ٻول : تنهنجي اکڙين کان پئي ڏور وڃان

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2018۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    تنهنجي اکڙين کان پئي ڏُور وڃان،
    مونکي ڀُلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان،
    سڀ ڳالهيون وساري تون ڇڏجان،
    مونکي ڀلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان.

    منهنجا خط به پراڻا ڦاڙي ڇڏ،
    پنهنجا ڦوٽو سڀئي تون ساڙي ڇڏ،
    منهنجو نانءُ زبان تي آڻي متان،
    مونکي ڀُلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان.

    ڏاڍو مونکي روئاڙيئي محبت لاءِ،
    هاڻي روءِ ڀلي پنهنجي قسمت لاءِ،
    وڃا هاڻي هميشه لاءِ ٿِي هتان،
    مونکي ڀُلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان.

    پوءِ ڏينهن ڏکن جا گذارينديس،
    پر خاصخيلي هت ڪونه اينديس،
    تو ڳالهه هٿن مان وڃائي ”زمان“،
    مونکي ڀُلجي ڪڏهن به نه ياد ڪجان..


    آواز : فوزيه سومرو (حڪيمان سومرو)
    ٻول : زمان خاصخيلي

     
    سدیر مھر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو