جيڪو پوکي پيار تنهن وٽ آ سُرهاڻ،
اندر اُلا آگ جا، لفظن منجھه ٿڌاڻ،
اکين ۾ آلاڻ، پوءِ مُرڪ چَپَن تي..
**
مَنَ ۾ ڪو مهمان ضروري آ پيارا،
دردن جو درمان ضروري آ پيارا.
دل روئي پر مُرڪ چپن تي رکڻي آ،
دشمن تي دهمان ضروري آ پيارا..
هوريان هوريان هُن کان ڏور هليو وڃبو،
سورن جو سامان ضروري آ پيارا...
بيشڪ سارا روپ رکو صد ماڻهوءَ جا،
اندر ۾ انسان ضروري آ پيارا..
آواز : برڪت علي
ٻول : اياز گل