بــدگـــمانــــي جي بلندي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2017۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    همراه مون سان ڪچهري ڪندي وراڻيو :
    ”يار هڪ ڳالھ ٻڌي اٿئي.“

    مون چيو : ” الاءِ ڪهڙي.“

    چيائين : ” يار پاڻ مسلمان آهيون ڀلي سڄو هفتو يا پندره ڏينهن نہ وينجهئو تہ بہ پنهنجي جسم ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪا بدبو يا ڌپ پيدا ڪو نہ ٿي ٿئي پر جيڪي واڻيا يعني هندو آهن اُهي اگر هڪ ڏينهن بہ فريش نہ ٿين يا تيل ڦليل نہ ڪن تہ سندن جسم مان ڌپ اچڻ لڳندو آهي.“

    سندس لفظ ٻڌڻ شرط منهنجو اندر تہ صفا سڙي ويو، مڪمل طور تي جاهلانہ ڳالھ ڪئي هيائين، عجيب قسم جي ڪيفيت مون تي طاري ٿيڻ لڳي.

    کيس جواب ڏيندي وراڻيم : ” اڙي عقل جا اڪابر، دماغ ۾ ڪڙٻ يا بنھ ڀريل اٿي ڇا، لڳي ٿو دماغ کان صفا فارغ آهين، هن ڪائنات جو محور ۽ مرڪز انسان ذات آهي، تو کي انسان جي عظمت، مان مرتبي ۽ شان جي خبر ئي ناهي، تون ڪهڙي قسم جو انسان آهي، تون خدا جي ان عظيم تخليق انسان جي مذهب جي بنياد تي تذليل ٿو ڪري، جنهن انسان کي خدا تعالي ان مقصد لاءِ پيدا ڪيو تہ جئين اُهي سندس خدائي جي واکاڻ ڪن ۽ ان عظيم تخليق جي ذريعي سندس خدائي ظاهر ٿيئي، خدا تعالي اگر تو کي مسلمان جي گهر ۾ پيدا ڪيو آهي ۽ تون کي ايمان جهڙي نعمت سان نوازيو اٿائين تہ پوءِ اِن جو اِهو مطلب هر گز ناهي تہ تون ان ايمان کي بنياد بڻائي پاڻ کي مسلمائن سڏائيندي خدا جي اُن اعلي تخليق انسان ذات جي تذليل ڪري، سو بہ تمام ننڍڙي جواز تي، تاريخ شايد آهي تہ انسان ذات جي علم بردارن ڪڏهن بہ ڪنهن انسان جي ورڇ مذهب توڙي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ناهي ڪئي، خود حصور پاڪ جي دور ۾ اگر پاڻ صلعم وٽ ڪو غير مسلم مهمان ٿي ايندا هئا تہ پاڻ صعلم ان جي بلڪل اهڙي ئي ريت خاطرداري ۽ مهمان نوازي ڪندا هئا جهڙي طرح مسلمانن جي ڪندا هئا، جڏهن اسان جي نبي ۽ خدا جي رسول انهن ۾ مذهب جي بنياد تي ڌڪارت وارو رويو نہ رکيو تہ پوءِ تون ۽ مان ڪير ٿيندا آهيون جو انهن جي شخصيت بابت اهڙا دقيانوسي ۽ ڪِرب وارا نظريا رکو، ٿورو عقل کان ڪم وٺ، ڪٿي تو جهڙي نادان کي تنهنجي اها ڪم عقلي ۽ ڪمزور نظريو خدا جي بارگاه ۾ ذليل ۽ خوار نہ ڪري، اِها چوڻي تہ ٻڌي هوندئي نہ ” دوٻي کا کتا نہ گهر کا نہ گهاٽ کا“ ڇو تہ پهريان انسان ذات هن ڌرتي تي آيا آهن پوءِ مذهبن جون بنياد پيو آهي.“

    منهنجا لفظ ٻڌي ڪري مٿو کنڻ لڳو ۽ وراڻيو :
    ” يار مون بہ ٻين کان ٻڌو آهي.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو