• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بيت

ميمڻ جاويد جاني

سينيئر رڪن
صحبت سدائين، ڪر تون ساڻ سنگت
ڪوري ڪڍ ڪُپَتِ، در وڃ تون دادلن جي

سڏي ٿو سهڻو، چئي حي علي الصلاح
ڄاڻي صحيح صلاح، سِگھو وڃ سُجود ۾

اکيون ناهن عام، عجيبن جون اوپرا
ڪنديون ڪم تمام، نظر وجھندي نظر ۾

اُڃَ عشق جي، ٻُجھِي ڪونه ٻين کان
هڪ تون ٻيو مان، سڙون پيا سِڪَ ۾

وڌائي وِکَ وَڃُ، جيڪي وانجھائن تنهنجي واٽ
ٻاري رَکُ تون لاٽ، اُنهن جي ئي اوسيئڙي ۾
 
Back
Top