ادل سولنگيءَ جي ڪتاب ”عشق اڻانگو پنڌ“ تي سرسري نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [​IMG]
    ادل سولنگيءَ جي ڪتاب ”عشق اڻانگو پنڌ“ تي سرسري نظر:

    راحت ملي ٿي درد ۾، ان پيار تان صدقي!

    فقير محمد سنڌي

    قومن سان جڏهن غير آئيني ڀڃ ڊاهه ٿيندي آهي، حقن تي ڌاڙا لڳندا آهن، آئين جي پاسداري نه ٿيندي آهي، تڏهن قومن جا فرد سجاڳ ٿي دنيا کي پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جتي اسان رهون ٿا اُتي اسان سان غير آئيني سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. تنھن لاءِ اُهي سجاڳ فرد، عشق جي اڻانگي پنڌ جا راهي ٿي پوندا آهن. اهڙي ئي تاريخي وارتا ادل سولنگي، پنھنجي ڪتاب ”عشق اَڻانگو پَنڌُ“ ۾ ڪئي آهي. 23 فيبروري ساڌ ٻيلي کان 20 مارچ 2014ع سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي تائين پيادل مارچ جي اکين ڏٺي تاريخ ادل سولنگي قلمبند ڪئي.
    شيخ اياز جي چواڻي ته،”هن هستيءَ جي هنگامي ۾ هڪ انسانيت جي حيثيت ڪا خاص ڪونهي، پر هيءَ به هڪ حقيقت آهي ته، ڪڏهن ڪڏهن انسان ئي سڄي تاريخ کي بدلائي ڇڏيندو آهي.“ فرد جي سڃاڻپ قوم سان ٿئي ٿي ۽ قوم جي سڃاڻپ وطن سان ٿيندي آهي. ادل سولنگيءَ به پنھنجي قومي شعور نماءَ ڪتاب ”عشق اڻانگو پنڌ“ ۾ خوبصورت ارپنا سان ڪئي آهي جنھن ۾ سنڌ جي دانشورن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏني آهي.انهن دانشورن سدائين پنھنجي جنم ڀومي تي ساهه ڏنو، پنھنجي ٻولي، ثقافت ۽ ڪلچر کي انساني جذبي طور زنده رکيو. حشو ڪيولراماڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو ۽ علي بابا شامل آهن.
    ”راحت ملي ٿي درد ۾، ان پيار تان صدقي“ دنيا جي اندر دردن جون ڪٿائون تمام گهڻيون آهن، ڪتاب ۾ سنڌ جي سورن جي تاريخ سمايل آهي. ان تاريخ جي هر ورق ۾ سڀني سنڌ واسين جو ڪردار نمايان نظر اچي ٿو. لانگ مارچ ۾ 650 ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ جو مقصد انتھا پسنديءَ خلاف، مذهبي دهشتگردي خلاف، پي پي او خلاف ۽ سنڌ جي وسيلن جي مالڪيءَ جي حوالي سان عوامي رابطه مھم ۾ جاڳرتا پکيڙڻ مقصد آهي. انهيءَ لاءِ ڏاهن چيو آهي ته نظم ۽ ضبط، جنت جي اصولن ۾ هڪ اصول آهي.
    ڪتاب ”عشق اڻانگو پنڌ“ جو مھاڳ ڊاڪٽر مير عالم مري لکيو آهي جيڪو شاگرد سياست کان وٺي هن وقت تائين قومي تحريڪ سان نڀاءُ رکندو پيو اچي ۽ ان پيادل قومي قافلي جو روح روان به هيو. لانگ مارچ جا ٻه بھترين اصول نظر مان گذريا آهن، پھريون ته لانگ مارچ جي شروعات ساڌ ٻيلي کان ڪرڻ جو مقصد سنڌ ۾ رهندڙ هندن کي مذهبي رواداري ۽ هڪ سنڌي قوم جا فرد هجڻ جو تاثر ۽ پيغام ڏيڻ، ان کان پوءِ شھيد هيمون ڪالاڻي جي آخري آرامگاهه وٽان جلسي ۽ قافلي جي شروعات ڪرڻ جو مقصد هيمون ڪالاڻيءَ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ هو. جنھن جو مقصد سورهيه بادشاهه ۽ حُر تحريڪ جي مذهبي رواداري ۽ سنڌ جي حقن لاءِ هليل هلچل کي ڀيٽا پيش ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته 20 مارچ 1843ع تي شھيد سورهيه بادشاهه کي انگريز فوج ڪورٽ پاران ڦاسي جي سزا ڏني ويئي هئي،جنھن ۾ هڪڙو به جج مقامي نه هو ۽ سورهيه بادشاهه جي قبر جي خبر نه ان جي وارثن کي آهي ۽ نه ئي سنڌ واسين کي آهي. پنھنجي وطن واسين سان محبت جو شاندار نمونو جيڪو تاريخي صورت ۾ اسان کي پيادل مارچ ۾ مليو، اها تاريخ اکين جي سامھون گذريل تاريخ تي ادل سولنگي قلم کنيو آهي. ادل سولنگيءَ جي مانَ ۾ مون وٽ ايترا لفظ ئي ڪونه آهن جو ان کي داد ڏيان پر فارسي شعر جو سنڌي ترجمو ياد ٿو اچي ته،”وطن جو ڪنڊو، مون کي سنبل ۽ ريحان جي گلن کان وڌيڪ سھڻو ٿو لڳي.“
    ”رَندن مَٿي رَت هار ته پَسين هوت کي“ امير آزاد پنھور جو ڪتاب ۾ مضمون به معنى خيز آهي جنھن به پيادل مارچ بھترين سٽاءَ سان اخذ ڪيو آهي. ”عشق اڻانگو پنڌ“ ادل سولنگي جي مضمون جو عنوان به آهي، جنھن ۾ مڪمل طرح پنھنجي زندگيءَ جي وارتا بيان ڪيل آهي، خاص ڪري ان پيادل مارچ ۾ شرڪت لاءِ ادل سولنگيءَ کي مسيح ڪالاڻي تمام گهڻو همٿايو ته لانگ مارچ لاءِ پروگرام ۾ شرڪت ڪجي.
    ادل سولنگي، عبدالواحد آريسر جي ان چوڻيءَ مطابق پنھنجي زندگي گذاري رهيو آهي ته،”ونين ۽ وطن وئي کانپوءِ ڪھڙيون پڳون ٻڌبيون ڪھڙا کير پيئبا؟“ ادل سولنگي پنھنجي اکين جي مشاهدي سان پيادل مارچ ۾ ٿيندڙ هرهڪ لاهي چاڙهي ته نظر رکي آهي، جنھن ۾ تقريرون، تحريرون، ناياب تصويرون، لانگ مارچ جون جهلڪيون ۽ چونڊ شاعري شامل ڪئي آهي. بنيادي طور ادل سولنگي شاعر آهي، قومي ڪارڪن آهي ۽ هاڻي صحافتي لڏي سان سرشار ٿو نظر اچي. ادل سولنگي ادب ۽ زندگيءَ جي سمورن شعبن ۾ پاڻ موکيو آهي. ادل سولنگي جون هي سِٽون منھنجي دل جي آڳر تي سدائين رقص ڪنديون آهن.

    اڙي وقــت تـوتــي هــزاريـن مــيـارون،
    ڏئي وئين اسان کي تون دَر دَر ڌِڪارون.
    نـنـڍپڻ جون رانديون، جوانيءَ جا ميلا،
    کـسِيــئي پـيـارَ پنھنجا ۽ نيڻن نھارون.


    ادب قومن جو اهڙو سرمايو آهي جنھن لاءِ ميڪلن چيو هو ته قدرت انسان ۾ جن سرمدي شين کي امانت ۾ رکيو آهي تن جي اظھار کي ئي ادب چئجي ٿو. بيڪ ٽائيٽل تي مسيح ڪالاڻي تاريخي لفظن سان ڪتاب جي سونھن ۾اڃان به واڌارو ڪيو آهي.
    سنڌ سدائين امن جي پرچارڪ ۽ رکوال سرزمين رهي آهي، جنھن ڪري سنڌ جي سياست پڻ پرامن سياسي جدوجھد جي تاريخ رکي ٿي. ادل سولنگي نه صرف قلمي پورهيو ڪيو آهي پر هن عمل جي ميدان ۾ پننجي جهور هڏهن سان سکر کان ڪراچيءَ تائين پيرين پنڌ ڪري تاريخ جو فرض ۽ قرض به ادا ڪيو آهي، سندس ڪتاب تاريخ جي ان قرض جو پورائو ڪري ٿو. تاريخ جي بابن ۾ تاريخي جملا ملن ٿا ته: ڌن دولت، هڪ هڪ اونهو سمنڊ آهي جنھن ۾ عزت، غيرت، ضمير ۽ سچ ٻڏيو وڃن پر سنڌي قوم وٽ بنهه ايئن ڪونهي. ڊاڪٽر مير عالم مري پنھنجو ذهني مشاهدو ڪري لانگ مارچ مان سنڌي قوم لاءِ جيڪي جملا اخذ ڪيا آهن، اُهي تاريخي طور تي ڏاڍا مھذب آهن.
    ”سنڌين جي قومي وصف ۽ خصوصيت ڄاڻائي وڌيڪ چٽو ڪرڻ چاهيان ٿو، ۽ اها آهي سنڌين جي روايتي مھمان نوازي، ضرور اها ڳالهه ٻين اڳواڻن پڻ ڏٺي هوندي، پر مون کي ايمان جي حد تائين يقين ۽ تجربي ۾پڻ اها ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته سنڌي ماڻهو آيل مھمان کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا آهن. ڪيڏا به نظرياتي ۽ سياسي اختلاف ڇونه هجن، ۽ وسيلن جي ڪيتري به اڻاٺ ڇونه هجي، ڀلي کڻي ڪو نظريي يا پارٽيءَ کان اڻ لاڳاپيل ئي ڇونه هجي، پر انهن سنڌين، مھمان نوازي، همدردي کان ڪٿي به عار محسوس ڪرڻ نه ڏنو.
    بس آخر ۾ انهيءَ جملي سان ته، جتي به وڃو خوشيون ڇڏي اچو، تان ته ماڻهو توهان کي هميشه لاءِ ياد رکن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو