سر ليلا چنيسر ؛ “ڏاهيون ڏک ڏسن.”

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ليلا چنيسر جو مختصر نموني قصو اهو ته ڪنهن زماني ۾ سومرن مان راجا چنيسر نالي ديول ڪوٽ تي راڄ ڪندو هو جنهن کي سندس راڻي ليلا سان تمام گھڻي محبت هئي،انهن ئي ڏينهن ۾ راجپوتن جي خاندان مان راڻو کنگھار لکپت صوبي تي حڪومت ڪندو هو جنهن کي ڪونئرو نالي هڪ خوبصورت نياڻي هئي جنهن جي حسن جي هنڌين ماڳين هاڪ هئي سا پاڻ چنيسر جي عشق ۾ چري هئي.قصو ڪوتاه ته هن چنيسر کي پنهنجو ڪرڻ لاء سڀ حيلا هلايا پر ڪامياب نه ٿي سگھي. آخر هوء پنهن جي چالاڪيء سان ليلا جي ٻانهيء جي حيثيت ۾ هڪ ڏينهن چنيسر جي حويليء ۾داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي.هڪڙي ڏينهن هن موقعو تاڻي،پاڻ وٽ موجود قيمتي هار تي ليلا جو من موهي وڌو ۽ انهيء هار بدلي ليلا کان چنيسر جي جيون جون چند ساعتون اڌاريون گھري ورتيون.جڏهن چنيسر کي ان سڄي پروليء جي پروڙ پيئي ته ليلا هن جي محبت کي موتين عيوض مٽائي چڪي آهي ته هن سخت صدمي ۽ ڪاوڙ وچان ليلا کان هميشه لاء منهن موڙي ڇڏيو.اهڙيء طرح مت جي موڙهي ليلا موتين بدلي پنهنجي محبت کان هٿ ڌوئي ويٺي.

    هن سر ۾ سهڻي لطيف تصوف جو هڪ خاص نڪتو بيان ڪيو آهي سو آهي “خدا جي غيرت،” ليلا مان مراد اهو سالڪ جنهن کي هڪ ڀيرو محبوب حقيقيء جو وصال نصيب ٿيو پر پوء نفس جي ڦندي ۾ ڦاسي رستو ڀلجي ويو ۽ حقيقي محبوب کان منهن موڙي مجازي مزن ۾ مست ٿي ويو.

    مَڻِـئي تي موهِجِي، مُوڙِهِي ڪَيُءِ مَرَڪُ؛
    چئِي چَنيسَرَ ڄامَ سين، وِڌو تو فَرَقُ؛
    وَرِي ويو وَرَقُ، آييُءِ ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.

    اي مت جي موڙهي ليلا! تو هي پنهنجي لاء ڪهڙو مرڪ ڪمايو جو مڻيي جي لوڀ ۽ لالچ ۾ چنيسر ئي هٿن مان هليو ويئي.هي ته تو وڏي نقصان وارو سودو ڪيو.اهي ڏهاڳ جي ڏکن جا ورق تو پاڻ پنهن جي مٿان واري وڌا. اصل ۾ سالڪ کي طريقت جي واٽ ۾ ڪئين مڪاشفا ۽ مشاهدا حاصل ٿين ٿا.گھڻن جو ڌيان محبوب تان هٽي انهن مڪاشفن ۽ مشاهدن ۾ ڦاسي پوندو آهي ۽ اهي انهيء تي هرکجي، محبوب جي تلاش ڇڏيو ڏين.

    مَڻِيو ناه ِ مَڻِـيُون، جو تُون پَسِي هارُ هِرکِـئين؛اصلِ آهي اَڳَهين، سَندِيُون ڪُوڙَ ڪَڻِيـُون؛
    اِنَ گھوڙَنِ هَنئي گَھڻِـيُون، دوسَنِئان دُورِ ڪَيون.

    جنهن هار تنهنجو هانء هرکائي وڌو سو اصل ۾ مڻيو نه پر ڪو ڪوڙو موتي هو.انهيء دل جي هٻڇ گھڻين کي دوستن کان ڌار ڪري ڇڏيو.جڏهن انسان جو ڌيان محبوب حقيقيء کان هٽي ٻين وڻندڙ مشغلن ۾ منجھامي ٿو ته غيرت حق جوش ۾ اچيو وڃي.جيئن هڪ حديث شريف مان به ان حقيقت جي تائيد ٿئي ٿي ته محبوبن ڪريمن صلي ﷲ عليه وسلم جن فرمايو “ سعد غيرتمند آهي،آئون سعد کان وڏيڪ غيرتمند آهيان پر خدا مون کان به وڌيڪ غيرتمند آهي،پنهنجي ان غيرت جي ڪري هن لڪيل ۽ ڳجھين بڇڙاين کان به روڪي ڇڏيو آهي.”

    مطلب ته انسان اڪيلائيء ۾ به جيڪر ڪو گناهه ڪري ٿو بلڪه هو ذهن جي اندر جيڪي سوچي ٿو يا دل ۾ جيڪو ارادو ڪري ٿو، خدا انهن سمورين شين کان پوريء طرح واقف آهي ته پوء هن سان ٻيائيء وارو وهنوار ڪرڻ صرف پنهنجو پاڻ کي دوکو ڏيڻ آهي.

    ور وڃايئي ويسلي! توڻي لکين پائين هار،

    عقل نه آهي تو ۾، ويهون ڀاڱو وار،

    چنيسر ڀتار، دوست مٽايئي داسڙو.

    اي انسان! توکي عقل هجي ها ته سمجھين ها ته محبوب کي صرف سچائيء جي سونهن ٿي وڻي.ان ظاهري نيڪين جي سونهن جا هار ڳچيء پائي تون ڪيئن ٿو گمان ڪرين ته هن کي پسند ايندين جو محبوب جي نظر ته فقط دلين تي هوندي آهي.

    وَڏيرِي هُياسِ، چَنيسَرَ جي راڄَ ۾؛
    دائِيين، ٻائِيين، دَرِبانَنِ، پَرِ ۾ ٿي پُڇِياسِ؛
    دُهلين دَمامين، نَقرين، ٿي وِچَ ۾ وِهارِياسِ؛
    هُيَسِ دادُلِي دوسَنِ جي، کَـڻي هَلڪِي هارَ ڪَياسِ؛
    تِنهان پوءِ ٿِياسِ، ڪانيارِي ڪانڌَ جِي.

    ليلا کي ان هار جي هٻڇ اهڙو ته هلڪو ڪري وڌو جو سندس وڏيرائپ.دادلائپ،ناز ۽ ادائون سڀ ڪجھه ڀسم ٿي ويو ۽ هوء ڪانڌ اڳيان ڪاڻياري ٿي پيئي، حڪيم سنائيء ان نڪتي کي پنهن جي هڪ قول ۾ ڪهڙي نه خوبصورت انداز سان بيان ڪيو آهي.

    “ بهرچه ازراه اوماني، چه ڪفر آن حرف چه ايمان،

    بهرچه از دوست دور افتني،چه زشت آن نقش چه زيبا.”

    يعني شيء ڪهڙي به هجي پر جي اها توکي محوب جي راهه کان پري ڪري پوء اهو ڪفر جو ڪلمو هجي يا ايمان جو حرف ۽ نقش ڪهڙو به هجي پر جي اهو توکي دوست کان دور ڪري، پوء اهو سهڻو هجي يا بڇڙو،انهن مڙني شين کان پري ڀڄ.اها ڏاهپ ئي ڏهاڳ جو ڪارڻ بڻجي ٿي جنهن تي گھمنڊ ڪري انسان بارگاه محبوب مان هميشه لاء تڙجيو وڃي ۽ ان ڀورائيء ۾ ئي ڀلائي آهي جنهن جو احساس ۽ اقرار هن کي محبوب جي محفل ۾ مانائتو بڻايو ڇڏي.

