ٻول : رات هجي تون به هجين مان به هجان

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2018۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,667
    ورتل پسنديدگيون:
    6,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم


    هو! رات هُجي، تون به هُجين مان به هُجان،
    هڪ ته پنهنجي مٺڙي ملاقات هُجي،
    ٻيو ته پرين توسان پيو پيار ڪجي هو!!..

    آءُ پرين تولاءِ منهنجو ساھُ سِڪي ٿو،
    حال اٿم هيڻو سڄڻ خيال ڪجان هو...!

    توکان سواءِ منهنجو نه آ ڪوبه سهارو،
    آءُ هَلِي توکي پنهنجِي جان ڏِيان هو...!

    آهي علي محمد منهنجو پيارُ اڪيلو،
    آهي اڏيرائي منهنجو پيارُ اڪيلو،
    مونکي پرين پورو پورو ساٿُ ڏجان هو...!


    آواز : فوزيه سومرو
    ٻول : علي محمد اڏيرائي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو