• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روٽا وائرس

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ WASEEM
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

WASEEM

سينيئر رڪن
Rotavirus.jpg

روٽا وائرس
روٽا وائرس ڇا آهي ؟
هيءَ دستن يا گُھمرن وانگر هڪ بيماري جو قسم آهي ، جيڪا عام طرح سان هڪ وائرس ( روٽا وائرس) جي ڪري ٿيندي آهي .
خراب صورتحال
دستن جي هيءَ بيماري عام طرح سان تازن ڄاول ٻارڙن توڙي گھٽ عمر وارن ٻارڙن ۾ عام طور تي ٿئي ٿي ، 2013 ۾ 49% سيڪڙو موت جي شرح روٽا وائرس جي ڪري 4 ملڪن ۾ ظا هر ٿي آهي ، جن ۾ پاڪستان ، ڀارت ، نائجيريا ۽ ڪانگو شامل آهن .
خطرو .
ٽن مهينن جو تازو ڄاول ٻار جسماني ڪمزور ۽ خوراڪ جي ڪمي جي ڪري اڪثر ڪري ٻن سالن کان گھٽ عمر جا ٻار شڪار ٿين ٿا .
علامتون .
روٽا وائرس جون ٽي خاص علامتون ٿين ٿيون .
بخار ، ڪمزوري ، پاڻياٺ جهڙا دست ، پيٽ يا معدي جي تڪليف جو ظاهر ٿيڻ . عام قسم جا دست 3 کان 7 ڏينهن کانپوءِ ختم ٿين ٿا ، ۽ نوجوان ٻارن دست ٿيڻ جي صورت ۾ جلد کان جلد ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃجي .
بچاءُ .
روٽا وائرس ويڪسين هڪ خاص طرح جي ٽيوب جي شڪل ۾ تيار ڪيل عام ويڪسين جيان پاڻياٺ جي صورت ۾ هر وقت پياري سگھجي ٿي جيڪا 1 ٽيوب هڪ ڊوز جي برابر آهي . ( 1.5 ملي لٽر )
لاڳاپيل اثرات .
روٽا وائرس ويڪسين هڪ محفوظ ويڪسين آهي ، جنهن جي ڪري ڪو به خراب اثر يا غير معمولي واقعو ظاهر نٿو ٿئي ، تيز بخار ۽ بک جو نه لڳڻ عام طرح جا اثرات ٿي سگھن ٿا .


ٿڌي رکڻ جو انتظام .
روٽا وائرس ويڪسين جي فائدي تي ناڪاري اثر نه ٿيڻ جي صورت ۾ ان سان گڏ ٻيون به ويڪسين ڏئي سگھجن ٿيون ، ويڪسين کي هميشهه 2 کان 8 ڊگري سينٽي گريڊ ۾ رکيو وڃي ، روٽا وائرس ويڪسين کي ريفريجيٽر جي مٿئين حصي ۽ فرج جي اڳيان وچولي حصي ۾ رکڻ ضروري آهي .
ترتيب ۽ طريقو
روٽا وائرس ويڪسين پينٽا 1 ۽ 2 سان گڏ 6 کان 10 هفتن جي عمر جي ٻارن کي ڏيڻي آهي .
روٽا وائرس ويڪسين 2 سالن جي عمر تائين وارن ٻارن ڏني ويندي .
نگهباني ۽ نظرداري
سڀ کان پهرين ويڪسين جي مدي خارج واري تاريخ جي پڪ ڪريو ۽ VVM کي ڏسو .
ٽيوب جي ڍڪ کي کوليو
ٽيوب جي ڍڪڻ جي مٿئين حصي ۾ رهيل دوا کي هيٺ ڪريو
کان پوءِ ٽيوب جي ڍڪ کي (180 ) ڊگري تي گھمايو ( هيٺيون حصو مٿي ۽ مٿيون حصو هيٺ ڪريو )
ان ڍڪ کي ٽيوب جي مٿان رکڻ کان پوءِ ڍڪ کي ٽيوب جي هلڪي تهه جي مٿان زور لڳائي ان کي کوليو ،
کولڻ کان پوءِ ڏسو جيڪڏهن اهو تهه نه کليو آهي ته وري ٻيهر کوليو .
بوتل کي ٻار جي وات تائين اهڙي طرح پهچايو جيئن اها هارجي نه پوي ، دوا ٻار جي نڙيءَ ۾ داخل ڪريو . آهستي آهستي ۽ صحيح طرح سان د اخل ٿي وڃي .
نوٽ . جيڪڏهن ٻار الٽي ڪري يا هاري ڇڏڻ جي صورت ۾ يا عملي جي غلطي يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري جيڪڏهن ٻار کي ويڪسين صحيح طرح سان نه ڏئي سگھجي ، ته ٻيهر ضروري نه آهي .

67051380-Rotavirus-infection-signs-and-symptoms-Stock-Vector.jpg
 
Back
Top