• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گهوٽڪي تاريخ جي آئيني ۾

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Arif Mohyal
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Arif Mohyal

سينيئر رڪن
گهوٽڪي تاريخ جي آئيني ۾
History Of Ghotki

گهوٽڪي شھر سنڌ جي راجا چچ ابن سيلاج برهمڻ جي ايلچي "هٿ سام " سن 15ھ ۾ ٻڌايو هو ۔ سن 10ھ ۾ حضرت عمر ابن خطاب رضہ سنڌ کي فتح ڪرڻ لاء عثمان ابن عاص ثقفي ۽ مُغيره ابن عاص کي روانو ڪيو هو ۔ هي ديبل بندر ”ٺٽي“ کان درياهي رستي سان الور (اروڙ) جي قلعي تي ڪاهي آيا ۔
سخت لڙائي لڳي ۔ مغيره ، سام جي هٿان شھادت جو جام پيتو ۔ اسلامي لشڪر موجوده گهوٽڪي جو رخ رکيو ، اُنهيءَ ھنڌ تي وڏو ٻيلو هو ، هنن درياه جي ڪپ تي اچي خيما کوڙيا ۔ ان وقت درياه ماٿيلي ۽ گهوٽڪي جي لڳ وهندو هو ۔ڪفار جي لشڪر سن 15ھ ۾ اسلامي لشڪر کي تڙي ، انهي هنڌ تي هڪ فوجي ڪئمپ قائم ڪئي ۔ ٿوري وقت ۾ اهو فوجي اڏو ختم ٿي ويو ۔ سن 16ھ ۾ علائقي جي جدا جدا قومن هن ڳوٺ کي آباد ڪيو ۔ پر چند وجوهات ۽ سببن ڪري ڪافي وقت هن ڳوٺ ۾ ويراني واڪا ڪرڻ لڳي۔
سن 73ھ ۾ چند ميربحرن هن کي "مياڻي "
جو نالو ڏئي رهائش اختيار ڪئي ۔ درياه جي رُخ ڦيرائڻ ڪري اھي مجبورن لڏي ويا ۔ وري ڳوٺ رڻ پٽ جي صورت اختيار ڪئي ۔ سن 93ھ (712ع) ۾ محمد بن قاسم ، راجا ڏھر کي فاش شڪست ڏئي ، سنڌ کي "باب الاسلام " قرار ڏنو ۔

راجا ڏھر جي پٺ مان گهوٽ ابن صمد ابن پاتيل هندو ، هن علائقي ۾ رهندو هو ، ان عربن جي هٿ تي خوشي سان اسلام قبول ڪيو ۔ گھوٽ مسمات ايمنا سان شريعت محمّدي موجب نڪاح ڪيو ، ان مان "تھمير" نالي پُٽ پيدا ٿيس ، اُتانهون گهوٽا قوم جي شروعات ٿي ۔ عربن گهوٽن کي وڏيون جاگيرون عطا ڪيون ۔ هنن پنهنجي وڏي "ڏھر " نسبت سان هن ڳوٺ کي "ڏھر والي " جو نالو ڏنو ۔ سلطان خان عباسي ۽ عادل خان گهوٽو جي وقت تائين ، ساڳي نالي سان مشھور رهيو ۔ گهوٽا قوم جي واڌاري ۽ ترقي سبب سن 923ھ ۾ ڏھر والي جو نالو ڦري "گهوٽڪي" ٿيو ۔

اعليٰ حضرت مبارڪ شاه دهلوي ( بغدادي بادشاه) سن 1007ھ ۾ وفات ۾ عادل پور ۾ برقعو مٽايو ۔ سندن وڏو فرزند سيد جعفر شاه ، "چڪ جعفر شاه" تعلقي اوٻاوڙي ۾ سڪونت اختيار ڪئي ، باقي ٻن فرزندن سيد جمال شاه ۽ سيد ڪمال شاه ٻئي ڀائر عادلپور مان هجرت ڪري ، جمشيره موجوده گُبلي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۔ مهراڻ جي موجن ، ڇوھ ۽ ڇولين ، لس ۽ ليٽ جي ڪري وسندڙ وهڻ ، ڪوٽ ، عاليشان عمارتون ۽ قبرستان سنڌو درياه جي پيٽ ۾ اچي ويا ۔ سن 1065ھ ۾ سادات جمشيره کان ڇڏي ، موجوده اوڍر والي جيڪا اوڍر خان گهوٽہ جي حد هئي ، اُتي اچي رهيا ۔ سيد ابو جمال محمد مبارڪ شاه (نهري شاه) جي شھره آفاق شھرت ۽ ڪشف ڪرامت ڏسي پري پري جا ماڻھو چقمق وانگر ڇڪجي مريد ٿيڻ لڳا ۔

قليل عرصي ۾ ھن ننڍڙي ڳوٺ ھڪ خوبصورت شھر جي صورت اختيار ڪئي ۔ ان دور ۾ چار گهوٽہ ڀائر زميندار ۽ رهائي رسائي جا مالڪ هئا
1: حسين خان گهوٽو ( جنهن جي نالي حسين ٻيلي ڳوٺ ، ديھ ۽ يو ۔ سي موجود آھي )
2:قاسم خان گهوٽو (جنهن جي نالي قاسم پور / قاسم والي )
3 رحم علي خان گهوٽو ( جنهن جي نالي رحموالي محلو موجود آھي )
4:اوڍر خان گهوٽو ( جنهن جي نالي اوڍر والي موجود آھي)

حسين خان قوم جو پڳدار هو ، سندس پشت مان گهوٽا قوم جو چيف سردار محمود خان گهوٽو (المعروف سخي سردار محمدڻ فقير گهوٽو) موجود آھي ( هن وقت سردار محمودخان جو فرزند گهوٽا قبيلي جو پڳدار چيف سردار ستار بخش خان عُرف سخي سردار فقير شھنشاه بابا ارشاد علي خان گهوٽو آھي) ۔ دنيا ۾ دستور ٿي چڪو آھي تہ اڄڪلھ دولت جي آڌار تي معمولي ماڻھو بہ پاڻ کي سردار سڏائڻ ۾ دير نہ ڪندا آھن ۔ ڀل ٻيا ڪيترائي دعويدار ڇونہ هجن پر گهوٽا قبيلي جو صحيح ۽ حقيقي سردار محمود خان گهوٽو عُرف سخي سردار محمدڻ فقير آھي ، پاڻ شاعر ، اديب ، مفڪر ، دانشور ، صوفي فقير ، الله وارو انسان ، مهمان نواز ۽ سخي مرد آھي ۔

گهوٽہ (خاص طور حُسين خان ۽ سندس اولاد ، جن شھر جون جايون مرشدن حوالي ڪري حسين ٻيلي اچي وسائي) ڪثرت سان سيد مبارڪ شاه (نهري شاه ) جا مريد ٿي ، پنهنجون عاليشان عمارتون ، زمينون سادات حوالي ڪري پاڻ شھر کان ٻاهر رهڻ لڳا ۔ سادات جي عقيدت ۽ محبت ، مراد ۽ مڃتا جي ڪري ، گهوٽڪي جو نالو ڦري ، "لوء صاحبان "
ٿيو ۔ حضرت مبارڪ شاه جيلاني ( نهري شاه) رحہ سن 1090ھ ۾ انتقال ڪيو ۔ کين ديھ اوڍر والي جي حد شهر ۾ دفن ڪيو ويو ۔ اڄ بہ سندن درگاه زيارت گاه خاص و عام آھي ۔

سن 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۔ سال 1878ع ڌاري سر چارلس نيپيئر گهوٽڪي منزل گاه ۾ منزل انداز ٿيو ۔ سڄي شھر جا هندو ۽ مسلمان هُن سان ملڻ ۽ تحفہ ڏيڻ ويا ۔ مگر سيد صالح شاه عُرف مولا رکيو (متوفي سن 1277ھ) ۾ ساڻس ملڻ نہ ويو ۔ انهي ڳالھ تي هن کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ سادات جون پراڻيون سندون رد ڪري لوء صاحبان جو نالو ڦيرائي ٻيهر رڪارڊ ۾ گهوٽڪي داخل ڪرايو ، جيڪو تاحال هلي رهيو آھي ۔


(اقتباس : ڪتاب جو نالو ، "سيئي سڪان ساريان " ،
ليکڪ علامہ سيد اظھر گيلاني ، صفحو نمبر 295 کان 299 تائين )
 
آخري ترميم:
Back
Top