• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : تنهنجي اکڙين کان پئي ڏور وڃان

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر


تنهنجي اکڙين کان پئي ڏُور وڃان،
مونکي ڀُلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان،
سڀ ڳالهيون وساري تون ڇڏجان،
مونکي ڀلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان.

منهنجا خط به پراڻا ڦاڙي ڇڏ،
پنهنجا ڦوٽو سڀئي تون ساڙي ڇڏ،
منهنجو نانءُ زبان تي آڻي متان،
مونکي ڀُلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان.

ڏاڍو مونکي روئاڙيئي محبت لاءِ،
هاڻي روءِ ڀلي پنهنجي قسمت لاءِ،
وڃا هاڻي هميشه لاءِ ٿِي هتان،
مونکي ڀُلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان.

پوءِ ڏينهن ڏکن جا گذارينديس،
پر خاصخيلي هت ڪونه اينديس،
تو ڳالهه هٿن مان وڃائي ”زمان“،
مونکي ڀُلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان..


آواز : فوزيه سومرو (حڪيمان سومرو)
ٻول : زمان خاصخيلي

 
Back
Top