ڪي ويجھا ئي ڏُور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
ڪي چڙهن نه چت تي ڪي وسرن نه مور،
جيئن مينهن ڪُنڍيءَ پُور، تيئن دل وراڪو دوست سان.
***
من گھُريئي مشتاق سان،
جيئري جُدايون ڪي مَ ڪر۔
جيسين دم جيئرو هُجان،
پل نه ٿِي مونکان پري،
واسطي الله جي،
تون وڃڻ وايون ڪِي مَ ڪَر.
( ڪٿان سکئين سپرين، تون ڪاسائيءَ واري ڪارَ،
تکي ڪاتِي هٿ ۾ تون مڏيءَ سان نه مار،
چيري چَم نهار، جنهن ۾ رتي به ناهي رَتَ جِي.)
حُسن جي سرڪار ۾،
حاڪم رهن هو صاحب سدا،
اي ميان! صاحب ڏِنا،
در در گدايون ڪِي مَ ڪر.
ٻول : حضرت صاحب ڏِنو شاھ
آواز : استاد محمد يوسف