ادب جي ڦلهوڙ لاءِ نوان لاڙا، زاويا ۽ اسان جا نقاد

'سنڌي ادب' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادب جي ڦلهوڙ لاءِ نوان لاڙا، زاويا ۽ اسان جا نقاد

    ممتاز بخاري

    عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ادب معنى رکندو هجي يا نه پر عام ماڻهوءَ جي زندگي ادب لاءِ خوراڪ هوندي آهي؛ جي ايئن نه هجي ته ادب مري وڃي. جيڪڏهن ادب مري ويندو ته انسان جو دماغ اهو ڪجهه نه ڪري سگهندو جنهن جي ڪري ڪائنات جي هجڻ جو ادراڪ موجود آهي. پر ادب کي سمجهڻ ۽ ان جون ڳنڍون کولڻ يا Decode ڪرڻ ادب سرجڻ جهڙو ئي ڪم آهي. جنهن جي نتيجي ۾ تخليق ڪندڙ کي نوان رستا اختيار ڪرڻ جي اڻ تڻ ٿيندي آهي جنهن کي پاڻ “نواڻ” چوندا آهيون ۽ نتيجي ۾ ادب مان پڙهندڙ جو چاهه ختم ناهي ٿيندو بلڪه تمام گهڻو وڌندو آهي، نئون پڙهندڙ به پيدا ٿيندو آهي. پر سنڌي ادب کي بدقسمتيءَ سان اهڙا علمي نقاد مليا ئي ناهن جيڪي ادب کي Decode ڪن يعنى ان جو اصلي عرق ڪڍن يا سولائي سان سمجهڻ جهڙو بڻائن.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ نقادن ۾ جن ماڻهن جا نالا ڳڻايا ويندا آهن انهن ۾ الهداد ٻوهيو، رسول بخش پليجو، ممتاز مهر ۽ ٻيا آهن، مختلف موضوعن جي ڪتابي مواد تي ڇيد ڪندڙ جامي چانڊيو آهي، جڏهن ته ادب تي راءِ ڏيندڙ، تبصرو ڪندڙ خاميون ۽ خوبيون بيان ڪندڙن جو سڀ کان وڏو انگ موجود آهي. شيخ اياز ۽ تنوير عباسي جي ايپروچ عالماڻي ۽ ادبي رهي آهي. ٻي پاسي علمي طرز جي تنقيد جي حوالي سان اڪبر لغاري، تاج بلوچ، بدراڄڻ، امير علي چانڊيو، فهميدا حسين، غفورميمڻ، مبارڪ لاشاري، خليق ٻگهيو ۽ ڪجهه ٻيا هن وقت ڪم ڪندڙ آهن. ڪيترن جا تنقيد تي ٿيسز توڙي ان جي تاريخ بابت ڪتاب به آيل آهن پر اهي عملي تنقيد جو پورائو نه ٿا ڪن.
    جامي چانڊيئي جو ڪم به سٺو آهي پر ان به سنڌي ادب تي اپلائينگ ۽ پريڪٽيڪل تنقيد ڪرڻ بجاءِ تنقيد تي گهڻو لکيو آهي. جڏهن ته اسحاق سميجو جي تنقيدي نوعيت شاعري بابت وڌيڪ آهي. ڪجهه ٻين نقادن جي تنقيد ذاتي رخ ضرور رکندڙ آهي پر ان سان ادب جو هڪ پاسو ظاهر ٿئي ٿو ۽ ايئن قربان بگٽي جو تنقيدي اندازنقيد جي تاريخ پنهنجي نظرياتي اک وارو آهي. پر سڀ کان وڌDecoding جو اعلى مثال شاهه لطيف سميت صوفي، عوامي ۽ سگهڙ شاعرن جو آهي.
    ڀٽائي کي ارنيسٽ ٽرمپ توڙي اينيمري شمل روشناس ڪرايو ۽ پوءِ گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاهواڻي ان جي سمجهاڻي ۽ تشريح ڏني. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب ان کي وڌايو. سائين جي ايم سيد ۽ تنوير عباسي ان کي جديد ڌارا سان به سلهاڙيو. ان سڄي عمل کي تنقيد واري ڊي ڪوڊنگ ئي چئبو جنهن ڪري ڀٽائي عام کان خاص تائين پڙهيو وڃي ٿو. شيخ اياز کي ڀلين خاص نظريئي سان ئي، رسول بخش پليجي صاحب ۽ محمد ابراهيم جوئي صاحب ڊي ڪوڊ ڪيو. استاد بخاري پنهنجي ڊي ڪوڊنگ سگهڙن جيان شاعري ۾ ئي رکي. شاعرن ۾ شاه عبدالطيف ڀٽائي هڪ اهڙو مثال آهي جنهن جي ڀيٽ يورپ، ڏکڻ آمريڪا توڙي آمريڪا جي ادب سان ڪري سگهجي ٿي جيڪو اڄ به سنڌ ۾ سڀ کان گهڻو پڙهيو، ٻڌو ۽ سڃاتو وڃي ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته ڀٽائي کي سون نه پر مختلف وقتن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سگهڙ مليا جن کيس پنهنجي انداز سان ڦلهوڙي بيان ڪيو. عام ماڻهن ۾ ڀٽائي جي بيتن جون پروليون ۽ ڳجهارتون ڏنيون ويون. سندس شاعري ۾ رومانوي پاسن کان وٺي رندي رمزن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن کان وڏن شهرن تائين ڪچهرين ۾ بيان ڪيو ويندو هو. علمي بحثن کان وٺي مذهبي طوري پيراڻي روايتن ۾ ان کي پنهنجي پنهنجي معنى سان بيان ڪيو ويو. جڏهن ته مٿس بي انت لکيو ويو آهي (معيار تي هتي بحث نه ٿا ڪيون). اهو ئي سبب آهي جو ڀٽائي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سڃاتو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. ساڳي ريت سنڌ جي ٻين صوفي توڙي عوامي شاعرن کي پذيرائي ملي.
    نسيم کرل. نورالهدى شاه. امر جليل ۽ شاگرد طبقي لاءِ طارق عالم يا انهن جهڙو ادب تخليق ڪندڙ ٻين ليکڪن يا ليڪکائن جو ادب به گهڻي تعداد ۾ ان ڪري پهتو جو انهن کي علمي انداز ۾ ڦلهوڙيندڙ يا کولي بيان ڪندڙ ڪو ڊي ڪوڊر يا نقاد ته نه مليو پر پڙهندڙن انهن کي هڪ ٻئي کان اڳتي وڌايو، انهن ليکڪن جي زباني تنقيد يا تعريف ٿي. پر ماڻڪ کان رسول ميمڻ، رحمت ماڃوٺي ۽ حفيظ ڪنڀرکان طارق قريِشي ۽ عباس ڪوريجي تائين جي لکيل ادب بابت نقاد اهو ڪم ناهي ڪيو جو عام ماڻهوءَ جي ادب ۾ دلچسپي وڌي. ذڪر ڪيل مثال يا اولهه جو ادب به ان ڪري عام ٿيو جو ان کي پڙهندڙ لاءِ سولو ڪرڻ لاءِ ڳالهايو ويو،کوليو ويو ۽ تنقيد ڪئي وئي جو اتي عام پڙهندڙ ۾ به ڊي ڪوڊنگ جي صلاحيت پيدا ٿي ۽ اڃان وڌي پئي. نه رڳو اهو پر ناول ۾ به ايتري وسعت آندي وئي آهي جو ان جا انيڪ موضوع آهن، لڳ ڀڳ هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهوءَ کي جتي سندس شعبي بابت غيرافسانوي ڪتاب ملن ٿا ته اتي افسانوي ڪتاب به ملن ٿا. اهڙا ڪتاب خاص لکيا وڃن ٿا جنهن وسيلي پڙهندڙ جي دلچسپي وڌي. جيئن مثال طور اڄ جي عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ ٻارن کي سائنس سمجهائڻ لاءَ پنهنجي ڌيءَ لوسي سان گڏجي افسانوي انداز ۾ ڪتاب لکيا آهن، جن جو مک ڪردار جارج آهي. فلاسافرن يان پال سارتر توڙي برٽنڊررسل ۽ ٻين ڪيترن ئي افسانوي ادب به لکيو ۽ ان ۾ به موضوع فلسفو ئي رکيو ويو آهي.
    طب، تاريخ، سائنس سوڌو انيڪ موضوعن کي افسانوي ادب ۾ به لکيو ويو آهي، جنهن ڪري ڪتاب پڙهندڙ ڪتابن سان جڙيل رهيا آهن. ان جو هڪ ٻيو مشهور مثال جوسٽن گارڊر جو ڪتاب ”سوفي جي دنيا“ ۽ ان جهڙا ٻيا ڪتاب آهن. ان کانسواءِ انهن موضوعن تي تحقيقي ۽ تشريحي ڪتاب به ڇپبا رهيا آهن. اهو ان ڪري به آهي ته اولهه جي ادب ۾ ڊرامو ۽ بعد ۾ ناول ٻه اهڙا ميڊيم رهيا آهن جنهن ڪري ادب کي وڏو مقام مليو. يورپ جا علمي ادارا توڙي نقاد ان ڳالهه تي سو سيڪڙو متفق آهن ته هن وقت جيڪو ڪتاب پڙهڻ جو رجحان آهي ان جو مک ڪارڻ ناول آهي. ڪتاب توڙي اي بوڪ جي صورت ۾ اڄ به الهامي ڪتابن کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ڪتاب ناول ئي آهي. ان ڪري يورپ توڙي آمريڪا ۾ افسانوي ادب ۾ ناول تي بهترين تنقيد ڪئي وئي. جيئن ئي ٽيڪنالاجي جو دور آيو ۽ ان ۾ خاص طور تي ڪميپوٽر جي دنيا وسيلي انفارميشن ٽيڪنالاجي داخل ٿي وئي ته ادب به ان سان سلهاڙجي ويو ۽ ان جا اثر وٺڻ لڳو. بنيادي طور ڊيڪوڊ (Decode) جو عام تصور ڪمپيوٽر جي ڊيٽا کي مٽائڻ يا ان کي پڌرو ڪرڻ وسيلي ٿيو. جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪوڊ مان ڊيٽا کي اصلي ٻولي ۾ آڻڻ. ان جو سڌو مطلب ڦلهوڙڻ ئي آهي يا وري ڪنهن ادبي ڪم کي ٽوڙي ان مان ان جو اصل جوهر ڪڍڻ جنهن جو ڀلين ليکڪ کي به ادراڪ نه هجي. اهڙو ڪم خاص طور تي جادوئي حقيقت نگاري، علامتي، مبهم، سريئلسٽڪ توڙي پوسٽ ماڊرنزم واري دور جي ادب تي ڪيو وڃي ٿو جيڪو بنيادي طور تنقيد ئي آهي. ان مان ئي وري نوان لاڙا يا ڌارائون پيدا ٿين ٿيون جنهن جو هتي رڳو هڪڙو مثال ٽرانسلريئلزم ڏجي ٿو. ٽرانسريئلزم هڪ اهڙو لاڙو يا ڌارا آهي جيڪو ناول جي عام روايتي جوڙجڪ ۽ پلاٽ کي ٽوڙيندڙ آهي. سائنسي توڙي هارر (ڀوائتي) ادب ۾ استعمال ٿيندو آهي. پر ان جو بنياد حقيقت تي هوندو آهي. ان جو بهترين مثال هيري پورٽر ۽ هنگر گيمز جهڙن ناولن جي سيريز آهي. سنڌيءَ ۾ طارق قريشيءَ جي ٻارن جي ناول ”ڀوت بنگلو“ کي اهڙي زمري ۾ آڻي سگهجي ٿو. ٽرانسريئلزم کي ايڪويهين صديءَ جي امڪاني ادبي تحريڪ به سمجهيو پيو وڃي.
    سنڌي ادب ۾ به نقادن کي عالمي تنقيدي زاوين جي نون پهلوئن وسيلي عملي تنقيد ۽ ڊي ڪوڊنگ ڪرڻي پوندي جنهن کانپوءِ اسان پنهنجي ادب جي ڪٿ ڪري سگهنداسين ته اهو بيٺو ڪٿي آهي. ادب ۾ رڳو فن ۽ ان جي جوڙجڪ ايستائين اهميت واري نه رهندي جيستائين ان جي جوهر جي خبر نه پوندي. ڪتابن تي مهاڳ ۽ تبصرا به تنقيد ۽ ڊي ڪوڊنگ جو هڪ طريقو آهن. اسان وٽ اهڙو ڪم جهجهو ٿيل آهي پر ان ۾ ڊيڪوڊنگ يا عملي تنقيد جو پهلو ڪجهه هنڌن تي ئي ملي ٿو پر اهو گهڻو شاعري ۾ ٿيو آهي. محمد ابراهيم جويو، رسول بخش پليجو، شيخ اياز، تنوير عباسي، تاج جويو، ادل سومرو، اياز گل، نصيرمرزا، اقبال رند، ۽ ٻين ڪيترن ئي گهڻي ڀاڱي شاعريءَ تي لکيو آهي يا تبصرا ڪيا آهن. باقي عبدالقادر جوڻيجي، انور پيرازدي، جامي چانڊيئي، انعام شيخ ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ٻين نثر جي ٻين صنفن بابت مهاڳ، تجزيا ۽ تبصرا لکيا آهن جيڪي ادبي تنقيد جي ذمري ۾ اچن ٿا. جڏهن ته شخصيتن جي ڪم تي لکيل ڪتابن ۾ گهڻي ڀاڱي ڊيڪوڊنگ وارو پهلو به ناهي ۽ نه وري انهن جي ادب تي پريڪٽيڪل(عملي) ۽ اپلائينگ (ڪتب آڻڻ) تنقيد ڪئي وئي آهي. اهڙي معمولي جهلڪ رڳو اڪبر لغاري جي ڪتاب ”تنقيدي ادب جي تاريخ“ ۾ نظر اچي ٿي. جيڪڏهن سنڌي ادب جي اهڙي تنقيد ۽ ڊيڪوڊنگ ٿي وئي ته پوءِ سنڌي ادب معياري ادب ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهيندو ۽ دنيا ان لاءِ پاڻ دروازا کوليندي. ڇو ته هن وقت ته اسان جو ادب اسان وٽ به صحي معنى ۾ کلي نه سگهيو آهي اهو ئي سبب آهي جو ڪتابن جو وڪرو سون مان وڌي اڃان هزارن ۾ به ناهي پڳو جيتوڻيڪ هاڻ تعليم جو سيڪڙو اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيل آهي باوجود ان جي ته ڪتابن جي ٽائٽلس جو انگ تمام گهڻو وڌي رهيو آهي ۽ ڇپائي جا ادارا به وڌيا آهن پر ادب کي مڃتا محدود ملي رهي آهي.

    ڪاوش سنڊي ميگزين 14 جنوري 2018
     
    مزمل سائر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو