صحبت سدائين، ڪر تون ساڻ سنگت ڪوري ڪڍ ڪُپَتِ، در وڃ تون دادلن جي سڏي ٿو سهڻو، چئي حي علي الصلاح ڄاڻي صحيح صلاح، سِگھو وڃ سُجود ۾ اکيون ناهن عام، عجيبن جون اوپرا ڪنديون ڪم تمام، نظر وجھندي نظر ۾ اُڃَ عشق جي، ٻُجھِي ڪونه ٻين کان هڪ تون ٻيو مان، سڙون پيا سِڪَ ۾ وڌائي وِکَ وَڃُ، جيڪي وانجھائن تنهنجي واٽ ٻاري رَکُ تون لاٽ، اُنهن جي ئي اوسيئڙي ۾