ۽ ھي سياڻا پکي انھن جو چسڪو وٺڻ لاء اکيون تاڻي ويٺل ھيا. پري پري تائين ڌرتي ساوڪ جي ساڙھي ۾ ويڙھيل ھئي. ٻٻر جا پراڻا وڻ يادن
    جي خوئنر سان مالا مال ھيا، الا ڪيڏو خوئنر کائيندا ھياسين، پلڙا پٽي انھن ۾ ڪنڊا ٽنبائي
    ڪڪڙن جي ويڙھ ڪرائيندا ھياسين، ٻٻر جي
    لامن تي لڏندڙ جھرڪين جا عجيب بناوٽ وارا
    آکيرا ڪيڏو نه شاھڪار لڳندا ھيا. ٻٻر جي ڪنڊن ۾ ڪاغذ جي پٽي لڳائي اڳيان ٻڪري جي ڦيڱڻي ٽنبينداھياسين بعد ۾ ڪاغذ کي مروڙڻ سان اھا ڦرڻي بڻجي پوندي ھئي. ڪيڏيون ڦرڻيون ٺاھيوسين ڪيڏيون ٻيڙيون ٺاھي پَرين جي تڙ ۾ لوڙھيون سين اڄ ڄڻ ننڍپڻ به انھن ٻيڙين سان گڏ ئي لڙھي ويو ھو.
    ڪشش جي آواز ننڍپڻ جي پولارن مان ڪڍي
    حقيقت طرف آندو، پيلي وڳي ۾ ڪنهن تازي نارنگي جھڙو لڳي رھي ھئي. ٻني جو وچ وارو
    ڪلاسي ٻنو وٺي ڊوڙندي ٿي آئي، الائي ڪيئن پير کي موڙو اچي ويس ٻئي پاسا ٻني پاڻي سان ڇر ھئي، ھڪڙو پير يڪو ڦاسي پيس، وٺي دانھون ڪيائين، سُرو کل ۾ ٻڏل ھجي مان
    وڃي پير ڪڍيومانس، منهنجي پٺن مٿان مُڪن
    جو وسڪارو ھجي. اڙي بابا مون ڇا ڪيو جو مونسان ويٺي وڙھين ڀلا.؟.. تو ئي نظر ھنئي ھوندي رات به الائي ڪھڙيون ڪھڙيون ڳالھيون پي ڪيئي. بس ڀلا ھاڻ ٿيڻ وارو ٿي ويو. ڪشش جي چپل ڇڄي چڪي ھئي مان
    کيس ٻانھن تي کنيومانس ته سورج مکي جيان
    ٽڙي پائي. سرو کي چيومانس توھان ھلو نلڪي
    ڏانهن مان رئيسياڻي جي چپل کنيو اچان.
    .
    سُرو نلڪو ھلايو ۽ مان ڪشش جو پير ڌوئاريومانس، ڪاش شادي کان پوء به منهنجي
    اھڙي لئي ھجي، ڪشش مسڪرائيندي چيو..
    جي منهنجي سائڻ توکي ايترو ئي پيار ڏيندس ھميشه لاء. سُرو جھار ھڪلڻ لاء نڪري ويو ۽
    اسان ھٿ ھٿ ۾ ڏئي اڳتي ھلياسين.. رستي
    ۾ ڪشش جا ٻاراڻا سوال انھن تي منهنجو ٽھڪ ڏئي کلڻ ۽ ڪشش جي ڪاوڙ ڪرڻ
    اسان بي نيازي ۽ بي خيالي ۾ الاھي پري نڪري
    آياسين. سامھون پرين جو تَڙ ھيو ڪشش کلندي ڪڏندي مون اڳيان ھلندي رھي. ڪڏھن رستي ھِن طرف ته ڪڏھن ھن طرف، مڙي مڙي
    مونڏانھن ڏسڻ کيچريون ڪرڻ ايئن لڳو ڄڻ مان مورن جو ھجوم وٺيو وڃان پيو. ھو پرين
    جي تڙ تي ٺينگ ٽپا ڏئي رھي ھئي. مان ڪشش
    کي کلندو ڏسي ڏاڍو خوش ھيس.
    ڪشش پيار مان سرشار ھئي ان تي عجيب ڪيفيت طاري ھئي ٿي سگھي آئون ان کي بي انتھا وڻندو ھجان. ھو ھرڻي جيان ڇال ھڻندي
    انھن ٻوڙن اندر وڌي رھي ھئي جتي سُرو ۽ ميگھا جي آخري ملاقات ٿي ھئي.
    ………… ……………… ……………
    سُرو جي حالت ڏسي مون ھڪ خط لکيو
    جيڪو ڪيئن به ڪري ميگھا تائين پھچايم،
    پر ميگھا مسلسل نظرانداز ڪندي رھي.
    تڏھن نيٺ اداسي سان ڀريل ھڪ طويل خط
    لکيم جنهن ۾ اھڙي ته لفظي جادوگري ھئي جو
    ميگھا جو پٿر دل ميڻ جيان ڳري ويو. ميگھا جوابي خط لکيو ۽ پريم جو اظھار ڪيائين اھو
    خط ڏيکارڻ کان اڳ ۾ مون سُرو سان ڏاٺي جٺ
    به ڪئي ھئيمانس. سُرو انتھائي خوش ھيو ان
    کي ھڪ برگر جھڙي سندر ڇوڪري جو پيار نصيب ٿيو ھو. مون الاھي دفعا ٻنهي جي وچ ۾
    ملاقاتون ڪرايون. جڏھن سُرو پھريون دفعو
    اڻ واڻياڻي جي چپن جو چس ورتو تڏھن صفا
    الست ٿي پيو ھو. بار بار منهنجا ڳل پيو ڪنا ڪندو ھي. سرو ۽ ميگھا ڏاڍو خوش ھيا پر رسمن جو اوچيون ديوارون ھميشه محبت جي
    آڏو اچي وينديون آھن. ميگھا ھڪ ديوان فيملي جي برگر ڇوڪري ۽ سُرو ھڪ مارواڙي
    ڀيل. ڄڻ آسمان کي زمين سان ملائيڻو ھيو، ڄڻ کنڊ کي لوڻ سان ملائي مٺو ڪرڻو ھيو.
    ميگھا جي مڱڻي ھڪ ٻئي ڳوٺ گريجوئيٽ
    واڻئيي سان ٿي وئي ۽ منهنجو دوست سُرو
    اڻپورو ٿي پيو. مڱڻي کان پوء به ھنن جي محبت ۾ ڪمي نه آئي اڪثر ميگھا سُرو سان
    ٻني تي ملڻ اچي ويندي ھئي. ان رات ميگھا
    جي شادي جي رات ھئي سڄو ڳوٺ شھناين
    سان وڄي رھيو ھيو. مان سُرو کي ڳولھي
    رھيو ھيس جيڪو ان ئي پرين جي تڙ تي مليو.
    مرڻ جو ارادو ڪيو ويٺو ھو، چيائين ڄڃ جو ھتان اڪرڻ ۽ تنهنجي دوست جو مرڻ آ.
    چيم اڪيلو نه مر گڏجي ٿا مرون. چيائين نه تون اڪيلو وارث آھين توکي زنده رھڻو آ.
    چيم تون به ته اڪيلو دوست آھين منهنجو تون ناھين ته مان ناھيان. روئي ويٺو.. مونکي مرڻ ڏي امر مونکي مرڻ ڏي.. چيم ھڪ ڳالھ ٻڌاء
    جي اگر ھيئنر ھتي ميگھا کي وٺي اچان ته پوء
    ھي نوٽنڪي بند ڪندي.؟؟. وڏي رڙ ڪندي ھا پوء ڪون مرندس. ٺيڪ منهنجو انتظار ڪجان
    ڪلاڪ کن ۾ توکي ھتي ملندس..
    خبر ھئي جدائي جو درد وڏو آ شايد ڪجھ گھڙين جي خوشي ان جي غم کي کائي وٺي..
    ميگھا جي ھمراز سھيلي کي وڃي جھليومانس ۽ سموري حقيقت ٻڌائيمانس. راضي ٿي وئي پر پڇيائين بھانو ڪھڙو ٺاھيان.؟.. مون ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪري ڪجھ ٻڌايو ۽ ھو کلندي ھلي وئي
    ويھ منٽ کانپوء ميگھا ۽ سندس سھيلي پھچي ويون اسان ڍڳي گاڏي جوٽي پرين جي تڙ تي پڳاسين. سُرو ميگھا کي چنمبڙي پيو ٻئي زاروزار روئڻ ل. مان ۽ سندس سھيلي انھن کي
    اڪيلو ڇڏي ڍڳي گاڏي ۾ اچي ويٺاسين. ڪجھ دير بعد اھي ٻئي وڻن جي انھي جھڳٽي ڏانهن
    وڌيا جنهن ڏانهن ھيئنر ڪشش وڃي رھي ھئي.
    اھا ميگھا جي سُرو سان آخري ملاقات ھئي.
    ان وٽ جيڪو به سُرو کي ڏيڻ لاء ھيو سو ان رات ارپي وئي ۽ سُرو به وري ڪڏھن به ميگھا
    کي بيوفائي جو ڪو طعنو نه ڏنو.
    ھا مونکان اھو ضرور پڇيو ھيائين ميگھا کي ھتي ڪيئن آندئي. چيم ميگھا جي ساھورن تائين اھا ڳالھ پھچايم ته ميگھا جي منت گھريل آھي ته ست ڦيرا کائڻ کان اڳ ۾ نانگي شاھ جي حاضري ضرور ڀريندس.
    .
    مان ڪشش جي پويان انھن ٻوڙن تائين پھچي ويس. جتي ڪشش جي ڀاڪرن منهنجي شرير
    کي ٽانڊن جيان ٻاري ڇڏيو جواني جي بي جھل جزبن جي واڳ ڇڪي جھلڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پئي. ھن جون ڇاتيون منهنجي سيني کي ٽُڪي رھيون ھيون. منهنجا ھٿ انھن جي چوٽين تائين پھچي چڪا ھيا ايئن لڳو ڄڻ اسان اليڪٽرڪ پرزا ھجون سڄي بدن ۾ لذت جون
    برقي لھرون روان ھيون.. مان مسلسل ھن جون
    ڇاتيون نپوڙي رھيو ھئس ۽ ھو منهنجي چپن جي گسن تي چمين جا نشان چٽي رھي ھئي.
    جذبن جي ان ويڙھ سان سمورو ماحول ٻکجي چڪو ھيو. ھن جا چپ منهنجو بدن.. منهنجا چپ ھن جو بدن. ھن جا ٻک منهنجا چڪ. چوڙيون ٽٽڻ ڪنگڻ وڄڻ چمين جي ويڙھ
    زخمي ٿيڻ سور سھڻ ۽ وري وڙھڻ..
    اٺن جا لوڏا، لوڏن ۾ لڏڻ ھيٺ ڪرڻ ڪري اٿڻ
    اٿي کلڻ، کلي ٻڏڻ. ٽامو بڻيل بدن ٿڌا ٿيڻ لڳا ھئا. ھو منهنجي مٿان ڪنهن پراڻي اوڏڪي ڀت جيان ڪريل ھئي. مون ھٿ سان چھرو مٿي ڪيو ته شرم ۾ ويڙجي وئي.. چيم ھاڻ ڪھڙي
    شرم ٿي ڪرين ڀلا.. اکيون کولي نه سگھي.
    کليل چولي ۽ رئو کڻي ڏور وڃي پائڻ لڳي. مان اڃان به اتي ھن جي بدن جي مھڪ مان سرور ماڻي رھيو ھيس. چيائين اچ ھلون.
    .
    اٿي ھلڻ لڳاسين بدن ۾ مٺي سرور جي ميلو متل ھيو ھو ڊيل جيان ٽلندي منهنجي اڳيان
    پي ھلي اسان کلندا ڪڏندا سُرو وٽ پڳاسين
    جتي گڏجي ڪچھري ڪئي سين ۽ پوء گھر
    روانا ٿياسين.
    ڏھ ڏيهن جي موڪل پوري ٿي.. اسان روز
    پرين جي تڙ تي ويندا ھياسين مون ڪشش کي ھن لاء آندل موتين واري سڳي پارائي مانس
    ھن جون ٻيون شيون به ڏنيومانس.
    امان کي چيم ڪشش لاء رشتو کڻي وڃي.
    امان ڏاڍو خوش ٿي چيائين تون شھر مان
    ايندي ته تنهنجي شادي ڪرائي ڇڏيندس.
    آخري ڏيهن ڪشش ۽ سُرو گڏجي مونکي
    بس تائين ڇڏڻ آيا مان ٻنهي کان موڪلائي بس
    ۾ چڙھي پيس ۽ اوستائين ڪشش کي ڏسندو رھيس جيستائين ھو منهنجي نظرن کان اوجھل
    نه ٿي ھئي.
     
  5. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    شھري زندگي جي ھڻ ھڻان گُھٽ ٻوسٽ
    ۽ دونهي وارو ماحول دماغي طور انسان کي
    اڌ چريو ڪري ڇڏيندو آھي، ان جي ڀيٽ
    ۾ ڳوٺ جو کليل ماحول تازي ھوا ۽ زميني
    ساوڪ ساھ کي تازگي بخشيندي آھي..
    گرمين جي موسم شروع ٿي چڪي ھئي مان ان وچ ۾ ڳوٺان ٻه ڀيرا ٿي آيو ھئس، ڪشش جي
    گھر وارن منهنجو رشتو خوشي سان قبولي ورتو ھيو ۽ اسان جي مڱڻي وڏي ڌوم ڌام سان
    ٿي ھئي بابا جو اڪيلو اولاد ھئس ان ڪري بابا ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي ھئي. منهنجي شادي جون مھيني ۾ فڪس ٿيل ھئي جو موڪلون ٿي وينديون آھن، وڏي بيچيني سان ڪيلينڊر تڪيندو رھندو ھيس ۽ ڪشش جا خواب من
    ۾ پاليندو رھندو ھيس جو اھا اپسرا اھا سونهن ديوي ھميشه لاء منهنجي حوالي ٿيڻ واري ھئي
    مان ان کي سڄي سڄي رات ڄاڳائيندس اگر سمھڻ جي ڪوشش ڪندي ته مان ڳل تي چڪ پائي رڙيون ڪرائيندس، مان ھن جي ڇاتي تي
    مٿو رکي سمھندس، نه نه ھن کي پنهنجي سيني تي سمھاريندس ھن جا ريشمي وار اوڍي
    سمھندس ھن جي سڄي بدن تي منهنجو حق ھوندو اھا سڄي منهنجي ھوندي. بس رھي رھي اھي خيال دماغ جي ڌرتي تي ڦٽندا ھيا ۽ وڌي وڌي وڻ ٿي ويندا ھيا.
    وقت ھيمشه انتظار جي عذاب کي مات ڏئي
    ڇڏيندو آھي ۽ جون جو پھريون سج
    مون لاء عذاب مان ڇوٽڪارو کڻي آيو مان سڄي پيڪنگ ڪري شھر مان گھر وارن ۽ ڪشش لاء کوڙ ساري شاپنگ ڪري آيس..
    لاري مونکي ڳوٺ جي ٻاھرين حد تي لاھي
    دونھي جا ڪش ٻاھر ڇڏيندي گم ٿي وئي
    مان پنهنجي ڳوٺ جي رستي تي روان ھيس
    زمينن مان ڪڻڪن جا فصل غائب ھيا ھر طرف
    بوھ جا ڍڳ مرڪي رھيا ھيا ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ
    پاڇاٽي ڪڻڪ ڪٿي نظر ٿي آئي، اُٺ گاڏن جون قطارون بوھ جي ڍڳن کي ولاريو بيٺيون
    ھيون مزدور چھري تي ٻوٿاڙا ٻڌي ڀريون کڻي
    لوڊ ڪرڻ ۾ مصروف ھئا. ڪو ھاري گس تان انھن مزدورن لاء چانھ جو ٿرماس کڻي ويندي نظر ٿي آيو، ڳوٺ جون جھونڙيون جن کي گھرن ۾ ويھڻ سان سک ناھي ايندو سي ننڍڙين ٻھارين سان ڪڻڪ جي ڪُنڊي لاء نڪري پيون
    ھيون، جوڳين جا ٻار ڪڻڪ جا ڇڻيل سِرا چونڊي رھيا ھيا. مان سُرو جي ٻني ڏانھن به
    نھاريو ان جو فصل به لھي چڪو ھيو مطلب
    ڳوٺ جا ماڻھون ھيئنر خوشين کي ماڻي رھيا ھيا.
    ڳوٺ ٻاھران ئي ھڪ نوجوان نظر آيم کيس مون جيان ئي پينٽ شرٽ پاتل ھيس. گڏ ۾ ڪشش جو ٻيو نمبر ڀاءُ ڏسڻ ۾ ٿي آيو ٿي سگھي ڪو پري جو يا ويجھو مائٽ ھجيس..
    خير مان سڌو گھر پڳس بابا ڪون ھيو امان
    ڀاڪر ۾ وٺي ڇڏيو پھريون دفعو اکين جي
    پولارن مان لڙڪ نڪرندي ڏٺم.. ڇا ٿيو منهنجي جيجل.؟.. امان رئي جي ڪنڊ سان اکيون اڳھيندي ڳالھايو.. ڪجھ نه پٽڙا تنهنجي خوشي
    ڏسڻ واري آھيان ان ڪري روئي پيس..
    چري چري چري امان.. اھا به ڪا ڳالھ ٿي مان
    ڪھڙو ڪشش کي وٺي شھر ٿو وڃان جو تون
    اڪيلي ٿيندي مان ھتي ئي تنهنجي اکين آڏو
    ڳوٺ ۾ رھندس بس تون دعا ڪندي رھ ھن ڳوٺ ۾ تنهنجو پٽ ڊاڪٽر ٿي ايندو..
    امان نراڙ تي چمي ڏيندي جي منهنجا ٻچا شال ڪاميابيون ماڻين.. دعا ڏئي مونکي کٽ تي
    ويھڻ جو چئي پاڻ رڌڻي ۾ مون لاء ماني پچائڻ ھلي وئي.. مان اٿي ھلڻ لڳس امان تون ماني تيار ڪر مان ڪشش سان ملي اچان ٿو..
    رڌڻي اندر ڪنهن شي ڪرڻ جو آواز ٿيو لڳم شايد امان جي ھٿن مان ڪجھ ڪري پيو ھوندو. مان لوڙھو اورانگھيو ڏٺم امان ماني
    پچائيندي اٿي در تي بيھ مونکي ويندو ڏسي
    رھي ھئي ھڪ پل لاء حيراني ٿي ڇو جو امان
    ڪڏھن به اڳ ۾ ايئن نه ڪيو ھو پر الائي ڇو
    امان جي ان بيچيني کي پرکي نه سگھيو ھيس.
    سُرو جي گھر پڇا ڪيم نه ھيو، ٻاھر چاچي ديانند به مونکي ڏسي نظرانداز ڪري ڇڏيو سوچيم ھٽ تي رش آ ان ڪري مونسان ڳالھائي نه سگھيو ھوندو، سُرو جو پتو پئجي ويو ته
    نانگي شاھ تي ويل آ مون به اوڏانهن جو ئي رخ ڪيو گس تي بابا سائين ملي ويو اڄ ان به زوردار ڀاڪر پاتو مان پيرين پيو مانس ۽ چيم اوھان لاء ڪپڙا آندا اٿم ڏسجوس ڪيئن آھن.
    بابا ھائوڪار ڪري ھليو ويو پر اڄ ملڻ ۾ مزو نه آيو مونکي. خير مان نانگي شاھ پھچي ويس
    سُرو کٻڙ جي ڇانوَ ۾ ڪھاڙي لاء ڳن گھڙي رھيو ھو منهنجي آھٽ تي ڏسي ورتائين ڊوڙي اچي گلي لڳو.. اچي ويو منهنجو رام.. ھا منهنجا لڪشمڻ تنهنجو رام اچي ويو ۽ تون سيتا جو
    احوال ڏي ڪيئن آ اھا،. تنهنجي سيتا ٺيڪ ٺاڪ تندرست آھي شھر ۾ سندس جو سڳو چاچو آيو آ ٻارين ٻچين ان جي خدمت چاڪري
    ۾ ھوندي. پر مون ته سڄي ڄمار ۾ ان جو ڪو چاچو نه ڏٺو.. ھا ھو گھڻا سال اڳ ۾ پاڻ ۾ ڪنهن تڪرار تان ڌار ٿيا ھئا سالن پڄاڻان ھاڻي
    پاڻ ۾ کير کنڊ ٿيا آھن.. الا سنڌ جي ماڻھن جو به حال ڏس معمولي ڳالھين تي انا پرستي جي
    ور چڙھيو وڃن ۽ سڀ محبتون ماري نفرتن
    کي نانگ جيان پالي رکن ٿا.
    ھا امر پر پوء به سٺو ٿيو ٻه ڀائر ۾ ملي ته ويا..
    ھون...اھو ته آھي.. خير ھل ته سيتا مطلب ڪشش سان ملون.. ڏٺم سُرو اڃان ويٺو ھيو.
    سُرو اٿي ڀلا ھلڻ جي ڪر.. سُرو ڪنڌ ھيٺ ڪيو ڪھاڙي جو ڳن گھڙڻ ۾ مشغول رھيو،
    سُرو مان ھلڻ جو چيو آ توکي.؟؟
    تون ھل امر مان ٿوڙي دير ۾ اچان ٿو..
    اھو پھريون دفعو ھيو جو منهنجي يار سريش
    مونکي انڪاري جواب ڏنو ھيو..
    ڇا ڳالھ آھي سرو..؟؟
    ڳالھ ڪجھ ناھي تون ھل مان اچان ٿو پويان مونکي ٿورو ضروي ڪم آھي.
    مون سُرو کي ٻانھن مان جھلي ڇڪي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جھٽڪو ڏئي ٻانھن
    ڇڏائي ڇڏي.. توکي آھي ڇا امر.. تون سمجھين ڇا ٿو پنهنجو پاڻ کي.. آئون تنهنجو غلام ناھيان
    جو جيڏانهن چاھين ٻانهن مان جھلي وٺي وڃين، دوستي جو اھو مطلب ناھي جو آئون تنهنجي ھا ۾ ھا ملايان، ھليو وڃ ھتان نڪري وڃ ھتان ڪٿي آئون پنهنجو صبر نه وڃائي ويھي رھان..
    ھي ڪيئن پيو ڳالھائين سُرو توکي ڪجھ خبر به آھي؟.. مونکي سڀ خبر آھي ۽ تون به ٻڌي ڇڏ جنهن سيتا کي تون ھتي ڳولھڻ آيو آھين
    سا تنهنجي نه پر ٻئي ڪنھن جي آھي ڪو ٻيو ان سان ھٿ ھٿ ڏئي ٿو گھمي..!
    سُررررررررو.. ھڪ زوردار چماٽ سُرو جي ڳلن تي پنهنجا نشان ڇڏيا ۽ سرو اونڌو وڃي ڪريو.
    زليل ڪميڻا بي غيرت مان توکي پنهنجو سڳو ڀاءُ مڃيندو آھيان امان توکي پنهنجو پٽ مڃيندي آھي پر تون ايترو نيچ ۽ ڪريل نڪرندي اھو مونکي اندازو نه ھيو تون منهنجي
    ڪشش جي باري ۾ اھڙا گھٽيا لفظ چوندي اھو مون ڪڏھن به نه سوچيو ھيو... سٺو ٿيو ميگھا تو جھڙي زليل انسان کي ڇڏي ڏنو تون
    لائق ئي ان جي ھئين گھٽ زات جا ھندو..
    اڄ کان وٺي پنهنجي اھا منحوس شڪل منهنجي اڳيان ڪڏھن به نه آڻجان اسان جي
    دوستي اڄ ھتي ئي ختم تو سوئر سان ھاڻي
    منهنجو ڪو به واسطو ناھي..!
    سُرو مٿي اٿڻ جي زحمت نه ڪئي ۽ مان
    کيس اتي ئي ڇڏي واپس وري آيس.. اکين ۾ باھ جا اُلا ھيم دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي ھئي ۽ رستي ۾ پڻ سُرو کي گاريون ڏيندو ٿي آيم ته
    ان منهنجي ڪشش مٿان اھڙو گند ڪيئن اڇليو
    منهنجي ڪشش ھڪ منٽ به مونکان سواء ٻي
    جي باري ۾ سوچي نٿي سگھي اھا صرف مون لاء آسمان مان لاٿي وئي آ ۽ مان ئي ھن جي خوابن جو شھزادو آھيان ۽ رھندس.
    گھر اچي ليٽي پيس پر ننڊ نه آئي نه ئي ماني
    وڻي.. ھڪ ھفتو گذري چڪو ھو نه امان گھر
    ۾ ڪشش جو ذڪر ڪيو نه بابا پنهنجي لاء آندل ڪپڙا کولي ڏٺا ديانند به ٿورو پاسيرو
    ٿيندو ٿي ويو سومرو ميگھواڙ صندوق ڇڏي
    الائي ڪھڙي ديس نڪري ويو ھو. سُرو کي
    ھٿن سان ڌڪاري آيو ھيس ھيڏي ڳوٺ ۾ مان ڄڻ اڪيلو ھجان مان ڄڻ تنھا ھجان..
    اڄ نار تي سحرش کي ڏٺم مونکي ڏسي تڪڙو
    نڪرڻ جي ڪيائين گس روڪي ڪشش جو
    پڇيومانس الاھي نٽائڻ جي ڪوشش ڪيائين
    پر نه ڇڏيومانس چيائين صبح جو اياز سان
    ٻني تي وئي آھي.. ڪھڙو اياز.؟ سئوٽ آھي اسان جو شھر مان آيو آ مھينو اڳ ۾.
    ....
    منهنجي ساھ ۾ منجھ ٿيڻ لڳي دماغ چڪرائجڻ لڳو ايئن لڳو ڄڻ اجھو ٿي مونکي
    الٽي اچي.. مان ٿڙندو ٿاٻڙندو ٻني تي پڳس
    ڪٿي نظر نه آئي پر ھو ٻٻر جي اوٽ ۾ رنگين
    ڪپڙا ڪنهن جا آھن ويجھو ويس.. ھي ته ڪشش ھئي پر ان جي گوڏي مٿان ستل ھي ڪير آھي جنهن جي وارن ۾ ڪشش آنڱريون
    ڦيريندي ٿي وئي..
    ڪشش.. مون وڏي رڙ ڪري سڏيومانس..
    گوڏي تي ستل نوجوان اٿي ويٺو ۽ ڪشش سان
    مخاتب ٿيندي پڇيائين ڪير آھي ھي؟؟؟
    ڪشش ڏٺو اڻڏٺو ڪندي.. خبر ناھي اياز
    مان ته نٿي سڃاڻانس شايد ڪا غلط فھمي
    ٿي ھجيس.. ڪشش جي زبان مان.. مان نٿي سڃاڻان وارو جملو ٻڌي منهنجي پيرن ھيٺيان
    زمين نڪري وئي ڳالھائڻ چاھيم پر لفظ مڇي
    جا ڪنڊا بڻجي نڙي ۾ اٽڪي پيا اکين آڏو انڌيرو اچي ويو.. اياز جو ڌنڌلو آواز
    ڪنن جي بندن سان ٽڪرائجڻ لڳو پليز اسان
    کي ڊسٽرب نه ڪيو جناب ۽ ھاڻي ھتان پير ڦٽائڻ جي ڪيو.. ڪيئن پير ڦٽايان ھا منهنجا پير ته وڍجي چڪا ھيا ۽ وڍڻ وارو ٻيو ڪير نه پر منهنجي ڪشش ھئي.. مان پنهنجون وکون
    پوئتي ورايون ايئن لڳو ڄڻ پٺيان ڪشش منهنجي بيوسي تي اياز سان ھٿن جي تاڙي ملائي مرڪي رھي ھجي..
    مان الاھي ڪوشش ڪئي ڪشش سان اڪيلو ملي پڇانس ته تو ايئن ڇو ڪيو پر ناڪام ويس. اياز سدائين ان سان گڏ رھندو ھيو.. سُرو کي ڏاڍو مس ڪيم پر شايد ھمت نه رھي ھئي
    ھاڻي ان سان اکيون ملائڻ جي.. امان ٻڌايو ته
    ڪشش جي چاچي کير کنڊ ٿيڻ لاء پنهنجي پٽ اياز سان ڪشش جي رشتي ڪرڻ جو شرط رکيو ھيو ھڪ مجبور پي ڪڇي نه سگھيو ۽ سالن جي نفرت ختم ڪرڻ لاء ڪشش جو سنڱ ڏئي ڇڏيائين. آيو ھو تنهنجي بابا وٽ ۽ ان اجازت ڏئي ڇڏي..
    پر ڪشش مونسان محبت ڪندي ھئي امان..
    امان چپ رھي ۽ مان به وڌيڪ ڪجھ چئي نه
    سگھيس.. اڄ ٻڌڻ ۾ آيو ته ڪشش جو نڪاح ٿو ٿيئي اياز سان.. وڏي رش ھئي ڪشش جي
    گھر ٻاھران.. مان لوڙھي جي پٺين پاسي کان سڀ ڪجھ ڏسندو رھيس مولوي اياز کان ڪجھ پڇا پي ڪيائين وري ڳاڙھي جوڙي ۾
    ويڙھيل ڪنوار کان ٿي پڇيائين ان به ھاڪار
    ۾ ڪنڌ پي لوڏيو.. منهنجي اکين جا خواب لڙڪن جو ھٿ جھلي ٻاھر پي نڪتا..
    ...
    لوڙھي جي کڙاء وٽ گاڏي جا ھارن وڳا
    مان اتان ڦري اڳيان ھليو ويس اياز ۽ ڪشش کلندا ان گاڏي جي پوئين سيٽ تي وڃي ويٺا..
    مان ڀڄندو اچي نانگي شاھ وٽ بيٺس..
    ڪشش گاڏي جو شيشو لاھي ھڪ ويڙھيل رومال اڇلي ھلي وئي.. مان ڪافي پنڌ گاڏي پويان ڀڄندو روئيندو ۽ ڪشش کي سڏيندو
    ويس.. پر گاڏي منهنجي وجود کي مٽي سان ڀڀوت ڪندي اکين کان اوجھل ٿي وئي..!
     
  6. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    انتظار جو ڀٽون ڏاڍو ڏنگيندڙ ھوندو آھي
    ۽ مان مسلسل ان جي ڏنگن جو تاب سھي
    رھيو ھئس، ان وچ ۾ ٻه ڀيرا سحرش کي ڏسي
    آيو ھئس پر اھا اڃان آرام ۾ ھئي ۽ منهنجو آرام
    نيڻن مان ڪوھين ڏور اڏامي چڪو ھيو.
    نيٺ انتظار جو ڪنڌ اسٽاف ڇوڪري جي ان
    جملي اچي ڀڳو ته سر پيشنٽ سجاڳ ٿئي پيو..
    مان وڏي آھ.. سان شوڪارو ڀري اٿس ايئن لڳو
    ڄڻ روزِ محشر ۾ رب آڏو پيو وڃان ۽ اسٽاف جي ڇوڪري نه پر ملائڪ مون کي اڳ ۾ ڪري وٺيو پئي ھلي. دروازي کلڻ جي آواز تي سحرش اکين جا ڇپر ڍرا ڪيا، مان وڃي ھٿ مٿان ھٿ رکي چيومانس تون ٺيڪ آھين ۽ تنهنجو ٻار به بلڪل ٺيڪ آھي جلدي ئي اھو
    تنهنجي ھنج ۾ ھوندو، ڏٺم سندس اکين مان ممتا مرڪي اٿي ھئي، مونکي سڃاتئي مون پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائيندي پڇيومانس،. اکين گول
    ڪندي گھوري ڏسندي رھي ھاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي امر““.. مان جواب ڏيان ان کان اڳ ۾ مون اسٽاف ڇوڪري کي روم مان ٻاھر وڃڻ جي ھدايت ڪئي جنهن تي ھو اوڪي سر چئي
    ھلي وئي.. ڪنڌ موڙي ڏٺم سحرش جي اکين مان نير وھي نڪتا ھيا،. پاڻ اٿڻ جي ڪيائين
    مون سھارو ڏئي اٿاريومانس.”“
    تجسس مان روم جي دروازي ڏانھن نظر اڇلي
    واپس مون ڏانھن موٽ کائيندي: ڪشش ڪٿي آ امر.؟؟.. ايئن لڳو ڄڻ منهنجو مزاڪ اڏائيندي
    ھجي.. ڇا پئي چوين سحرش اھو سوال منهنجو آھي توکان؟. نيڻ گھنجائيندي ڇا مطلب آ تنهنجو امر؟.. اھو ئي مطلب آھي ته ته ڪشش
    اياز سان شادي ڪري مونکي ڇڏي ھلي وئي ھئي، منهنجي پيار جو وشواش گھات ڪري مونکي بي موت ماري وئي ھئي ۽ ان جي تون اکين ڏٺي شاھد ھئين سحرش..!
    امر ھي تون ڪھڙيون ويٺو ڳالھيون ڪرين.. اڇا پھرين اھو ٻڌاءِ تون انگلينڊ ڪڏھن آيو آھين.؟.. مان ڪشش جي شادي جي پورن ٻن مھينن کان پوء... گھر وارن سان ڪنهن قسم جو رابطو ڪيو ھيئي امر.؟.. نه ست سالن ۾ ڪڏھن ڀلجي به ڪو خط نه لکيو اٿم ۽ نه ئي
    انهن کي منهنجي ڪنهن ايڊريس جي خبر آھي..
    يا خدايا.. سحرش جي اندر ۾ ھڪ دٻيل ٻاف
    نڪتي ڄڻ ڪا سونامي ھئي جنهن سحرش جي
    اندر کي جنجھوڙي ڇڏيو، ھو زارو قطار روئڻ
    شروع ٿي وئي، ان جي ايئن روئڻ تي منهنجي اندر ۾ به وڍ پوڻ لڳا..
    ھي تو ڇا ڪري ڇڏيو امر.. ھن پنهنجي چھري تي ھٿي رکي وري روئڻ شروع ڪيو..
    مون چھري تان ھٿ ھٽائيندي پڇيومانس ڪجھ ٻڌاء سحرش نه ته منهنجو ھيئنيو ڦاٽي
    پوندو.. امر تنهنجي ڪشش ست سالن کان ڳوٺ ۾ تنهنجو انتظار ڪندي ھوندي، اھا معصو اھا نادان مري ويندي پر توکان سواء ڪنهن جي نه ٿيندي امر.. منهنجا ھٿ پير ٿڌا ٿيڻ شروع ٿي
    چڪا ھئا سڄو روم مونکي ڦرڻي جيان ڦرندي محسوس ٿي رھيو ھو.. ھي تون ڇا پئي چوين سحرش مونکي صاف لفظن ۾ ٻڌاء..!
    امر اياز سان منهنجي شادي ٿي ھئي ان جي نڪاح ۾ جنهن ھائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو پي اھا
    مان ھيس، جنهن گاڏي ۾ تو ڪشش کي ويندي
    ڏٺو ان ۾ مان به ھيس.. ڇا پئي چوين سحرش مون سڀ ڪجھ پنهنجي اکين سان ڏٺو پي ڇا منھنجيون اکيون مونکي ڌوڪو ڏئي سگھن ٿيون سحرش؟.. تون سھي آھين امر پر تنهنجين اکين اھو ڏٺو جيڪو توکي ڏيکاريو ويو.. ھي سڀ ان پاڳل ڇوڪري ڪيو ۽ تنهنجي لاء ڪيو..
    ...
    تنهنجي شھر وڃڻ کانپوء ڪشش جي اچانڪ
    طبيت خراب ٿي پئي وات مان رت اچڻ شروع
    ٿي ويو ھيس.. ادو شھر وٺي ويس جتي انھن
    رپورٽ ڏني ته ڇاتي جي ڪينسر جا آثار پيا
    ڏسجن توھان جلد ئي ڪنهن ٻاھرين ملڪ مان
    اثرائتو علاج ڪرايوس نه ته تمام جلد ڪشش جي زندگي خطري ۾ پئجي ويندي..
    ڪشش مسلسل روئيندي رھي ھن کي پنهنجي موت جو خوف نه ھو امر.. پر ھن کان تنهنجي
    حالت ڏٺي نه ٿيئي ھا.. ڀاڳن سان چاچا سائين
    جو وارن جو ٺاھ ٿي ويو ۽ ان خوشي ۾ انھن
    منهنجو سنڱ اياز کي ڏئي ڇڏيو جڏھن اھي ڳوٺ پڳا ۽ ڪشش جي بيماري جي خبر ٻڌن
    ته ڏاڍو ڏک ٿيو اياز گھر وارن کي راضي ڪيو
    ته مان ڪشش جو علاج انگلينڊ مان ڪرائي
    مڪمل صحتياب ڪري آڻيندس پر ۾ ڪيترو
    ٽائم لڳي ان جي ڪا ڳارنٽي ناھي..
    ڪشش ھلڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيائين منهنجو
    امر اچي بس مان ٺيڪ ٿي ويندس.
    ۽ پوء مون ئي ان کي سمجھايو ته ڇا تون امر
    جون خوشيون ڦرڻ ٿي چاھين ڇا امر تو بيمار سان پنهنجي زندگي تباھ ڪري ڇڏي تون اھو ئي ٿي چاھين نه ته امر به توسان گڏ مري وڃي،.. تڏھن ڪشش ايڏو ته زور سان رڙيون
    ڪيون گھر جي وٿاڻ ۾ بيٺل ٻڪرين ۾ ڦڙڦوٽ مچي وئي.. ھن توکي خوش ڏسڻ لاء پنهنجي
    دل مٿان ايڏو ته ڳرو پٿر رکي ڇڏيو جو جڏھن
    تون ان جي سامھون آئين تڏھن ھو ان کي چاھيندي به ھٽائي نه سگھي.
    ...
    سُرو کي ھن تنهنجا قسم ڏئي توکي ڀڙڪائڻ
    جو چيو.. تنهنجي امان ۽ تنهنجي بابا جي ھو
    پيرن تي ڪري پئي ھئي ۽ ھو نياڻي جي ڳالھ
    ٽاري نه سگھيا ۽ توکي تنهنجي ماءُ اھو افسانو ٻڌايو جيڪو ڪشش ان کي ٻڌائڻ لاء چيو ھو.
    ٻني تي ڪشش جو اياز کي ھنج ۾ سمھارڻ ۽ توکي پرايو ڪرڻ سڀ ڪجھ پلاننگ ھئي.
    نڪاح جي وقت اسان کي ھڪ جھڙا جوڙا پاتل ھيا پر نڪاح پڙھڻ محل ڪشش ڪمري ۾ ھئي
    ۽ جڏھن تون ٻاھر بيٺو ھئين تڏھن ھو اياز جو
    ھٿ جھلي گاڏي ۾ اچي ويٺي ھئي.
    اسان شھر اچي وياسين پاسپورٽ ٺھڻ ۾ ڪجھ وقت لڳي ويو ۽ انگلينڊ اچڻ کان پوء
    وري اياز جي دوستن اسان کي ھني مون تي
    اماڻي ڇڏيو. ايئن جڏھن اسان موٽياسين ته
    اياز ڪشش جي گذريل رپورٽ گھري ۽ جڏھن
    ان اھا پڙھي ته ان تي ڪشش بجاء ڪومل
    لکيل ھيو ۽ لفافي جي ٻاھريان ڪشش..
    اسان بنا دير ڪشش جون رپورٽون ڪڍايوسين
    جنهن ۾ ڪينسر بجاء معدي جو ھلڪو زخم ظاھر ٿيو.. اسان وڌيڪ پڪ وٺڻ لاء ٻيھر اتي
    جي مڃيل ليب مان ٽيسٽ ڪرائسين پر رپورٽ سيم آئي.. تڏھن اسان ڏاڍو خوش ٿياسين ڪشش ته اتي به توکي ساري روئي ويٺي.
    اياز ٻئي ڏينهن ئي ڪشش کي ڳوٺ ڇڏي آيو ھو امر..
    سحرش جو ھر لفظ مونکي ميڻ جيان ڳاريندو رھيو ھو مان لڙڪن جي سيلاب ۾ لڙھندو
    رھيس.. ھڪ لفافي بدلي ٿيڻ تي منهنجي ڪشش کي ست سال ڀوڳڻو پيو. ڪاش ڪشش جو اڻپڙھيل ڀاءُ اھو لفافو ان وقت ئي اياز کي
    ڏيکاري وٺي ھا ڪاش اياز لفافو کولڻ ۾ ايتري
    دير نه ڪري ھا ته شايد اڄ مان ڪشش سان
    گڏ ھجان ھا.. مان سحرش جي پيشاني چمي
    ٿورا مڃيامانس. ۽ ان مونکي ھڪ پل به وڌيڪ دير ڪرڻ نه ڏني.. مان ڳوڙھا اڳھي روم مان
    نڪري پنهنجي ڪيئبن ۾ پيپر تي انتظاميه
    لاء ھڪ خط لکي روانو ٿي ويس.
    ...
    اڄ ايئن پي لڳو ڄڻ ست سمنڊ پار ڪرڻا آھن
    ڄڻ سڄي زمين جو بار منهنجي ڪلھن تي
    پيل ھو اڄ جڏھن ست سالن جي وڇوڙي
    بعد لاري مان لھندي پھريون پير ڳوٺ جي مٽي
    مٿان رکيم ايئن لڳو ڄڻ نيل آرمسٽرانگ جيان چنڊ تي پير رکيا اٿن.. ھوائون ٻانھون کولي
    سڏي رھيون ھيو نانگي شاھ چڙا وڄائيندو
    مون اڳيان نچي رھيو ھو مان ٻنين کي ٻک ڀريندو پکين تي اکيون ڀڃيندو ڳوٺ ڏي وڌي
    رھيو ھئس ڳوٺ جي ھر ھٺيليي مرڪ ڏئي
    مٽي پي سڄو ڳوٺ ڄڻ ست سالن جي ننڊ ڪري ھاڻي اٿيو ھجي سڄو ڳوٺ مونسان ۽ مان سڄي ڳوٺ سان روئي مليس.
    امان جون اکيون ٿڌيون ٿيون بابا جي ٻڍاپي کي ويڪسين ملي وئي.. ڳوٺ جو سج روئڻ
    مان ڍاپي اولھ جا ھٿ جھلي ھيٺ وڃي رھيو
    ھو.. ڪشش پرين جي تڙ ۾ منهنجو عڪس ڳولھي رھي ھئي ۽ جڏھن مونکي ڏٺائين ته
    ولر کان وڇڙيل ڪونج جيان اچي سيني تي ساھ کنيائين..
    سڏڪا... گاريون.. ڀڻڪا..
    پيار.. چميون.. دڙڪا..
    سڀ سٺم سڀ مڃيم
    رنج رساما.. مڪون مھڻا..
    ڏور پٽڙي جي ڌوڌڙ سان سُرو اڏري پڳو
    ٻک.. ٻانھون.. مرڪ ۽ دانھون
    سڀ وساريوسين ھڪ ھئاسين
    ھڪ ٿي وياسين.. ڪشش ٻنھي جا ھٿ جھلي
    وچ ۾ ٿي ھلڻ لڳي ھئي ڏور سورج اسان جو جڙيل ساٿ ڏسي مرڪي پيو ۽ آسمانن جي اکين تي آخري چمي ڇڏي الوپ ٿي ويو..!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو