جي سنڌي قوم جو مستقبل روشن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي تعليم جي زيور سان نوازيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جي سنڌي قوم جو مستقبل روشن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي تعليم جي زيور سان نوازيو ته پاڻ دنيا جي ڪامياب قومن ۾ ڳڻجڻ شروع ٿي ويندي

    جي سنڌي قوم جو مستقبل روشن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي تعليم جي زيور سان نوازيو ته پاڻ دنيا جي ڪامياب قومن ۾ ڳڻجڻ شروع ٿي ويندي عربن جي شاهوڪاريءَ جو سبب آهي انهن جو ڊيسپلين ۽ پنهنجي قوم سان محبت ۽ سچائي!بيشڪ عربستان جنهن ۾ پوري خليج اچي ٿي انهن وٽ سون ۽ پئٽرول آهي پر اهي ٻئي شيون سنڌ ۾ به آهن سنڌ جو ڪوئلو هنن جي هر معدنيات کان وڌيڪ قيمتي آهي اگر اهو استعمال ٿيڻ شروع ٿئي ته سنڌ به ملڪن ۾ شمار ٿئي.علم ۽ عزت دوست سنڌ دوست

    سنڌي قوم کي مُسلسل جهالت جي اونداهين ڪوٺين ۾ ڌڪيليو پيو وڃي اُنهن جي تعليمي ادارن کي وڏيرا شاهي ۽ راشي ڪامورا شاهيءَ سان جي مدد سان تباه ۽ برباد پيو ڪيو وڃي، پوءِڍائي چور، رشوت خور ، بيواهن يتيمن جي زمينن تي قبضو ڪندڙ وڏيري، پير، مير، شاه، رئيس، جاگيردار ۽ راشي ڪامورن ملي جُلي پاٿاري دار ي ، ڌاڙيل گيري ۽ پوليس کي پالي، مجبور ۽ بيوس سنڌين کي محبوس ڪيو آهي، جنهن ڪري مهنگائيءَ ڪري خود ڪشي ڪندڙ ،بُک ۾ مرندڙ سنڌي نوجوان اُنهن جو ڇاڙتو ٿيڻ تي مجبور آهي. سنڌي وڏيرن، پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، جاگيردارن ۽ راشي ڪامورن کان آجائي ئي سنڌ ۽ سنڌي نوجوانن ، سنڌي سياسي سماجي تحريڪن ، نيشنلزم جي نالي تي قائم تنظيمن جو مقصد هُئڻ گھرجي. ۽ هي ڪم تُرت ڪرڻ گھورجن. سنڌ جي مڙني تعليم ادارن ۾ ميرٽ جي تعليم، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نالي تي کُليل اوطاقن کي بند ڪري، تعليم شروع ڪرڻ، راشي ڪامورن، جو احتصاب جيڪي ڪوڙا ڪليم، روينيو کاتن ۾ تبديليون، غير سنڌين کي ڪوڙا ڊوميسائل، شناختي ڪارڊ، بت کارائي ونگار تي بنان يا گھٽ اُجرت ڏيڻ تي ڪم وٺن ٿا، اُنهن کي اُجرت ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ، سنڌي نوجوان ۾ سوستي ، ڪاهلي جي رُجهان جو خاتمو، سنڌي ڳوٺن جي ڊوميسائلن تي ڊاڪٽري، انجنيئري ڪري شهرن ۾ ڪم ڪندڙن جي پنهنجي ڳوٺ ۾ لازمي واپسي ئي سنڌ جي مُصيبتن کان ڇوٽڪاري جو حل آهي.

    نهنجو پاڻ احتصاب ڪري سنڌ بچايو ، سنڌي بچايو ۽ عهد ڪريو ته رشوت وٺي غيرن لاءِ ڊوميسائل ، پي آر سي، ڪوڙيون ڊگريون، ڪوڙا شناختي ڪارڊ، ڪوڙيون مارڪ شيٽون، ڪوڙا زميني ڪاغذ ۽ اهڙو ڪم جنهن ۾ سنڌي غيرت ۽ عزت ۽ بقا جو سوال هُجي نه ڪنداسون ۽ اهڙن عمل ڪندڙ سنڌي ڪلارڪن، اُستادن، بورڊ آفيس ۽ شناختي ڪارڊ آفيس، روينيو کاتي وغيره ۾ ڪم ڪندڙن آفيسرن ، پٽيوالن وغيره کي غدارِ وطن سنڌ، قومي غدار سمجھندا سون، اُنهن جي نشاندهي ڪري ، احتجاج ڪري ساڻس سوشل بائڪاٽ ڪنداسون، سنڌ جي ماڳ مڪانن ، تهذيب و تمدن ڪلچر ۽ ادب جي حفاظت ڪنداسون.صحيح علم و ادب حاصل ڪري ۽ اصلاحي ڪم ۾ هڪ ٻئي جي مدد ۽ ساٿ ڏئي، سنڏ ۽ سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن ۾ هڪ ٻئي وري ساڳيو مقام حاصل ڪرايون. ڪاپي ڪلچر جو خاتمون ڪريون، اهڙن ڪامورن، منسٽرن جي ٻارن، اميرن، پيرن شاهن ميرن وغيره جي مُڪمل مانيٽرنگ ڪريون جيڪي عين اُن وقت جڏنهن امتحان هلندو آهي ،اسپتالن ۾ داخل ٿي، پسند جي اُستاد يا وجيليٽر جي ڊيوٽي لڳارائي امتحان جا پرچا ڏيندا آهن ۽ ڪاپي ڪن ٿا اُنهن جو خاتمو آڻيون. ۽ اُنهن کي علم و ادب دشمن سمجھي رُڪاوٽ آڻيون ، ڇو جو هاڻ هي قومي غيرت جو سوال آهي. علم و ادب سلامت ته سنڌ سلامت.
    سنڌي هڪ پُر امن ۽ سولائيزڊ ۽ مُڪمل مُهذب قوم آهي! ۽ هر مُهذب ۽ سولائزڊ قوم تي ڪي پنهنجا جاهل ۽ ڌاريان ملي هاوي ٿي حُڪومت ڪندا آهن. اڄ هي جيڪي مٿيو بيماريون چيل آهن اهو سنڌي قوم جو ڪلچر ئي ناهن، اهو ڪلچر ٻاهران آيل ۽ سنڌين ۾ مرج ٿيل آهي . بُنيادي ۽ نفسياتي اڀيس مان خبر پئي ٿي ته سنڌي جھڳڙالو نه پر هڪ امن پسند قوم آهي، اهوئي سبب آهي جو مُلڪان مُلڪ ڌاريون قومون هتي پناه گزين ٿيون ۽ پنهنجي جاهلانا ڪلچر، ڏاڍ، دٻ دٻي ظلميت سان سنڌي ڪلچر ۾ ضم ٿي سنڌي ڪلچر کي گدلو ڪري ، حقيقي سنڌيءَ کي غلام ڪيو ويٺيون آهن.

    ڃا توهان سمجھو ٿا ته واقعي پناهگيرن،پٺاڻن، پنجابي طالبان ۽ بلوچن وانگر سنڌي قوم به هٿيار بند گوريلا جنگ ڪري سگھي ٿي؟ آهي ڪو اهڙو رڪارڊ ٺهيل؟ آهي ڪا اهڙي سنڌ لبريشن آرمي؟ جن جو ذڪر ڪجي ٿو، انهن جي پس منظر ۾ به چٽيءَ طرح وڃجي، اُها اجتمائي قومي جدو جهد هرگز نه هُئي، اها گُروهن جي لڙائي هُئي ۽ آونهيءَ جو سبب به تاريّخ مان کُلو ملي ويندو ، ڪو به ڌاڙيل اسان جو هيرو نٿو ٿي سگھي، ڪو به قابض حڪمران جي انگريزن سان اقتدار جي ويڙه ڪري ٿو ته اُهو به غربت هو حامي ۽ قومي هيرو نٿو بڻجي سگھي . اهڙن ٽوٽڪن کي سنڌيت ۽ تهذيب، تمدن ۽ ڪلچر سان ڳنڍڻ نادانيءَ جو ڪم آهي .ظفر صاحب پنهنجي قوم جي سائڪي پڙهي وٺو، ظلم ۽ ظالم کي گڏ ۽ ڀائيوار ڪرڻ سان ته اٺ سنڌ ۽ سنڌين جي هيءَ حالت ٿي چُڪي آهي. اڄ کير ۽ پاڻيءَ کي ڃيد ڪرڻ جي ضرورت ۽ سنڌ جي بقا جو سوال آهي. مُمڪن ئي ناهي، اُهي جيڪي پنهنجن جو قتل ڪندا وتن، قبيلائي جھيڙن جي نالي تي، اُهي جيڪي ڪمزور غورتن کي ماريندا وتن ڪارو ڪاريءَ جي نالي تي، اُهي جيڪي کُلا ڪتاب آهن پنهنجن جي عزت ۽ سامون لُٽڻ ۾ جن جي ڪري ڳوٺن جو شريف طبقو مجبورن لڏ پلاڻ ڪري شهرن ۾ ٻين دهشتگردن جي ور چڙهي ويو ۽ اُتي به خوف جي زندگي گُذاري پيو ۽ پاڻ سان سوال ڪريو ڃا اهو مُمڪن آهي. ڇا هي آزاد سنڌ جي هڪ ئي نالي ، منشور تي ، مُختلف پارٽين ۾ ڇڙ وڃڙ ۽ ٺلهن نعرن تي مجموعو گڏ ڪندڙ سنڌي ڪا پريڪٽيڪل جدو جهد ڪرڻ جي قابل آهن ، ڇا اُهي ماڻهو، جن جي اڪثريت وڏيرن، پيرن، ميرن، شاهن، ڪامورين، سردارن جي پُڃ ۾ لٽڪي چند ٽڪن تي اُنهن لاءِ ڪوجھا ڪم ڪري ٿي ايڏو وڏو فيصلو وٺڻ جي قابل رهجي وئي آهي؟ پهرين گھران ته جهاد جو آغاز ڪن، پهرين ، مُفلس لاچار ۽ مجبور سنڌيءَ کي انهن پيرن، شاهن، ميرن، وڏيرن ۽ راشي ڪامورن کان آزادي ته ڏيارين، جنهن ۾ صرف انهن جي نافرماني ڪرڻي آهي، انهن جي اڳيان سر خم ناهي ڪرڻو، هلڪا عمل آهن، ڇا ممڪن آهي اُهي ايڏو وڏو قدم کڻڻ جي قابل آهن جي هُنن جي پٺيان ڪنهن وڏيري، شاه، پير، جاگيردار، ڪاموري جو هٿ نه هُجي، پهرين اهي ڳوٺن جا اسڪول ته کولائين ۽ ڳوٺن جي ڊوميسائل تي شهرن ۾ نوڪري ڪندڙن کي ڳوٺن ۾ ڪم ڪرڻ تي پابند ته ڪرائين، انهن ڊاڪٽرن کي جنهن علائقي جو ڊوميسائل آهي اُتي جي اسپتالن ۾ ته رڪرائين، آُهي شهري سهولتون ڳوٺن ۾ ته پُهچرائين ته سنڌي به فيضياب ٿئي ۽ کيس دوا ۽ علم در تي نصيب ٿئي. مان سمجھهان ٿو ته اهوئي ڏُکئي ۾ ڏکيو ڪم آهي. هي قوم پرست ۽ سياسي سنڌي ليڊر پهرين انهن راشي ڪامورن ۽ آفيسرن ۽ ڪلارڪن کي ته تنبيه ڪن ته رشوت ۽ پئسا وٺي ڌارين جا ڊوميسائل ۽ شناختي ڪارڊ نه ٺاهيندا. اُستاد پئسا وٺي ناپاس ٿيندڙن کي اي گريڊ نه ڏيندا جيئن سنڌ ۾ تعليم ۾ اڳتي اچي، وڏيرن کان اسڪول جيڪي اوطاقون ۽ واڙا ڍهيل آهن اُهي ته ڇڏائين. جيڪا قوم غلام ٿي چُڪي آهي اها گوريلا جنگ وڙهندي؟ حيرت آهي ظفر صاحب توهانجي هيڏي وڏي اپروچ تي.

    مُڙي پراڻي عربن جي تاريخ ڏي وڃو ته جڏنهن يهودين ۽ نصرانين کي عرب تي پنهنجي حاڪميت ۽ ڀائيواري ڪرڻي هُئي ته اُنهن پنهنجي مشنري پنهنجن خوبصورتن عورتن ذريعي ڪئي معني ته هُنن عورتن ذريعي عربن جي نوجوان توڙي پوڙهن مردن ۽ اثر رسوخ وارن کي ڦاسائي اُنهن سان شاديون ڪيون ۽ عرب قوم ۾ ظم ٿي، اُنهن ناناڻين جي اولادن وسيلي همدرديون ڪيون اهڙيءَ طرح اڄ جو عرب پنهنج... See Moreن حرمن ۾ يعهودي ۽ نصراني عورتون رکي ٿو ۽ گھر ڀيدين ڪري مصيبتن ۾ آهي.

    اهي ساڳيون سازشون شاهوڪار سنڌ ۽ سنڌين لاءِ به ڪيو ويون ۽ اُن ۾ اسٽيبلشينٽ جو وڏو ڪردار آهي. توهان ڏسندا ته تقريبن هر نالي واري ۽ ايليٽ ڪلاس يا فيوڊل سنڌي گھر ۾ پمجابي ۽ بين قومن جي جنرلن جون نياڻيون شادي ڪرائي آنديون ويون آهن ۽ گڏوگڏ پنجاب جي به ٻين طبقن جون عورتون جيڪيشرميلي، خاموش ۽ مظلوم سنڌي عورتن جا مُقابلي ۾ انتهائي هوشيار چالاڪ ۽ شاطر آهن اُنهن اڪثر سنڌي وڏيري، جاگيردار ۽ شاهوڪار ، ڪاموري جي گھرم ۾ قدم رکيو آهي ۽ پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر کي ٿوپيو آهي ايسائين جو سندن سنڌي مردن جو اولاد به سنڌين سان گھٽ ۽ ناناڻن سان گھڻي اُنسيت رکي ٿو. هاڻ توهان ٻُڌايو ته جنهن گھرن ۾ مُتوازي تهذيب، ڪلچر پروان چڙهندو هُجي ۽ غير سنڌي عورتون زالون هُجن ۽ اُنهن جا ناناڻا به غير سنڌي هُجن ته ڇا توهان اُميد ڪري سگھو ٿا ته اسان جو به عربن جھڙو حال ڪون هوندو. پوءِ اهي ڌارين زالن جا مَڄُو ليڊر ، جن کي اسان پنهنجي قيادت سونپي آهي، ۽ سنڌ جي اشوئن لاِءِ پُر اُميد پيا ڏسجون، ڇا مُمڪن آهي ته اُهي سنڌي ڪلچر هيٺ هلندا هوندا يا ٻنهين هنڌن تي کيڏن ٿا. ڇا اڃا به کُلو لکان. هاڻ غور ڪيو ته اسان اسٽيبلشمينٽ جي ڪهڙي مضبوط ڄار ۾ جڪڙجي ويا آهيون ، اڄ به اسان جا وڏا ، جن تي سنڌ قوم جان ٿي ڇڏي اُهي پنهنجي نسبت ۽ واسطو، سنڌ بجاءِ جي ايڇ ڪيو سان ڳنڍڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، ۽ ڪياهڙا آهن، جيڪي جھموري دئورن جي ڪوشش دوران، اسٽيبلشمينٽ جي جوڙيل اتحاد جو حصو هوندا آهن ڇا ان ڄار کان ڪٽجي پاڻ ڇڏائي سگھجي . پوءِ اهوئي سبب آهي ته اسان جو ليڊر ٻه چاپڙو آهي. هاٿيءَ جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا.

    ان شڪل ۾ توهان پنهنجي ڪلچر ۽ تهذيب کي ڪيئن رِوائيوِ ڪري سگھندئو. توهان جا پنجاب۽ اسٽيبلشمينٽ خلاف نعرا ۽ بحث توهان کي ڪيئن آزاد ڪرائيندا. ڪراچيءَ جو حال به ساڳيو آهي جو ايم ڪيو ايم توهان جي شهري حدن تي ڪنٽرول پئي ڪري ۽ توهان بي بث آهيو. اهوئي سبب آهي جو جيڪي اسان جا ليڊر نعرا هڻي فيصلن ۾ ويهن ٿا ۽ خالي هٿن واپس اچن ٿا ڇو جو اُنهن جي گھر ۾ پناهگير زالون ۽ اولاد ناناڻن جي گرد رهي ۽ گھمي ٿو ۽ هُنن جو صرف سندن والدين جي جاگير سان واسطو آهي جنهن تي هو عيش ڪري سگھن ۽ اُنهن جو اولاد توهان جي ڌرتيءَ کان وڌيڪ پناهگير ڪاز جو ساٿ ڏي ٿو ۽ هتي به توهان بي بث آهيو. فيصلا سنڌ جي شهرن ۽ پنجاب کا حقن گھُرڻ لاءِ اُتي ٿيندا يا ٿي سگھندا ، جنهن ۾ سنڌ مٽيءِ جي خوشبوءِ نه هُجي؟ جنهن ٽيم ۾ ٻنهين طبقن جا اهڙا ليڊر ويهن جن جي گھرن م انهن قومن جون زالون نه هُجن. ته ڇا سنڌي قوم جي حالت بدلبي ؟ نه حالت اهائي رهندي. ۽ سنڌ جو ماڻهو حق گھُري گھُري مري کپي ۽ شهيد ٿيندو ويندو ۽ واقا پيو ڪند پر ڪُجھ به حاصل نه ٿيندو. اچو ته پنهنجي ليڊر شپ اُنهن جي حوالي نه ڪريون جنهن ۾ اهڙو ٻج سمايل هُجي ته پوءِ به ڪُجه نه ڪجه ٿي سگھي ٿو.
     
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: جي سنڌي قوم جو مستقبل روشن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي تعليم جي زيور سان نوازيو

    انتر منتر جادو جنتر، سُک اچي ڪو سنڌڙيءَ اندر
    هرڪوڳائي ڳيچ خوشيءَ جا، جھوميچئي مست قلندر
    ائين ڪراچي هاڻ نه لُٽجي، لُٽيو جيئن هو ديبل بندر
    سڀئي ماڻهو پاڻ برابر، ڪين هُجي ڪو برتر
    خوف بنان اُڏامي آزاد هرڪو، خوب پکيئڙو ڪينجھر منڇر
    چور لُٽيرا ناس وڃن ٿي، کُليو رکجي رات جو در در
    پوءِ سوچن جي گھرجي آزادي،آهي پوءِ اهڙو ڪو جادو بهتر
    انتر منتر جادو جنتر، سُکاچي ڪو سنڌڙيءَ اندر
    غزل قاضي مقصود احمد
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: جي سنڌي قوم جو مستقبل روشن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي تعليم جي زيور سان نوازيو

    انسانن جي آزاديءَ جو ڳالهيون ڪر، خوشحالي ۽ شادابيءَ جون ڳالهيون ڪر
    وس پُڄئي سڀ رئيس وڏيرا ماري ڇڏ، ڀل تون پورهيت ۽ هاريءَ جون ڳالهيون ڪر
    دُنيا کي ڀل تو بهشت بڻائي سامياو ادا، پر پهرين تون سنڌ ڌرتيءَ جو ڳالهيون ڪر
    جنهن مٽيءَ مان تن ٺهيو، ان ۽ ڏن مليو، ماڻهن سان اُن پاڪ مٽيءَ جو ڳالهيون ڪر
    ساٿي! پنهنجو سنڌو ويندو واري ٿي، سچو آهين ته اُٿ، پاڻيءَ جو ڳالهيون ڪر
    پنهنجو گھر سُڌار ته ڪُجه سُڌري پئي، بند ٻيو بيڪاريءَ جو ڳالهيون ڪر
    عزل قاضي مقصود احمد
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جي سنڌي قوم جو مستقبل روشن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي تعليم جي زيور سان نوازيو

    سڀ کان پهريان ته سرسري طور تي اوهانجي هن جذباتي ليک تي واه واهه ڪبي ته اوهانکي شابس آهي ۔۔۔ دل جي گهراين سان ۽ سنڌ جي محبت ۾ تمام سٺو ليک لکيو اٿوَ، بيشڪ اهو ليک اوهان سنڌ ۾ انقلابي حالت پئدا ڪرڻ لئه لکيو آهي، بيشڪ اوهان چاهيو ٿا ته سنڌ ۾ تبديلي اچي ۽ سنڌ خوشحال ٿئي ۔۔۔
    پر ڪجهه ڳالهيون جي جذبات ۾ اوهان لکيون ته آهن پر انهن تي شايد غور نه ڪيو اٿوَ يا هرو ڀرو اوهان سنڌين کي مڄو ۽ ڳئون سمجهيو آهي ۔۔۔ سنڌين ڪا ويڙهه ناهي وڙهي؟ تاريخ جي ڪنهن به ورق ۾ اوهانکي سنڌي وڙهندي نظر نه آيا آهن ۔۔۔
    سڪندر اعظم کي شڪست درياهه سنڌ جي ڪنارن تي ملي هئي، محمد بن قاسم سان ملتان تائين ويڙه سنڌين ڪئي هئي، ارغونن ترخانن سان ويڙهيون ٿيون، انگريزن سان ويڙه ٿي ۔۔۔ ۽ ٻيون اهڙا ڪئي معرڪا ٿيا جن ۾ سنڌ وارن پاڻ ملهايون ۔۔۔ شاه عنايت وڙهندو رهيو، پير پاڳارو وڙهندو رهيو، بکر ۾ شاه بيگ ارغون خلاف ويڙه ٿي ۔۔۔ دودو وڙهندو رهيو، دولهه وڙهندو رهيو پر پوءِ به اوهان چئو ٿا ته سنڌي ڳئون ماتا رهيا آهن ۽ کين ڳئون ماتا ئي رهڻ ڏنو وڃي ۔۔۔!!!

    واه سائين واه ۔۔۔

    اوهانجي مٿي ڏنل بيان ۾ ڪئي ڳالهيون آهن جي بحث لائق آهن ۽ ڪئي اهڙيون ڳالهيون آهن جي تعريف لائق آهن ۔۔۔ بيشڪ اسانکي پنهنجي قوم کي تعليم طرف راغب ڪري جديد علمن ۾ پاڻ ڀرو ڪرڻو آهي، بيشڪ اسانکي پنهنجي قوم کي هنرمنديءَ جي ميدان ۾ اڳڀرو ڪرڻو آهي، بيشڪ اسانکي پنهنجي قوم جي اخلاقي اصلاح ڪرڻي آهي، بيشڪ اسانکي قومي غدار طبقي کي وائکو ڪرڻو آهي ۔۔۔۔ وغيره وغيره

    پر منهنجا دوست! تاڙِي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي، ان لاءِ تنطيمون ٺهنديون آهن، ان لئه اهڙا ماڻهون پئدا ٿيندا آهن جي سر تريءَ تي رکي انقلاب آڻيندا آهن، ائين ته اوهانجي ڳالهه به پاڻيءَ ۾ اڇلايل ڦوڙ ئي ثابت ٿيندو جيڪو وقتي لهر پئدا ڪري ختم ٿي ويندو ۔۔۔

    دنيا ڀر جون مظلوم قومن ۽ طبقن جيڪي انقلاب آندا آهن، انهن جي تاريخ ۽ ثقافت پڙهبي ته ڳالهه واضح ٿي ويندي ۔۔۔ ۽ اسانکي به ان انقلابي ثقافت کي پنهنجو ڪري اڳتي وڌڻو پوندو ۔۔۔

    باقي ها اوهان قدم وڌائي ته ڏسو ۔۔۔ ۽ پوءِ اوهانکي خبر پوندي ته جنهن طبقي ۽ ايسٽبلشمنٽ ۽ قوم جي ڳالهه ڪريو ٿا اها اوهان سان ڪهڙي حالت ٿي ڪري ۔۔۔؟؟؟ اوهان ۾ ڪهڙي طرح بزدلي ۽ مايوسي پئدا ٿي ڪري ۔۔۔ ڪهڙي طرح اوهانکي قيد ۽ بند ٿي ڏيکاري ۽ ڪهڙي طرح لالچ جي ڌٻڻ ۾ ٿي اوهانکي ڦاسائي ۔۔۔ اوهان سان دشمنيءَ جا هزار رنگ ڏيکاري اوهانکي ئي سنڌ جو دشمن ثابت ڪندي ۽ اوهانکي ئي پنهنجي نمائيندو ظاهر ڪري پنهنجي قوم جي اندر خوار ڪندي ۔۔۔

    ادا سائين جنهن قوم سان ۽ ايسٽبلشمنٽ سان مهاڏي اٽڪائڻ جي ڳالهه ٿا ڪريو ۔۔۔ ڪا اڪ جي ماکي ناهي جنهن کي لاهڻو آهي ۽ کائڻو آهي ۔۔۔ خئير ڳالهيون گهڻيون آهن جي ڪرڻ جهڙيون پر آخر ته اسانکي انتهائي خبرداريءَ سان پاڻ سنڀالڻو پوندو نه ته ۔۔۔ کايا پيئا ڪجهه به نه ، گلاس توڙا ۔۔۔ ٻارنهن آنا ۔۔۔ بل آيو
     
  5. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جي سنڌي قوم جو مستقبل روشن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي تعليم جي زيور سان نوازيو

    واه سائين واه تمام بهتر، پر جيڪڏهن سنڌ جي ميڊيا سچائي ڪري ۽ اهڙا ليک اخبارن ۾ اچن ته هر سنڌي متوجهه ٿئي۔۔۔۔
    مهرباني۔
     
  6. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: جي سنڌي قوم جو مستقبل روشن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي تعليم جي زيور سان نوازيو

