محمد خان سيال
سينيئر رڪن
علاما آءِ آءِ قاضيءَ جي گھر واري فوت ٿي وئي هئي، انهيءَ کانپوءِ هن پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو ، سندس ليول جو ٻيوڪو به مفڪر موجود ڪونه هو جنهن سان دل جا حال احوال اوري سگھي ها، تنهنڪري هن پاڻکي اڪيلو محسوس ڪيو ـ
مان تن ڏينهن ۾ سرگرم صحافي هوس، اها ڳالهه پوري ذميداريءَ سان لکان ٿو.کيس قتل ڪرڻ جا ناٽڪ گھڻو پوءِ گھڙيا ويا ڇاڪاڻ ته آپگھات ڪارڻ، سندس اميج خراب ٿي رهيو هو ـ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو انهيءَ وقت اقتدار ۾ ڪونه هو تنهن سندس موت جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ انڪوائريءَ جو مطالبو ڪيو هو پر انڪوائريءَ ۾ به اها ڳالهه ثابت ٿي ته هن پنهنجي مرضيءَ سان آپگھات ڪيو هو. پوءِ، ڪجھه ماڻهن ناٽڪ رچايو ته سندس پير ترڪي پيو سو ڪري پيو، اهڙا بيان مون پاڻ پڙهيا.اڃا به گھڻو پوءِ، ڪن کيس قتل ڪرڻ جو نئون ناٽڪ رچايو هو.
جڏهن ته رڪشا ڊرائيور جو چوڻ هو ته هو پاڻ اڪيلو رڪشا ۾ چڙهي پل تي آيو ۽ کيس ڪرايو ڏئي، پوءِ درياهه ۾ ٽپو ڏنائين ـ
انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته علاما آءِ آءِ قاضي نهايت ئي اعلى شخصيت جو مالڪ هو، سندس ڪردار سدائين شاندار رهيو ۽ مان سندس شخصيت کان اڄ به گھڻو متاثر رهيو آهيان پر سندس زال جي وڇوڙي ۽ ساڳي ليول جي ڪنهن ٻئي شخصيت جي نه هئڻ خاطر منجھس مايوسي گھر ڪري وئي هئي ـ
منهنجي لاءِ علاما آءِ آءِ قاضي آئيڊل شخصيت هو، آهي ۽ آئيندي به رهندو ـ مان سڀ کان اڳ سندس شخصيت کان گھڻو متاثر ٿيو هوس ـ