• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت سپيل چيڪر (بيٽا ورجن)

اڄ مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو آهي. هن اهم ڏينهن تي سنڌ سلامت سمورن سنڌين لاءِ هڪ اهڙو تحفو پيش ڪري رهي آهي جنهن جي ضروت اڄ جي پبلشنگ ۽ ٽيڪنالاجي دور ۾ بي انتها وڌي چڪي آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سنڌي اوسي آر لانچ ڪيو ويو ته تصويرن مان اتاريل لکائي ۾ ايندڙ غلطين کي درست ڪرڻ جي کوٽ وڌي وئي. ان کان علاوه جڏهن گوگل طرفان ٽرانسليشن ڪرڻ جا وسيع اختيار هر عام خاص کي مليا ته ترجمو ڪندڙن پڻ صورتخطي جون ڀيانڪ غلطيون ڪيون. انهن غلطين کي درست ڪرڻ جي ضرورت پهريان کان وڌي وئي. رڳو ايترو ئي نه پر سنڌي اخبارن جو آن لائين ٿيڻ ۽ پبليڪيشن جو وڌندڙ ڪم پڻ درست پروفنگ گهري ٿو.
وقت جي ان اهم ضرورت کي سامهون رکندي سنڌ سلامت سٿ پاران ڪجهه وقت کان سپيل چيڪر تي سنجيدگيءَ سان ڪم شروع ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ انٽرنيت خاص طور سنڌ سلامت فورم ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي موجود وسيع ڊيٽابيس کي گڏ ڪري لفظن جو اهڙو نرالو ذخيرو بڻايو ويو جنهن ۾ ڪتابي لفظن سان گڏو گڏ گفتگو دوران استعمال ٿيندڙ رواجي انگريزي لفظن کي پڻ سنڌي رومن طور شامل ڪيو ويو. ان وسيع ڊيٽابيس کي وڌيڪ مختصر ڪرڻ لاء ان جي ترتيب لفظن جي استعمال ٿيڻ جي تعداد سان رکي وئي. جنهن سان وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندڙ لفظن جي اهميت کي وڌيڪ فوقيت ڏني وئي. اهڙي طرح لڳ ڀڳ ڏيڍ لک يونيڪ لفظن تي مشتمل ڊيٽابيس جڙي راس ٿيو.
اهڙي ڊيٽابيس کي پهريان آن لائين آزمائش مان گذاريو ته ويو پر معلوم ٿيو ته خاطر خواه درستگيون گهڻي استعمال سان ئي ممڪن ٿينديون. ترت ضرورتن کي سامهون رکندي ان آزمائشي ڊيٽابيس کي مائڪروسافٽ آفيس سان انٽيگريٽ ڪيو ويو. ۽ پوءِ لڳ ڀڳ 200 ڪتابن جي پروفنگ ڪندي غلطين کي درست ڪيو ويو ۽ گڏ ڪيل ڪارپس کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو. توڙي جو ان ڊيٽا بيس کي اڃان به جامع حيثيت حاصل نه آهي پر وڌيڪ بهتري ايندڙ اپڊيٽ ورجن ۾ آڻڻ جي اميد سان سنڌ سلامت اسپيل چيڪر جو بيٽا ورجن جاري ڪجي ٿو.

سنڌ سلامت سپيل چيڪر جو وڊيو ڊيمو

سنڌ سلامت سٿ طرفان تيار ڪيل هي سپيل چيڪر جيتوڻيڪ اڃان به بيٽا ورجن ۾ آهي، پر باوجود ان جي به ضروي رسموريون خوبيون شامل ڪيون ويون آهن جن ۾ شامل آهن:
  • مائڪروسافٽ جي سڀ کان وڌيڪ مشهور ونڊوز 7 سان گڏو گڏ ونڊوز 8، ونڊوز 8.1 ۽ ونڊوز 10 آپريٽنگ سسٽم سان مطابقت.
  • مائڪروسافٽ آفيس 2013 ۽ 2016 جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ورڊ، ايڪسل ۽ پاور پوائينٽ جهڙن پروگرامز سان مطابق.
  • لکائي دوران سنڌي لفظن کي سڃاڻڻ جي صلاحيت.
  • اڳ لکيل فائيلز ۾ موجود سنڌي لفظن جي سڃاڻڻ جي صلاحيت.
  • غلط لفظن کي درستدگي لاءِ صلاحڻ جي صلاح.
  • مائڪروسافٽ آفيس جي پروگرامز ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيبورڊ ڪمانڊ F7 سان مطابقت.
  • ڊڪشنري ڊيٽابيس ۾ درست لفظن جي اضافي ڪرڻ جي صلاحيت.
  • سنڌي اسپيل چيڪر کي آن لائين سان گڏو گڏ آف لائين استعمال ڪرڻ جي صلاحيت.
نوٽ رکڻ جي ڳالهه..

سنڌ سلامت سپيل چيڪر کي انسٽال ڪرڻ کان اڳ توهان جي ڪمپيوٽر ۾ مائڪروسافٽ ونڊوز 7 يا مٿي جي آپريٽنگ سسٽم کان سواءِ مائڪروسافٽ آفيس 2013 يا 2016 جو فارسي پروفنگ ٽول جو انسٽال هجڻ ضروري آهي.


سنڌ سلامت سپيل چيڪر (بيٽا ورجن) ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو..

والسلام

يقينن تمام بھترين ڪم ڪيو ويو آهي سنڌ سلامت فورم تي ۽ ان سان گڏ ھي سنڌي اسپيل چيڪر جو تحفو اسان لاءِ يقينن بيمثال تحفو آهي .........

اسان جي سدائين ڌڻي در اھيائي دعا رھندي تي الله سائين ھميشہ ھن فورم ۽ فورم آرگنائيزيشن کي شاد و آباد رکي

آمين.
 
Back
Top