    مُحترم! توهان صحيح پيا چئو! اهوئي سبب آهي جو آئون اُنهن نقطن کي ڇيڙي نروار ٿو ڪريان جنهن کي هرڪو ڪندي لنوائي وڃي ٿو ۽ زميني حقيقتن کان جيڪي سچايون آهن، کان مُنه ٿو موڙي ٿو. حالانڪه اهي ئي بنيادي خاميون آهن اسانجي بلڊنگ ۾ . جي بُنياد کان حل ڪرڻ جي ڪوشش هر قومي تنظيم، سياسي يا سماجي تنظيم طرفان انفرادي، اجتماعي طريقي سان ڪيون وڃن ته اسان بحيثيت سنڌي اڳتي رڙهي سگھون ٿا. پر افسوس جو ان طرف ڪو به فرد توجه نٿو ڏي يا توجه نٿو ڏيريو وڃي ۽ هر هڪ پاڻ کي ڄاڻي واڻي، ڏسندي پسندي، محسوس ڪندي ڇرڪندي، مُنهن لڪائي موڙي پر ڀرو ٿي وڃي ٿو . نتيجن ست هزار سالن واري تهذيب جا باني ۽ دعواي ۽ اواڪا ڪندڙ سنڌي سڏجائڻ وارا مُسلسل غلاميءَ طرف وڌندا وڃن هڪڙا امير ترين ته ٻيا غريب ترين ٿيندا وڃن ۽ رهيا ڪي وچولا يا ته اُنهن مان گھڻا ته شهر ڳوٺ ڇڏي امريڪا، ڪئناڊا ڀڄيو وڃن ۽ اُتا ن ڪاغذي اين جي اوز ٺاهي سنڌي قوم کي دڳ ڏيڻ جي ڪوشش پيا ڪن، باقي رهيا ويچارا ڪي داڻن مُٺ ۽ حقيقي ميرٽ وارا، جن پُٺيان ۽ اڳيان ڪو به رستو ناهي اُهي اهي سڀ جبر پيا برداشڪ ڪن، ادارن ۾ ترقيين کان محروم ،ميرٽ تي هُئڻ جي باوجود سنڌي وڏيرو ۽ راشي ڪامورو پنهنجي اولاد ، مٽ مائٽ جي سفارش ڪري اُنهن کان اڳتي وڌايو پيو وڃي ۽ هو انتظار ۾ ويهي مري کپي ، يا ته ڪن پيا بچن ٻارن سوڌو خودڪشيون يا شهري ۽ ڳوٺن جي دهشت گردن جو پيا کاڄ بڻجن، اُنهن شهيدن جي لاش تي پئي ٿئي سيست گيري يا قوميت ۽ ڪو مُڙي اُنه جي ٻجن جي پوءِ پرگھور به نٿو وڃي لهي، بس سال جو هڪ ڏينهن ملائجي ٿو ۽ اُنهن جو نئون نسل وري ڇڪجي انهن شهري دهشت گردن ۽ ٻهراڙيءَ جي وڏيرن جي پُڇ ۾ بُک کان مجبور ٿي پُڇ ۾ لڳي اُنهن جي اقتدار لاءِ واڪا ڪندو وتي ۽ اڄ پنهنجي ڌرتيءَ تي هوندي، نه شهرن ۾ (جتي شهري دهشت گردن جو قبضو آهي) ۽ نئي ڳوٺن ۾ (جتي وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن شاهن) جو ۽ رٽائرڊ يا حال راشي ڪامورن جو (جن چوريءَ جي پيسن مان زمينو ن وٺي هاڻ زميندار سڏايو آهي،۽ اُهي جيڪي اڳ بُک مرندڙ هُئا)، اهي مڙئي هڪ آهن ۽ ملي پاٿاريدار، ڌاڙيل ۽ پوليس جي مدد سان ۽ پُٺيان لڳندڙ بُکي قوم کي اڳيان ڪري موج مستيو پيا ڪن. اچو ته قوم کي سُڄاڳ ڪري پهرين انهن اندروني پريشانين ۽ غلامين کان کين آزاد ڪرايون ته سنڌ پاڻهي پاڻهي هڪ آزاد مُلڪ ۽ هڪ ذرخيز ڌرتي بڻجي ويندي، اها قتل و غارت، ڪارو ڪاري، قبيلائي جھيڙا، ڊاڪو گيري، پاٿاريداري، سامن ۽ ڳوٺ جي غريب پورهيتن جي نياڻين جون لڄون لُٽڻ بند ٿي وينديون. فقط وڏيرن جي پُڇ ۾ لٽڪيل اڪثريت غريب سنڌيءَ کي غيرت ڏيارڻي آهي (نعرن لڳائڻ جي غيرت نه حقيقي عمل ڪرڻ جي ۽ ڳاله سمجھڻ جي ۽ عمل ڪرڻ جي) ، ته هو اميرن جي کاڄ لاءِ ٻارڻ نه بڻجن ته سنڌ راحت ٿي پوندي ڇو جو اُهي ئي هُنن جا اصلي دُسمن آهن جن سنڌ ڌرتيءَ کي ڌارين اڳيان وڪرو ڪيو آهي. هوئن به هاڻ سنڌ سُونهاري قيادت کان مُڪمل محروم ٿي وئي آهي، رهيل قيادت ۾ نه ئي ڪي خالص سنڌي آهن ۽ اُنهن ۾ ڌارين جي ملاوٽ ڪُتي ڪُٽي ڀريل آهي ٿوڙي اڀياس ته ڪريو. توهان کان نعرا هڻائي اُهي پوءِ اُنهن ساهرن جي هنج ۾ وڃي ٿا ليٽن ، اُهي ئي سنڌ ۽ سنڌين لاٰ ڏچو آهن جي اُٿن ته غيرت ۾ اچي سنڌکي خوشحال ڪري سگھن ٿا. ائين ۽ سچي قيادت ڳولڻي آهي جيڪي سنڌ ۽ سنڌ ڌرتيءِ سان مُحبت رکن ٿا .
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جي سنڌي قوم جو مستقبل روشن ڏسڻ چاهيو ٿا ته ان کي تعليم جي زيور سان نوازيو

    ادا اوهان سائين نثار صاحب جن جي رپلائي کي وري وري ٿورو غور سان پڙهو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو