تاريخ سان ايڏي هٿ چراند ته نه ڪيو!

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏27 فيبروري 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    ڏکڻ آفريڪا جي ڳوٺ “مويزو”۾ “ ٿيمبو” قبيلي ۾ 18 جولائي 1918ع تي جنم وٺندڙ ان شخص جي سموري زندگي اصولن پويان سختيون سهڻ ۽ قيد ڪاٽڻ ۾ گذري.هن جي عمر اڃا 9 سال هئي ته سندس پيء گذاري ويو جنهن کان پوء سندس ئي قبيلي جي هڪ اعليٰ ڪردار اڳواڻ “جونگن ٽيبا” کيس پنهنجو پٽيلو بنايو ۽ قبائلي اڳواڻيء لاء سندس تربيت ڪرڻ لڳو.پنهنجي خاندان ۾ هو پهريون ٻار هو جنهن روايتي تعليم حاصل ڪئي. پنهنجي پرائمري تعليم هن هڪ مقامي مشنري اسڪول ۾ مڪمل ڪئي جنهن بعد هو “ ڪلارڪيبري بورڊنگ انسٽيٽيوٽ ويو، جتي هن نه رڳو پنهن جون نصابي سرگرميون جاري رکيون پر ان سان گڏ باڪسنگ ۾ به مهارت حاصل ڪئي .1939ع ۾ هن “ايليٽ يونيورسٽي فورٽ هيئر” ۾ داخلا ورتي جيڪا ان وقت ڏکڻ افريڪا ۾ ڪارن ماڻهن لاء اعليٰ تعليم لاء واحد تعليمي ادارو هئي،انهيء کان ايندڙ سال يعني 1940ع ۾ کيس سندس دوست “ اولور ٽيمبو” سان گڏ يونيورسٽيء مان انهيء ڪري ڪڍيو ويو جو هنن يونيورسٽي پاليسين خلاف ٿيندڙ بائيڪاٽ ۾ شرڪت ڪئي هئي. اها خبر ٻڌي سندس سنڀاليندڙ هن جي شاديء جو فيصلو ڪيو.انهيء ئي عرصي ۾ هو “ جوهنسبرگ” هليو ويو جتي هن پهريائين رات جي چوڪيدار۽ بعد ۾ قانوني ڪلارڪ جي نوڪري به ڪئي ۽ ان سان گڏ گريجيوئيشن به ڪئي. ڪجھه ئي عرصي بعد هو “ وٽ واٽيرسينڊ” يونيورسٽيء قانون پڙهڻ ويو جتي هن جا لاڳاپا نسل پرستيء خلاف جدوجهد ڪندڙ تحريڪن سان قائم ٿيا.1944ع ۾ هن آفريڪن نيشنل ڪانگريس ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پنهنجن پراڻن دوستن سان گڏ ان تنظيم جي “يوٿ ونگ” جو بنياد وڌو. 1949۾آفريڪن نيشنل ڪانگريس سمورن ڏکڻ افريڪين لاء هڪجهڙي شهريت جو حق حاصل ڪرڻ لاء بائيڪاٽن، هڙتالن،مظاهرن جو سلسلو شروع ڪيو ۽ سول نافرمانيء جي تحريڪ شروع ڪئي. 1952 ع ۾ هن غير منصفاڻن قانونن خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو ۽ رياست جي نسلي تعصب وارين پاليسين خلاف عوام کي منظم ڪيو ۽ “آزاديء جو چارٽر“ نالي هڪ مينيفيسٽو جاري ڪيو.5 ڊسمبر 1956ع ۾ هن کي سندس 155ساٿين سميت جيل موڪليو ويو ۽ سندن خلاف غداريء جو ڪيس هلايو ويو.انهن سڀني کي 1961ع ۾ بري ڪيو ويو.انهيء ئي عرصي ۾ آفريڪن نيشنل ڪانگريس جو هڪ ڌڙو هٿياربند جدوجهد واري معاملي تي آفريڪن نيشنل ڪانگريس کان جدا ٿي “پين آفريڪن ڪانگريس” جي شڪل اختيار ڪئي.ايندڙ سال پوليس ڪارن ماڻهن جي جلوس تي فائر کولي ڇڏيو جنهنجي نتيجي ۾ 59 مظاهرين مري ويا جنهن کان پوء ملڪ ۾ سخت غصي،چڙ ۽ بدامنيء جو ماحول پيدا ٿيو جنهن ڪري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تشدد سان ڀريل مظاهرا شروع ٿي ويا.نيٺ حڪومت آفريڪن نيشنل ڪانگريس ۽ پين آفريڪن ڪانگريس ٻنهي تي پابندي وجھي ڇڏي.انهن حالتن ۾ انهن تنظيمن جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن کي زيرزمين وڃڻو پيو.اهو ئي وقت هو جڏهن هن سوچيو ته وقت اچي ويو آهي ته سرگرم ۽ کليل جدوجهد جي شروعات ڪئي وڃي.1961ع ۾ هن “ايم ڪي“ جي نالي سان آفريڪن نيشنل ڪانگريس ويڙهاڪ ونگ جو بنياد وڌو ۽ پاڻ ان جو سربراه بڻيو.ڪجهه سال پوء انهيء عدالتي ٽرائل دوران جنهن ۾ هن کي اٽڪل ٽن ڏهاڪن لاء جيل وڃڻو پيو،هن چيو ته آفريڪي اڳواڻ ڪيئن پرامن جدوجهد ذريعي پنهن جا حق حاصل ڪري سگھن ٿا جڏهن حڪومت اسان جي جائز ۽ پرامن مطالبن جي جواب ۾ اسان تي تشدد ڪري ٿي.هٿياربند جدوجهد جو رستو اسان رڳو ان ڪري اختيار ڪيو آهي جو اسان لاء جدوجهد جا ٻيا سمورا امن ڀريا رستا بند ڪيا ويا آهن. 1962ع ۾ ايٿوپيا ۾ آفريڪن نيشنل ڪانگريس جي ليڊرن جي ٿيندڙ اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت لاء هن غيرقانوني سفر اختيار ڪيو.هن لنڊن ۾ موجود آفريڪي جلاوطن ليڊر اوليور ٽيمبو سان ملاقات ڪئي ۽ الجيريا ۾ گوريلا تربيتي ڪيمپن جو دورو به ڪيو.5 آگسٽ 1962ع تي هو جيئن ئي وطن موٽيو ته هن کي گرفتار ڪري کيس پنج سال قيد جي سزا ٻڌائي ويئي.نام نهاد “ روونيا ٽرائل“ اڄ به دنيا کي ياد آهي جنهن ذريعي هن کي سندس ستن ساٿين سميت موت جي سزا ڏني ويئي جيڪا بعد ۾ عمر قيد ۾ تبديل ڪئي ويئي.انهيء ٽرائيل دوران مٿانئس لڳايل ڪيترن ئي الزامن کي تسليم ڪندي پنهن جي تاريخي بيان جي اّخر ۾ هن چيو هو “مون هڪ اهڙي مثالي، جمهوري ۽ آزاد سماج جي سوچ پالي آهي جتي سمورا انسان هم آهنگي ۽ هڪجهڙن حقن سان گڏ زندگي گذاري سگھن. اهو هڪ اهڙو خواب آهي جيڪو منهن جي اندر جيئڻ ۽ انهيء مقصد کي حاصل ڪرڻ جي اميد پيدا ڪري ٿو بلڪه جيڪر ضرورت پوي ته آئون ان لاء مرڻ لاء به تيار آهيان. ” هن پنهنجي 27 سالا قيد جا پهريان 18 سال “رابن آئزلينڊ “ جي قهري جيل ۾ گذاريا، اهو جيل ڪيپ ٽائون جي سامونڊي ڪناري تي موجود آهي.هن کي هڪ اهڙي بند خولي۾ رکيو ويو جتي ڪابه انساني زندگيء واري سهولت موجود نه هئي ايستائين جو کيس سمهڻ لاء بسترو به مهيا نه ڪيو ويو ۽ هن کان سخت پورهيو ڪرايو ويندو هو.“ڪارو” قيدي هئڻ ڪري هن کي نسلي بنياد تي ٻين قيدين جي ڀيٽ ۾ گھڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پييون.هن کي صرف سندس زال سان جيڪا ٻن ڌيئرن جي ماء هئي ڇهن مهينن ۾ صرف هڪ ڀيرو ملاقات جي اجازت مليل هئي .هن کي سندس ساٿي قيدين سميت جيل ۾ نهايت ئي غيرانساني جسماني سزائون ڏنيون وينديون هيون. مثال انهن کي ڳچيء تائين زمين ۾ پوري مٿانئن پيشاب ڪيو ويندو هو.پر اهي سموريون سختيون هن جي حوصلن جي جبل کي لوڏي نه سگھيون.هن انهن حالتن ۾ به جيل اندر لڪ ڇپ ۾ لکڻ پڙهڻ جو ڪم جاري رکيو،هو ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجا سياسي بيان جيل کان ٻاهر پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو هو،هن جيل جي اندر ئي پنهنجي آتم ڪٿا “ آزاديء ڏانهن ڊگھو پنڏ” نالي ڪتاب لکيو جيڪو سندس آزاديء کان پنج سال پوء شايع ٿيو.حڪومت جي سمورن ظلمن، ڏاڍاين ۽ حرفتن باوجود اها هن کي آفريڪي عوام جي دلين مان نه ڪڍي سگھي ۽ جيئن پوء تيئن هو نه رڳو آفريڪا پر دنيا جي برادريء ۾ به وڌيڪ عزت ۽ محبت حاصل ڪندو ويو. 1980ع ۾ هن جي آزاديء جي باقائدي مهم شروع ٿي ۽ آفريڪي نسل پرست حڪومت خلاف بين الاقوامي ليول تي دٻاء گھڻو وڌي ويو.حڪومت آخر ۾ مجبور ٿي هن کي آزاد ڪرڻ جي بدلي۾ ساڻس اين آر اوڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس آڇ ڪئي ته جيڪر هو پنهنجن ڪجھه ڳالهين تان هٿ کڻي ته کيس آزاد ڪيو ويندو پر هن واضح انڪار ڪيو.1982ع ۾ هن کي “پولزمور” جيل منتقل ڪيو ويو ۽ 1988ع ۾ هن کي عوامي ۽ عالمي دٻاء تحت جيل مان ڪڍي گھر ۾ نظربند ڪيو ويو. 1989ع ۾ صدر ايف ڊبليو ڊي ڪلرڪ آفريڪن نيشنل ڪانگريس تي لڳايل پابندي هٽائي ڇڏي ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ غيرنسل پرستيء جو اعلان ڪندي 11فيبروري1990ع تي آخرڪار هن جي آزاديء جو حڪم جاري ڪيو.26 اپريل 1994ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ هو ڏکڻ آفريڪا جو پهريون ڪارو صدر چونڊيو ويو.صدارت دوران هن پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاء جيڪي ڪجھه ڪيو ۽ پنهن جي سوچ ۽ نظريي کي جهڙيء طرح عملي طور تي پنهنجي ملڪ ۾ نافذ ڪيو اهو هڪ الڳ داستان آهي.امن جي نوبل انعام سان نوازجڻ سان گڏوگڏ هن جي حصي ۾ جيڪي عوامي اعزاز، ماڻهن جون محبتون ۽ تاريخ جون عظمتون آيون اهي دنيا ۾ تمام گھٽ ماڻهن کي نصيب ٿينديون آهن. 1999ع ۾ هن عملي سياست تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪيو شايد هو گھڻو ٿڪجي پيو هو ۽ گھڻو پوڙهو به ٿي چڪو هو.نيٺ سندس فسانو 2013ع ۾ زندگيء جي سالن واري ڪتاب ۾ 95 صفحي تي پورو ٿيو.اها ڪهاڻي ان ارڏي ۽ اصولن جي ماڻهوء جي آهي جنهن کي تاريخ نيلسن منڊيلا جي نالي سان ڄاڻي،سڃاڻي ۽ مان ڏئي ٿي.

    هاڻي حالتن جي ستم ظريفي ڏسو جو ميان نواز شريف جا پوئلڳ کيس نيلسن منڊيلا سان ڀيٽي رهيا آهن.ان سانحي يا حادثي کي ڪهڙو نالو ڏجي.تاريخ سان ايڏي وڏي مذاق!ڪيڏانهن منهن ملير جو ڪيڏانهن ٽڻڊو الهيار.باقي سڀ ڪجھه پڙهندڙن جي ديانتداري ۽ انصاف تي ڇڏجي ٿو ته اهي منڊيلا جي پوري ڪهاڻي پڙهي پوء اهو ضرور اشارو ڪن ته ميان صاحب جي ڪهاڻيء ۾ ڪهڙي شيء منڊيلا سان ملندڙ ۽ مشابهت رکندڙ آهي؟ڪجھه ته خدا جو خوف ڪجي.تاريخ سان ايڏي وڏي مذاق ڪرڻ کان اڳ ڪجهه ته سچائين جو آئينو به ڏسي وٺڻ گھرجي.
     
    خدابخش جويو ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو