هو! رات هُجي، تون به هُجين مان به هُجان، هڪ ته پنهنجي مٺڙي ملاقات هُجي، ٻيو ته پرين توسان پيو پيار ڪجي هو!!.. آءُ پرين تولاءِ منهنجو ساھُ سِڪي ٿو، حال اٿم هيڻو سڄڻ خيال ڪجان هو...! توکان سواءِ منهنجو نه آ ڪوبه سهارو، آءُ هَلِي توکي پنهنجِي جان ڏِيان هو...! آهي علي محمد منهنجو پيارُ اڪيلو، آهي اڏيرائي منهنجو پيارُ اڪيلو، مونکي پرين پورو پورو ساٿُ ڏجان هو...! آواز : فوزيه سومرو ٻول : علي محمد اڏيرائي