You are using an out of date browser. It may not display this or other websites correctly.
You should upgrade or use an
alternative browser.
ٻول : من گهريئي مشتاق سان جيئري جدايون ڪي مَ ڪر
مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪي ويجھا ئي ڏُور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
ڪي چڙهن نه چت تي ڪي وسرن نه مور،
جيئن مينهن ڪُنڍيءَ پُور، تيئن دل وراڪو دوست سان.
***
من گھُريئي مشتاق سان،
جيئري جُدايون ڪي مَ ڪر۔
جيسين دم جيئرو هُجان،
پل نه ٿِي مونکان پري،
واسطي الله جي،
تون وڃڻ وايون ڪِي مَ ڪَر.
( ڪٿان سکئين سپرين، تون ڪاسائيءَ واري ڪارَ،
تکي ڪاتِي هٿ ۾ تون مڏيءَ سان نه مار،
چيري چَم نهار، جنهن ۾ رتي به ناهي رَتَ جِي.)
حُسن جي سرڪار ۾،
حاڪم رهن هو صاحب سدا،
اي ميان! صاحب ڏِنا،
در در گدايون ڪِي مَ ڪر.
ٻول : حضرت صاحب ڏِنو شاھ
آواز : استاد محمد يوسف
مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪي ويجھائي ڏور ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مُور،
جيئن مينهن ڪُنڍي پُور، تيئن دل وراڪو دوست جو.
**
من گھريئي مشتاق سان،
جيئري جدايون ڪِي مَ ڪر.
جيسين دم جيئرو هُجان، پل نه ٿِي او مونکان پري،
واسطي الله جي، وڃڻ وايون ڪِي مَ ڪَر.
آهي اُميد هِيءَ مُون، ديدارُ دلبر جو پَسان،
بِرَھ وارن ساڻ بيحد بيوفايون ڪِي مَ ڪر.
حسن جِي سرڪار ۾، حاڪم رهن صاحب سدا،
اي ميان صاحب ڏِنا! در دَر گَدايون ڪِي مَ ڪَر..
آواز : دُشنت آهُوجا صاحب