ٽنڊو آدم شهر جو تعارف

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ اعجاز علي ابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2018۔

  1. اعجاز علي ابڙو

    اعجاز علي ابڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏21 مارچ 2016
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر انجنيئر، ليکڪ ۽ استاد
    ماڳ:
    قاسم آباد، حيدرآباد سنڌ
    ٽنڊو آدم شهر پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ واقع آهي. هن شهر کي دروازن جي شهر طور به سڃاتو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته هن شهر ۾ 8 وڏا دروازا مختلف جڳهن تي موجود آهن. هيءُ شهر سال 1955 تائين نواب شاھه (هاڻوڪو نالو شهيد بينظير آباد) ضلعي جو حصو هو ۽ بعد ۾ هيءُ شهر ضلعي سانگھڙ جو حصو بڻجي ويو جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. ٽنڊو آدم شهر ان وقت جي هڪ ماڻهوءَ دريافت ڪيو جنهن جو نالو آدم خان ۽ پاڻ ذات جو مري هو پورو نالو (آدم خان مري) پراڻن چوڻن موجب هن شهر جو نالو ان آدم خان مريءَ جي نالي تي وجود ۾ آيو. ٽنڊو آدم شهر گھڻي قدر پنهنجي زراعت، بهترين فصلن ۽ ان سان لاڳاپيل ڪارخانن جي ڪري به تمام گھڻو مشهور آهي اهي ڪارخانا شهر جي ويجهو واقع آهن. انهن زراعتن ۾ ڪمند، ڪپھ، ڪيلا، انب ۽ ڪڻڪ جا فصل گھڻي اهميت رکن ٿا.

    ٽنڊو آدم شهر ۾ ڪيتريون ئي پراڻيو ۽ تاريخي جايون آهن جن ۾ مسلمانن جون مسجدون ۽ هندن جون مندرون (مڙهيون) موجو د آهن. هن شهر کان تقريبا 16 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي حضرت شاھ عبدالطيف ڀٽائي رح جن جو روضو مبارڪ واقع آهي جيڪو شهر ڀٽ شاھ ۾ موجود آهي. هن شهر ۾ تازو ئي هڪ ميڊيڪل (ڊاڪٽري) ڪاليج قائم ٿيو آهي جنهن جو نالو سليمان روشن ميڊيڪل ڪاليج رکيو ويو آهي، هيءُ ڪاليج حيدرآباد روڊ، سليمان روشن اسپتال جي ويجهو قائم آهي. ڪنهن وقت ۾ ٽنڊو آدم شهر کي پاڪستان جو پيرس ڪوٺيو ويندو هو ان جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته هن شهر ۾ صفائي تمام گھڻي هوندي هئي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته موجوده وقت ۾ هيءُ شهر به سنڌ جي ٻين شهرن جيان ڪچري جو ڍير بڻجي چڪو آهي جنهن جا گھڻا ئي سبب ٿي سگھن ٿا.

    ٽنڊو آدم شهر ۾ پاڪستان جا وڏي ۾ وڏا ڌاڳي ٺاهڻ جا ڪارخانا موجود آهن. هن شهر ۾ تقريبا 20 کان وڌيڪ ڪپھ جا عاليشان ڪارخانا موجود آهن جيڪي ڪپھه جي اپت يا پيداوار جا اهم ذريعا آهن.

    ٽنڊو آدم شهر ۾ خريداري ڪرڻ لا۽ بهترين ۽ عاليشان بازارون موجود آهن ان کان علاوه هتي کاڌي پيتي جون شيون تمام گھڻيون لذيذ ۽ اعلي معيار جون آهن. هونءَ ته هتان جون سموريون شيون بهترين آهن پر ٽنڊو آدم شهر جون ڪجھ مشهور ڊشون (کائڻ جا طعام يا شيون) هي آهن: سجي (ٻاڪري يا وڏي گوشت جي پڪل ران)، برفي (ماوو)، بدايون پيڙا (هڪ خاص قسم جي گول مٺائي) ۽ مستاني جي لسي! دوستو اهي ڊشون نه صرف لوڪل ماڻهن ۾ مشهور آهن بلڪي سڄي پاڪستان ۾ تمام گھڻيون مشهور ۽ پسند ڪيون وڃن ٿيو ماڻهون اهي کاڌا کائڻ لا۽ پري پري جي شهرن کان ٽنڊو آدم شهر ڏانهن رخ ڪندا آهن.

    ٽنڊو آدم شهر تعليم جي لحاظ کان به تمام گھڻو اڳتي آهي هتي سرڪاري توڙي غير سرڪاري (پرائيويٽ) اسڪول ۽ ڪاليج موجود آهن ڪجھه تعليمي ادارن جا نالا بيان ڪجن ٿا: گورنمينٽ فاطمه جناح گرلز هاءِ اسڪول، سر سيد گورنمينٽ ها۽ اسڪول، گورنمينٽ شاھ عبدالطيف هاءِ اسڪول، گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج، حاجي روشن دين گرلز ۽ بوائز هاءِ اسڪول ۽ بحريه فائونڊيشن ڪاليج.

    آباديءَ جي لحاظ کان هن شهر ۾ تقريبا 98 فيصد ماري، 92 فيصد مسلمان، 6 فيصد هندو، 2 فيصد عيسائي، 50 فيصد سنڌي، 30 فيصد مهاجر (اڙدو ڳالهائيندڙ)، 10 فيصد پنجابي، 8 فيصد پشتون ۽ بچيل 2 فيصد ٻيون قومون آباد آهن. پنجابي ۽ مهاجر هن شهر ۾ 1947ع ڌاري اچي آباد ٿيا. هن شهر ۾ ڪيتريون ئي مقامي ٻوليون ڳالهائيون وڃن ٿيون جن ۾ اڙدو، سنڌي، سرائڪي، بلوچي، پشتو، پنجابي ۽ مارواڙي قائمخاني. هن شهر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي ٻين ٻولين جي مقابلي ۾ خاص ترجيع حاصل آهي.

    صحت جي حوالي سان هن شهر ۾ تمام گھڻا ميڊيڪل اسٽور ۽ اسپتالون موجود آهن ڪجھه مشهور صحت جي ادارن جا نالا هي آهن: پاڪستان ميڊيڪل، عطاري ميڊيڪل، انور ميڊيڪل، ڪاشف ميڊيڪل، ارشاد ميڊيڪل، تاج ميڊيڪل، ويلڪم ميڊيڪل ۽ عامر ميڊيڪل اسٽور ان کان علاوه هتي ڪيتريون ئي اسپتالون موجود آهن جن مان ڪجھه وڏين اسپتالن جا نالا: سليمان روشن اسپتال، نديم اسپتال، گورنمينٽ تعلقه اسپتال، مرڪ اسپتال، شهباز اسپتال، انڊس اسپتال ۽ ميمڻ اسپتال.

    ليکڪ : اعجاز علي ابڙو (ليکڪ ۽ سافٽ ويئر انجنيئر)

    Aijaz.ali@hotmail.com
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا اعجاز، ٽنڊو آدم تي سٺو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ... هڪ ته ان ليک سان جيڪڏهن ڪي تصويرون هجن ها ته ليک وڌيڪ جاندار ٿي پوي ها ... ٻيو ته جيڪا پرسنٽيج مذهبي بنيادن تي اوهان لکي آهي تنهن ۾ شايد ڪا غلطي آهي ... وڌيڪ اوهان رهنمائي ڪندا ...
    لک قرب
    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    اعجاز علي ابڙو ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو