سنڌ ۾ ڪمند جا آبادگار ۽ ڪارخانيدار جي چالاڪي ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏22 ڊسمبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اڄ جو اهم اشو ڪمند جو اگه ۽ کنڊ ٺاهڻ وارن ڪارخانن جي بي هودگي .
    ___________________________________

    مونکي تقريبن 10 سال ٿيا هوندا ته هي اشو هر سال نومبر ۾ مارڪيٽ م ايندو آ ڪڏهن چمنيون دير سان هلائڻ جو سبب ڪڏهن ريٽ گهٽ جو انديشو نتيجي ۾ ملون دير هلنديون آهن۽ مالڪ پنهنجي زخيره اندوز ٿيل کنڊ کپائي پوءِ نئين کنڊ جو اسٽاڪ ڪندا آهن وري ايندڙ سال ساڳو راڳ الاپ .
    مون کي اها ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي ته گهوڙو جي گاه سان ياري رکندو ته بک مرندو پر هي هتي ابتي ڳاله پئي ٿي ملون جن لاءِ ڪمند تمام اهم آ جي نه هجي ته هوند مل هلي ئي نه تقريبن 6 مهينا هلندڙ هي مل ڪمند کا سواءِ بيڪار آ ۽ اهي ملن وارا مل ايريا ۾ ڪمند پوکي ڪرڻ جا حيلا هلائيندا آهن ته جيئن ججهو ڪمند پوکيل هجي ته جيئن مل ۾ ڪمند گهڻو اچي ته ته گهڻي کنڊ پيداوار ڪجي ،
    پر يار هي ريٽ جو مسئلو ته هو اڳواٽ آبادگارن کي رقمون ڏيئي ڪمند راهڻ لاءِ پابند ڪندا آهن ته پو هي ڪهڙو ڊرامو آ قوم کي پريشان ڪرڻ ڪڏهن عوام کي لٺيون هڻن ته ڪڏهن روڊ رستا بند ڪرڻ ......
    جي سمجهو ٿا ته ڪمند جو اگه صحيح نه آهي ته پو بابلا ڪمند نه پوکيو ٻيا کوڙفصل آهن ڪڻڪ جوئر ٻاجهر چڻا مٽر گاه وغيره وغيره ڇو ٿا انهن کي منٿون ڪريو مرڻ مارائڻ تائين گٿا لفظ پيا ڳالهائجن ڇو آخر ڇو
    فصل جي هي رقم نه ٿو ڪري ته ٻيو پوکبو ۽ پوکجي سو سڄي ماحول کي گرمائي ججن کان فيصلا پيا ڪرايو يار ڪهڙي دنيا جي ملڪ ۾ اچي ويا آهيون يا ڪهڙي ملڪ ۾ ائين ڪورٽون فيصلا ڪنديون آهن ته فصل جو اگه هيترو ڏيو ...
    ها ٻي ڳاله ته بابا هي سبسيڊائيز ڪرڻ ڪهڙي خوشي ۾ هي ته پرائيويٽ ڪارخانه آهن انهن کي پوري پوري رقم ڀرڻ گهرجي انهن جي عيوضي ٿي آباد گار کي سنڌ حڪومت مدد ڪري پئي افسوس توهان جي عقل تي ڏاهپ تي يار اهڙو ته وتايو فقير به چريائپ نه ڪري ها جهڙي هي چرٻٽ راجه پيا ڪن ....
    آبادگارن کي جي ريٽ وڌيڪ ڏيڻو آ ته مل مالڪ ڏين جيڪي هي کنڊ تيار پيا ڪن انهن جي عيوض ڪڏهن 30 روپيه ته ڪڏهن 10 روپيه سبسيڊائز مدد سنڌ حڪومت پئي ڪري ...واه ڙي عقل واه هل ته هلون هنگلاج ....
    خدا جو خوف کائو جي ڪمند مل ۾ نه ٿو اچي ته ڀل نه اچي هو آباد گار هن سال رکي سکي کائي ايندڙ سال ٻي فصل راهڻ جو بڀندو بست ڪري هنن سان ٽوٽل بائڪاٽ ڪن ڏسون ته ڪير ٿو پو مل هلائي بنا ڪمند جي ڇا سڪيون ڪاٺيون وجهندا مل ۾ ...يار سمجه سکو سنڌ حڪومت جو پيسو بي سبب ضايع نه ڪيو ڪا به سبسيڊائيز نه ٿيندي بس جي ريٽ مل وارا ڏين ٿا ته واه واه نه ته اڳئي سال پڪو په ڪريو ٻي فصل جو باقي ڊرامه ڪري ڪڏهن روڊ ٿا بند ڪريو ڪڏهن بلاول هائوس احتجاج ٿا ڪريو گاڏين ۾ ڪمند جون ڇڙيون کڻي کڻي ....بس کوڙ ٿيو قوم کي بي وقوف گهٽ ڪريو ....اڳواٽ مل وارن کان پيسا وٺن بند ڪريو ڪير به هجي پو پنهنجي زمين تي پنهنجي مرضي جو فصل لڳايو ڪير ٿو روڪي توهان کي ...اميد ته ڳاله جي ڳاٽي کي سمجهي ويا هوندا ...

    سنڌي سڌي سوچ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو