• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي طرفان.....01 ـ محمد خان سيال ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌي، سنڌ ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ چاهين ٿا ته رڳو سنڌ سرڪار تي سو سيڪڙو ڀروسيَ ڪرڻ بدران سماجي تنظيمون ٺاهي، انقلاب آڻين جيئن مون هندو سنڌين کي ساري دنيا ۾ ڏٺوآهي ـ

جيڪڏهن سنڌي نئين زماني سان گڏ هلڻ چاهين ٿا ته کين سچ ڳالهائڻ گھرجي پر جيڪڏهن ڪنهن مجبوريءَ ڪارڻ، نٿا ڳالهائي سگھن ته گھٽ ۾ گھٽ سچ ٻڌڻ جي همت پاڻ ۾ ضرور پيدا ڪن ۽ بدتميزي به ڇڏي ڏين ـ

گھر وارن کي 10 ڀيرا چيو اٿم تہ ڪو ڪم وسري وڃيو تہ ٻڌايو، گھٻرايو نہ. راز جي ڳالھہ رڳو اوھانکي ٻڌايان ٿو تہ اصل ۾ مونکي ڦڙتيلو رھڻو آھي ـ

سوشل ميديا تي روزانو گھٽ اسپيس ۾ وڌيڪ خبرن ڏيڻ ۾، گھڻي ڏکيائي نٿي ٿئي جو اخبارن ۾ ڪيترا ورهيه سب ايديٽر طور ڪم ڪيو اٿم ۽ انگريزي آن لائين “سنڌ ٽه ڊي” به ڪيترا ورهيه ڪڍيم ـ منهنجي انگريزي آن لائين اخبار اٽڪل ساڍا 5 ورهيه هلي جنهن جو سارو خرچ مون پاڻ ڀريو ـ سنڌين سان نسلي متڀيد رکندڙ، چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل (ر) پرويز مشرف جي سرڪار 26 جولاءِ 2006 تي انهيءَ اخبار تي، ظاهري طور سنڌين ۽ بلوچن جي فائدي ۾ لکڻ جي ڏوهه ۾ پابندي مڙهي جنهن جي خبر بي بي سي، “سنڌ ٽه ڊي” جو نالو وٺي نشر ڪئي ـ
 
Back
Top