منهنجي طرفان....02 ـ محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نواز شريف جي ٽنهي دورن ۾ سنڌين سان ٿيل اڪيچار زيادتين جو فيس بوڪ تي ذڪرڪيم ته ڏنل موضوع تي تبصري ڪرڻ بدران، ڪجھه سنڌين موضوع بدلائي کيس “فرشتو“ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ـ

* ڪنهن زماني ۾ ملان اختلافي ڳالهه تي ڪفر جي فتوا هڻندا هئا، هاڻ وري ڪجھه سنڌي، اختلاف ڏيکارڻ تي، پ پ پ ميمبرهئڻ جا ڪوڙا الزام مڙهن ٿا ـ

* وزيراعظم عباسي جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل، سنڌ لاءِ هڪ رٿا به منظور نه ڪئي. پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان لاءِ 8 رٿائون منظور ڪيون ـ


* وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي ايئرلائين، ايئربلو کي زور وٺرائڻ لاءِ نواز شريف سان ملي ڀڳت ڪري پي آءِ اي کي تباهه ڪيو هو ـ

* ٻڌايو ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، سنڌين لاءِ هيلتائين ڪو هڪ چڱو ڪم ڪيو آهي؟

* نواز ليگ پوڻن 5 ورهين کان اقتدار ۾ رهي آهي. ٻڌايو ته هنن ڪنهن به هڪ سنڌيءَ کي ڪو وڏو سرڪاري عهدو ڏنو آهي؟

* شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سنڌي اقبال آخوند کي گڏيل قومن ۾ دائمي نمائندو مقررڪيو ته سڀني انهيءَ جي حمايت ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته هو اهل ۽ سنڌي هو. جيڪڏهن نا اهل کي مقرر ڪجي ها ته سنڌين جي ضرور بدنامي ٿئي ها ـ

* حڪمران نواز ليگ جي وفاقي سرڪار جي غيردلچسپي، سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ سرڪيولر ريلوي واري رٿا کڏ ۾ ڦٽي ڪري ڇڏي ـ
 
Back
Top