    الا! ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،

    مون تي مون پرين، ڀورائيء ۾ ڀال ڪيا.

    سلطان محمود جا سندس غلام اياز سان قرب جا ڪيئي قصا مشهور آهن.هڪ ڏينهن اميرن ۽ مشيرن ساڙ وچان محمود کي مهڻو ڏنو ته هو هڪ ڪاري غلام سان ايڏي الفت ڇو ٿو رکي؟ محمود چيو ته ان سوال جو جواب اهي سڀاڻي کانئس معلوم ڪن. ٻئي ڏنهن تي محمود سمورن اميرن مشيرن کي گھرائي قيمتي شراب جون بوتلون انهن حوالي ڪندي کين اهي ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن سڀني اهي بوتلون ٽوڙي وڌيون ته محمود سوال ڪيو ته اوهان هي بوتلون ڇو ٽوڙيون.سڀني يڪ آواز جواب ڏنو ته بادشاه سلامت!اسان اوهان جو حڪم مڃيندي اهي بوتلون ٽوڙيون آهن. هاڻي محمود ساڳئي قسم جي هڪ بوتل اياز جي حوالي ڪندي کيس اها ٽوڙڻ جو حڪم ڏنو.اياز جڏهن اها ٽوڙي وڌي ته محمود چيو؛ اي اياز! تو هي ڇا ڪيو.بوتل ٽوڙي ڇڏي؟ اياز نماڻائي ۽ شرمساريء وچان ترت هٿ ٻڌي عرض ڪيو؛ آقا! مونکي معافي ڏيو،مون کان غلطي ٿي ويئي. اها هئي اياز جي انمول ادا جنهن ڪري محمود هن تي موهت هو.محبوب سان هوڏ هلائڻ،بحث يا حجت ڪرڻ جائز ناهي. توڙي قصور هجي يا نه پر هميشه هيٺاهين هلت هلڻي آهي ۽ پنهنجي خطا ئي خيال ڪرڻي آهي.

    روء ته رحم پويس، ڳچيء پلئه پاء،

    آڌيء اٿي ادب سان، ليلا! تون ليلاء،

    پرينء کي پرچاء،نائي ڪنڌ نياز سين.

    حافظ شيرازي چوي ٿو ته “ ضدي ۽ هٺيلو نه ٿيء متان محبوب جي جلال غيرت سان سڙي خاڪ ٿي وڃين ڇو ته دلبر جو هٿ اهڙو اهي جنهن ۾ ايندي ئي سخت پهڻ به ميڻ ٿيو پون.”

    لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي! سِکِـئين؛
    پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَرِيـبيءَ گَڏِ؛
    هَڏِ نه چَوَندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِـئَين ڪانڌَ کي.

    ڦاسڻ کان پوء ڦٿڪڻ ڇاجو؟ خطا کان پوء حيلا بهانا ڪهڙا؟بس، هڪڙو ئي رستو آهي پرينء کي پرچائڻ جو ته غريبي ۽ نماڻائيء واري شڪل ڪري،پاند ڳچيء ۾ پائي،آزيون،نيازيون ۽ ايلاز ڪجن، پنهنجن پاپن تي پڇتاء ۽ پشيماني ڪجي ته پوء وڏو امڪان آهي ته انهن آهن. دانهن، ٻاڪارن ۽ پڪارن تي ڪانڌ کي ڪا ڪهل اچي وڃي ۽ هن جي محبت سندي محفل ۾ وري ڪو مقام ملي وڃي.
     
    تلوڪچند ولاسائي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. تلوڪچند ولاسائي

    تلوڪچند ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2014
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    126
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    ڌنڌو:
    اڪائونٽ مينيجر ( پرائيويٽ ڪمپني )
    ماڳ:
    پراڻو مٺي ٿرپارڪر موجوده صدر ڪراچي سنڌ
    بهترين ليک ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو