سر سريراڳ ۾ سدا سودو سچ جو.

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر
    هن سر جو مرڪزي مضمون سمنڊ جو سفر۽ ان آڏو موجود خطرا ۽ مشڪلاتون آهن.پر ٻين سرن جيان هن سر ۾ به هڪ عظيم تمثيل سمايل آهي.پراڻي زماني ۾ شاهوڪار ماڻهو مال جا ٻيڙا ڀرائي، ڏورانهن ڏيهن ڏي وڻج واپار ڪرڻ ويندا هئا.چوماسي پوري ٿيڻ بعد اتر واء لڳڻ تي سفر جي تياري ڪندا هئا ۽ ناکئا به پنهنجون ٻيڙيون ڌوئاري،سڙهه سنباهي هلڻ هارا ٿيندا هئا.توڙي جو انهن ڏينهن ۾ سمنڊ عام طور تي ماٺو هوندو آهي تڏهن به وچ سير ۾ ۽ خاص ڪري وير چڙهڻ وقت سڀني کي انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ گذارڻو پوندو هو.جيڪر ناکئا ٿوري دير لاء به آرام ۾ غافل ٿيندا هئا ته اوچتو مٿانهن وير وري ويندي هئي ۽ اهي اونهي اوڙاهه ۾ غرق ٿي ويندا هئا.پر جيڪر معلم يا سکاڻي سڄاڻ ۽ واقف هوندا هئا ته لڙ لهرون لنگھي وڃي پار پوندا هئا.پاڻ سان ٽوٻا يا ٽوٻيارا به کڻندا هئاجي پاتار ۾ پيهي،سپون سوجھي،آڻي سندن هٿن ۾ رکندا هئا.
    هيء سنسار به مهاساگر آهي جنهن مان پار پوڻ نهايت ئي ڪٺن ڪم آهي.انسان جو وجود هڪ ٻيڙيء مثل ۽ سندس سينو سڙهه مثل آهي.جيڪڏهن هو پنهنجي جسم ۽ جان کي ڌوئي صاف ڪري،ڪنهن ڪامل معلم يعني مرشد کي سوپيندو ته هو نه صرف سندس دل معرفت جي موتين سان ڀري،هن جهان ۾ محبوب جو مشاهدو ماڻائيندس پر سنسار جي ساگر مان ثابت ۽ سالم لنگھائي وڃي منزل مقصود تي رسائيندس.جڏهن اهڙو ڪامل ڪشتيبان هٿ اچي وڃي ته پوء سنسار روپي ساگر جي لهرن ۽ لوڏن جي ڪا ڳڻتي ناهي.
    مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ رکِج چيتُ؛
    سِڙهُ ڌُئاري صافُ ڪر، صابُڻَ ساڻ سُپيتُ؛
    سامُونڊِي! سُچيتُ، ٿِيُ ته پَهچِين پارَ کي.
    سهڻو لطيف هن بيت ۾ ناکئن جي اصطلاح جي ويس ۾ انسان جي عضون جو ذڪر ڪري ٿو ۽ هدايت ٿو ڪري ته جهڙيء طرح ناکئا سمنڊ جي سفر تي اسهڻ کان اڳ ٻيڙيء جا سمورا ساز ڌوئاري صاف ڪندا آهن تيئن انسان کي به گھرجي ته هو روحاني مسافري اختيار ڪرڻ کان اڳ اندر کي ڌوئي اڇو ڪري.“ سڙهه” مان مراد آهي انسان جو سينو يا دل.جيئن سڙهه هوا سان ڀرجي ٻيڙيء کي اڳتي ڌڪيندو آهي تيئن انسان جو سينو به الاهي نور سان ڀرجي کيس عالم ملڪوت ڏانهن مائل ڪري ٿو.انسان بشري ڪمزورين سبب هن سنسار ۾ سچي سودي جي سونت وڃايو ويهي ۽ موتين جي بدران ڪائي جو واپار وڻجڻ لڳيو وڃي.
    ڪايو ڪَمايومِ، موتِي مون نه وَڻجِيا!
    سِيهي جو سَيَّدُ چئي، وَکَـرُ وِهايومِ؛
    هَهڙو حالُ سندومِ، توهَ تُنهنجي اُبَهان!
    هن سنسار روپي ساگر ۾ جتي وهه ويڌ پيو ڪري اتي پروردگار جي ٻاجھه ۽ ڪرم ٻيڙيء مثل آهي ۽ اها ٻيڙي سندس وصال جي وکر سان ڀرپور آهي يعني جنهن تي هن جي ٻاجھه ٿئي ٿي ان کي بنان رياضت ۽ مجاهدي جي محبوب جو مشاهدو ميسر ٿئي ٿو ۽ دنيائي معلمن ۽ رهبرن جي هن کي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه ٿي پوي.
    ٻيڙي تنهن جي ٻاجھه، وکر تنهن وصال جو،
    کوها، اولا، توڪڻا، سڀ سونهارا ساج،
    ات ڪا معلمن حاج، جت پورڻ وارو پاڻهم.
    جڏهن درياء ۾ چاڙهه هجي،هر طرف لهرون جوش ۾ هجن،اڇ ئي اڇ نظر ايندي هجي ۽ هر پاسي لس لڳي پيئي هجي ته بيخبريء وچان ٻيڙيون وڃي ٻيٽن يا ٻيٽارين کي لڳنديون آهن جنهن ڪري گپي يا ڀڄي پونديون آهن.
    لُڙَ، لَهِريون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَنتُ نه آبَ جو؛
    الله! اُتِ مَ اولِئَين، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ؛
    جوکو ٿِئي مَ جَهازَ کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ؛
    لڳي ڪا مَ لَپيٽَ، هِنَ غارِيـبي غُرابَ کي!
    انسان جڏهن سنسار جي مهاساگر جي مصيبتن ۾ ڦاسي پوي ۽ظاهر ۾ ڪو حيلو وسيلو به نه سجھندو هجي ته ان وقت سهڻو لطيف سالڪ کي پنهنجي معبود حقيقي طرف متوجه ٿيڻ جي تلقين ڪري ٿو. انسان جي زندگيء جي ٻيڙيء کي انهن اوکائين مان پار ڪرائڻ ان جي ئي ٻاجھه ۽ ڪرم جي سهاري ممڪن آهي.نه ته انساني زندگيء جو هي غريباڻو غوراب هر وقت لهرن جي لپيٽ ۾ آهي. انساني عقل کي مار اها آهي جو هو صرف سمنڊ جي ظاهري سطح تي نظر رکي ٿو پر سهڻي لطيف مطابق اصل ماڻڪ،موتي،لال ته سمنڊ جي پاتار ۾ پيل آهن.
    سيوا ڪَر سمنڊَ جِي، جِت جَرُ وهي ٿو جالَ؛
    سَئين وَهَن سِيرَ ۾، ماڻِڪَ، موتِي، لالَ؛
    جي ماسو جُڙيئِي مالَ، ته پُوڄارا! پُرِ ٿِئين.
    ڏيساور يعني ٻئي جهان م ڪهڙو وڻج وڪجي ٿو ۽ ڪهڙو وکرنٿو وهائجي اهو سڀ انسان کي اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو ويو آهي پر انسان پئدائشي اتڪو ۽ احمق آهي ۽ آسانيء سان دوکي جو شڪار ٿيو وڃي ۽ سڄي ڄمار اهڙو ڪڌو ڪسب ڪمائيندو رهي ٿو جنهن جي آخرت جي بازار ۾ ڪابه قدر قيمت ڪانهي.پر عقلمند انسان صرف سچ سودين ٿا .
    جِنين سودي سچ جو، وکر وِهائيو،
    “ بخيرو لٓهم البشريٰ”جو،اِنين لئي آيو،
    ان کي لالن لنگھايو،ساندارو سمنڊ جو.
    سنسار روپي مهاساگر جي لهرن،لس.لپيٽ ۽ لڙ سان مقابلو ڪري پار پوڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي.ان جي اونهائيء جو ڪو پتو ناهي،ڪهڙيء ويل وير وري ٿي،ڪو ڀروسو ناهي،ڪهڙيء ساعت سامونڊي هوائون ٿيون غورابن کي غرق ڪن خبر ناهي.انهيء ساگر ۾ سفر لئي سونهان ساٿي کپن.
    سُونهان سَڌِيون ڏِينِ، هِنَ ديواني درياهَ جون؛
    ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَ ڪِي، رُڳو سَچُ سودِينِ؛
    عِجِزَ جو اَڌَ راتِ کي، وَکـَرُ وِهائِين؛
    ساٿُ نِباهِيو نِينِ، ثابِتُ اِنهِيءَ سِيرَ مان.
    “ عجز جو وکر” ڪهڙو آهي؟ آزي نيازي،توبه زاري،آهه فرياد،نوڙت ۽ نماڻائي،وينتي،دعا،پنهن جن ڪمين ڪوتاهين جو احساس،پنهن جن پاپن ۽ غلطين جو اعتراف،پنهن جن عيبن ۽ اوڻاين جو اقرار، مالڪ سامهون سڀ هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ رڳو سندس فضل جي ڦيري جي آس رکڻ پر تنهن جو ته حال هيء آهي جو توکي ته توبهه جي توفيق به نصيب نٿي ٿئي ۽ هٿ پير ٻڌيو ويٺو آهين ۽ محبوب سان ملڻ جي ڪوشش به نٿو ڪرين.جيڪي به بنان محنت جي منهن سامهون آيو اٿئي ان تي ڀاڙيو ويٺو آهين ۽ سمجھين ٿو ته توکي سڀ ڪجھه ملي ويو.جنهن صورت ۾ ساريون راتون ننڊن ۽ فرحتن ۾ ستو پيو آهين تنهن صورت ۾ توکي موڙي ڪٿان ملندي؟
    نڪو سک نکٽين، نه ويساند نئين،
    جيڪا اچئي سامهين، ڀانئين سا سنئين،
    موڙي ڪوهه مئين؟ جيئن سڄيون راتيون سمهين.
    سوال اهو ته ان سنسار مهاساگر مان ڪهڙا ماڻهو آسانيء سان تري پار پون ٿا ڪهڙا سمنڊ جي سير ۾ ڦاسي پون ٿا؟
    تارو تريو وڃن، ننڍا وڏا واهڙا،
    هاء! ٻر، اتارن،جيئن ڳرا مٿن موليا.
    هتي “تارن“ مان مراد اهي انسان جيڪي دنيا جي دوکيبازين کان واقف آهن ان ڪري اهي دنيا سان دل نٿا لڳائين ۽ سنسار روپي ساگر مان پار پئي وڃيو منزل ماڻين پر مصيبت ته اڻ تارن لاء آهي جيڪي هڪ ته ترڻ ڪونه ڄاڻن ٻيو وري پنهنجن مٿن تي وڏا ۽ ڳرا موليا يعني پڳڙ ۽ پٽڪا ٻڌائون. پڳڙ ۽ پٽڪن ٻڌڻ مان مراد آهي ته انهن احمقن هن دنيا جي زندگيء کي ئي سڀ ڪجھه سمجھندي ظاهري چڱمڙسي، طاقت،اختيار،غرور،ڪبر،حسب نسب ۽ ڪوڙي سرداريء جا پڳڙ مٿي تي سجائي پاڻ کي عقل جا اڪابر سمجھندا رهيا پر اڻ ڄاڻن پنهن جي بيوقوفيء سبب پنهنجو پاڻ کي دوکي جي درياء ۾ ٻوڙي وڌو.
    (روزاني جيجل 23 جنوري 2018ع)


    سنڌ سجاڳ بلاگ
     
    عرس پريو ۽ نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    لطيف سرڪار جي سموري شاعريءَ جا ٻه پهلو آهن هڪ مجازي ۽ ٻيو حقيقي ...
    جيئن سر سامونڊيءَ ۾ جڏهن وني پنهنجي ور لاءِ سمنڊ جي ڪناري بيهي کيس سنڀاري ٿي ۽ لطيف ان سنڀار ۽ انتظار کي جيڪي لفظ ڏئي ٿو ته مجاز جي ماريل عاشقن جي ترجماني ڪري ٿو ...
    اوهانجا قرب، تمام سهڻو سر ونڊ ڪيو اٿوَ ...
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو