ٻول : من ۾ ڪو مهمان ضروري آ پيارا

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    جيڪو پوکي پيار تنهن وٽ آ سُرهاڻ،
    اندر اُلا آگ جا، لفظن منجھه ٿڌاڻ،
    اکين ۾ آلاڻ، پوءِ مُرڪ چَپَن تي..
    **

    مَنَ ۾ ڪو مهمان ضروري آ پيارا،
    دردن جو درمان ضروري آ پيارا.

    دل روئي پر مُرڪ چپن تي رکڻي آ،
    دشمن تي دهمان ضروري آ پيارا..


    هوريان هوريان هُن کان ڏور هليو وڃبو،
    سورن جو سامان ضروري آ پيارا...

    بيشڪ سارا روپ رکو صد ماڻهوءَ جا،
    اندر ۾ انسان ضروري آ پيارا..



    آواز : برڪت علي
    ٻول : اياز گل

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو