ماضيء جو آئينو ؛ اڳوڻي ميسان کان اڄوڪي ملتان تائين.

'تاريخ، فلسفو ۽ سياست' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    662
    ورتل پسنديدگيون:
    632
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    “انڌن وڃي ملتان لڌو” سنڌي ء ۾ اها چوڻي عام آهي. خبر ناهي ته انڌا ملتان ڇو ويا ۽ انهن هروڀرو ملتان وڃڻ جو ئي ضد ڇو ڪيو،پوء اهي ملتان جيئرا جاڳندا پهتا يا ٻي ڪنهن حالت۾،انهن سمورن سوالن جو جواب في الحال اسان وٽ ڪونهي.پر ملتان سان ضرور اسان جي دلچسپي آهي جو اتي لاتعداد صوفي بزرگن جون مزارون آهن جن دنيا ۾ امن،آشتي،انسان دوستي ۽ مالڪ سان محبت جو پيغام عام ڪيو.تاريخ ۾ ملتان جو پهريون نالو اڄ کان اٽڪل اٺ هزار سال پهرين “ ميسان“ يا “ مائسٿان ” ملي ٿو.منشي عبدالرحمان پنهنجي ڪتاب “آئينه ملتان ” ۾ ملتان لاء ميسان جو نالو استعمال ڪيو آهي.منشيء مطابق حضرت آدم عه ۽ بيبي حوا رضيه کي جڏهن جنت مان زمين تي موڪليو ويو ته آدم عه کي سرانديپ ۽ حضرت حوا کي جدي جڏهن ته ابليس يعني شيطان کي “ميسان” يعني ملتان جي سرزمين تي لاٿو ويو هو.ملتان جو هڪڙو ٻيو نالو “ سامبا پور” هندن جي هڪ ديوتا “ڪرشن” جي ديومالائي داستان سان جڙيل آهي جنهنجي ڪيترين ئي زالن مان هڪڙي “جمبا وتي” نالي هئي جنهن کي ڪيترين ئي رياضتن ۽ باسون باسڻ کانپوء پٽ ڄائو جنهنجو نالو “سامبا” رکيو ويو جنهنجي نالي سان هن شهر جو نالو سامباپور پيو.سامبا هن شهر ۾ هڪ عاليشان مندر جوڙايو جنهنجو ذڪر يوناني جرنيل “سڪائي ليڪس“ ۽ چيني سياح “هيو سانگ” سان گڏوگڏ هر ان شخص ڪيو آهي جيڪو ملتان مان گذريو آهي.مندر جي گنبذ تي سونو پاڻي چڙهيل هو ۽ ان ۾ هڪ بت رکيل هو جيڪو سڄو نج سون جو جڙيل هو ۽ سندس اکيون ڳاڙهي ياقوت جون ٺهيل هيون.مندر جي دروازن تي سون ۽ چانديء سان چٽساليء جو ڪم ٿيل هو.وقت هي دز ۾ گم ٿيل ان مندر جي نسبت سان هن شهر کي “ مول اسٿان” به چيو ويندو هو.ديوين ۽ ديوتائن جي اهڙين ئي ٻين ڪهاڻين جي لاڳاپي سان هن شهر کي “ڪشيب پور“ ۽ “هرنا ڪشب“ به چيو ويندو هو.ننڍي کنڊ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن وانگر ملتان وارن جو به اهو خيال آهي ته يوناني فاتح “سڪندراعظم”ملتان ۾ ئي سخت زخمي ۽ بيمار حالت ۾ گھوڙي تان ڪريو هوپر ياد رهي ته سڪندر “بابل ” جي رستي تي مري ويو هو. سن 664ع ۾ پهريون ڀيرو مسلمان فوج مهلب بن ابي صفرا جي اڳواڻيء ۾ ملتان پهتي ضرور هئي پر ملتان کي پوريء طرح فتح محمد بن قاسم 712ع ۾ ڪيو.هتان حاصل ٿيل غنيمت جو مال جڏهن اموي گورنر حجاج بن يوسف جي خزاني ۾ پهتو ته هن شهر جو نالوئي “ مدينت الذهب“ يعني سون جو شهر پئجي ويو.نوجوان جرنيل اتي موجود مندر جي ڪابه ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ بدران اتي هڪ مسجد جوڙائي ڇڏي.ڪجهه صديون بعد جڏهن محمود غزنوي اتان گذريو ته هن اهو مندر ڊهرائي ڇڏيو.پرٿوي راجا چوهاڻ کي جڏهن شڪست ٿي ته هندستان سان گڏوگڏ ملتان به مسلمان حڪمرانن جي اختيار هيٺ اچي ويو.خاندان غلامان جي حڪومت ۾ سرحدي شهر هئڻ جي ناتي ملتان تي خاص ڌيان ڏنو ويو.اهو هن شهر لاء سڀ کان وڌيڪ بارونق دور هوجنهن ۾ امير خسرو جهڙي شاعر هن شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي.نوان باغ ۽ نيون عمارتون تعمير ٿيون ۽ ملتاني طرز تعمير جا شاهڪار دنيا سامهون نروار ٿيا.سنڌ جي ڏاکڻي کان هندستان جي اترين شهرن تائين ويندڙ رستي تي ملتان،هڪ اهم شهر طور مشهور هو.انهيء سبب مغلن به هن شهر جي امن امان کي گھڻي اهميت ڏني.ترڪن جي اقتدار جو سج لهڻ لڳو ته خالصن جي درٻار پنهنجو اثر وڌائڻ شروع ڪيو.ايستائين جو نواب مظفر خان سدوزئي ۽ کڙڪ سنگهه وچ ۾ ملتان تي قبضي لاء لڙائي ٿي.39 سال حڪومت ڪندڙ نواب جي فوج نهايت بهادريء سان وڙهي پرقسمت هڪ اک واري رنجيت سنگهه جو ساٿ ڏنو جنهنجو جھنڊو ترت ئي ملتان جي قلعي تي ڦڙڪڻ لڳو.جنگ کان پوء اهائي ڦرلٽ جيڪا هر مفتوح شهر جو مقدر هوندي آهي،ملتان به ان جو شڪار ٿيو.سک فوجن خانقاهن،عبادت گھرن ۽ اميرن جي محلن جي سر سان سر وڄائي ڇڏي.اهڙيء طرح ملتان وڏي بيدرديء سان اجڙي رهيو هو شايد ٻيهر آباد ٿيڻ لاء.رنجيت سنگهه جي مرڻ شرط سک درٻار جي سج کي به گرهڻ لڳڻ شروع ٿي ويو.شير پنجاب جي شيردل فوج هڪ ئي وقت انگريزن،سک شهزادن ۽ راڻي جندان جي ٽڪنڊي طاقت سان ٽڪرائي.انهن حالتن جو فائدو کڻندي ٻين ڪيترن ئي مقامي سردارن جيان ديوان مولراج ملتان جي نظامت ويهن لکن جي ليز تي حاصل ڪري ورتي.پر انگريزن ديوان مولراج کي سوڙهو ڪري وٽانئس استعيفا وٺي سندس جڳهه سردار ڪاهن سنگهه کي ملتان جو پروانو ڏيئي ڇڏيو۽ سندس مدد لاء بنگال سول سروس ۽ برطانوي فوج مان هڪ هڪ آفيسر ملتان موڪليا.پر هنن جي ملتان پهچندي ئي مٿانئن ڪجهه نامعلوم هٿيارند ماڻهن حملو ڪري کين سخت زخمي ڪري وڌو جيڪي انهن زخمن جا سور نه سهندي مري ويا. هوڏانهن مولراج انگريزن کان پنهنجي بيعزتيء جو بدلو وٺڻ لاء وري فوج گڏ ڪرڻ شروع ڪئي جڏهن ته انگريزن مقابلي لاء ديرن جي پٺاڻ سردارن،هزارا جي سک حڪمرانن ۽ بهاولپور جي مسلمان نوابن سان ملي هڪ لشڪر جوڙيو.شجاع آباد کان ٿيندو اهو لشڪر سورج ڪنڊ پهتو،اها سيپٽمبر 1848ع جي ڳالهه آهي.پر باقائدي جنگ جي شروعات ڊسمبر ۾ٿي.مولراج جي رهائش گاه تي حملو ڪيو ويو ۽ انگريزن جو توپخانو باه جا گولا وسائيندو رهيو ۽ مولراج جو لشڪر کسڪندو ويو.ان دوران هڪڙو گولو اسلحخاني تي به ڪريو جنهن ۾ اٽڪل پمج هزار مڻ بارود پيل هو.ان ڌماڪي ۾ قلعي جي مسجد ۽ حضرت بهاءالدين زڪريا جي مزار کي گھڻو نقصان پهتو۽ ملتان جو گھٽيون لاشن سان لٽجي وييون.آخر هڪڙي خونخوار شام مولراج جا وزير کيس هٿيار ڦٽا ڪرڻ يا سندس سمورن ساٿين کي زهر کارائڻ مان ڪنهن هڪ شيء جي چونڊ ڪرڻ لاء زور ڀري رهيا هئا.ايندڙ صبح جو خوبصورت لباس پهريل مولراج پنهنجي هڪ عربي نسل گھوڙي تي سوار قلعي جي مکيه دروازي مان ٻاهر نڪتو ۽ جنرل واش سامهون پنهن جي تلوار ڦٽي ڪري ڇڏي.نيٺ 22 جنوري 1849ع تي ملتان انگريزن جي نالي لکي ڏنو.ملتان جي فتح بعد انگريزعدالت مولراج کي بغاوت ۽ قتل جي ڏوهن ۾ موت جي سزا ٻڌائي پر سزا تي عمل کان اڳ ئي ملتان جو هي آخري سک حڪمران آگسٽ 1850ع ۾ بنارس ۾ پنهنجي طبعي موت مري ويو.

    ملتان ۾ عبادت گھرن جي رسم تمام پراڻي آهي پر ان کان وڌيڪ پراڻي هڪ ٻي ڳالهه آهي جنهن جي باري ۾ تاريخدانن لکيو آهي ته“ هتي فروٽ تمام سستو،گھر ساگوان جا ٺهيل ۽ شهر آسودو آهي.هنن اهو به لڳيو آهي ته هن شهر ۾ ڏوه نه هئڻ برابر آهن.ماڻهن ۾ رحمدلي ۽ خدا خوفي آهي. فقيرن، محتاجن ۽ مسافرن کي کاڌو کارائڻ جو رواج عام آهي”.شايد اهوئي ملتان جو اصل رنگ آهي.“مدينت الاولياء “سڏائيندڙ هن شهر ۾ اڄ به ايتري قدر حلم ۽ بردباري آهي جو ڪنهن کان وقت پڇيو وڃي ته اهي وقت ٻڌائڻ سان گڏ ڪجهه وکون گڏجي به هلن ٿا. نديء جي ڪناري جتي نيرا اڇا ٿانو ٺهن ٿا اهي ملتان جي ثقافت جي نمائندگي ڪن ٿا.پر هن شهر جي سڀ کان وڏي سڃاڻپ تصوف سان آباد ڪيل روحاني باغ آهن.مسلمان صوفين کان اڳ هتي هندو ڀڳتن جو رواج هو پر صوفين پاران هتي اسلام جي شمع روشن ڪرڻ بعد اهي سڀ محبت جي ان رنگ ۾ رنگجي ان ئي سماج ۾ سمائجي ويا.شهر ۾ تصوف جو سلسلو ديوان چاولي شريف کان شروع ٿئي ٿو جنهن کي مسلمان ٿيڻ جي ڏوه ۾ سندس ڀائرن قتل ڪري ڇڏيو پر ملتان وارن سندس نالي سان هڪڙي وسندي آباد ڪري ساڻس محبت جو اظهار ڪيو.جنهن کان پوء شاهه يوسف گرديز جنهن حضرت ميران موج دريا جي صحبت مان فيض پرايو هو.ملتان کي اها سعادت به حاصل آهي ته حضرت خواجا معين الدين چشتيء جهڙا عظيم بزرگ هتي رهي چڪا آهن.انهن پويان خواجا قطب الدين بختيار ڪاڪي به ملتان آيو.جتي سندن ملاقات بابا فريد شڪر گنج سان ٿي جنهن سندس هٿ تي بيعت ڪئي.ملتان جي صوفي بزرگن ۾ هڪ وڏو نالو حضرت بهاءالدين زڪريا جو آهي جيڪو خراسان،بخارا ۽ مديني جهڙن شهرن مان فيضياب ٿي ملتان پهتو.هتي هن سهروردي سلسلي جو پهريون مدرسو کوليو جنهن جي لائبرري پنهنجي دور ۾ پوري هندستان ۾ مشهور هئي.شاه شمس سبزواري ۽ شاه رڪن عالم جهڙا جليل القدر بزرگ به ملتان جي حصي ۾ آيا آهن.ان کانسواءشيخ صدر الدين عارف، خواجا حسن افغان، سيد جلال الدين سرخ بخاري، شيخ رڪن ا لدين ابوالفتح، شيخ حسام الدين ملتاني، مخدوم جهانيان جهان گشت، سيد صدرالدين راجو قتال، حضرت شاہ دانا شهيد، حضرت شاہ علي محمد، شيخ حسين ڪاہ هر، پير دربار شاہ، حضرت موسيٰ پاڪ شهيد، حضرت حافظ محمد جمال ملتاني، خواجا خدا بخش، حضرت سليمان تونسوي، حضرت غلام حسن شهيد ۽ عبدالرشيد حقاني به ان رستي جا مسافر آهن.۔

    ملتان جي مذهبي رنگن ۾ هڪ رنگ عاشوري جو به آهي.محرم جو چنڊ ڏسندي ئي پورو شهر ڪاري چادر پهريو وٺي.روايتن مطابق تاتارين جي حملي جي نتيجي ۾ ايران جا اشراف هتي پهتا جيڪي پاڻ سان گڏ اهو رنگ کڻي آيا.پر هڪ سهڻي روايت هن شهر جي قديم برهمڻن جي آهي جيڪي مذهب جي فرقن کان بي نياز حضرت حسين رضه سان بيحد عقيدت ۽ محبت رکن ٿا جنهن ڪري انهن کي “حسيني برهمڻ” سڏيو وڃي ٿو.ملتان شهر جڏهن کان آباد ٿيو آهي تڏهن کان ڪنهن جي اچڻ جي انتظار ۾ آهي.ڀلي گذرندڙ ڏينهن سان گڏ ان جا درواز گھٽجي ٿورا رهجي وڃن يا وهمن وانگر صرف نشان ڇڏي وڃن.“ڀلي ڪري آيا” جو هڪ تاثر آهي جيڪو اڄ به سرائيڪي جي مٺڙي لهجي ۾صاف ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

    ويهين صديء تاريخ جو دروازو کڙڪايو ته ملتان جي تاريخ به نئون موڙ ورتو.اهو ملتان جنهن ۾ پوري دنيا کان انسان اچي آباد ٿيندا هئا اهو ئي ملتان سندس ئي شهرين تي سوڙهو ٿيڻ لڳو.فساد جو چريو راڪاس هتي پهتو ته ڪپهه جي ٻنين کان انب جي باغن تائين هتي ڪجهه نه بچيو.شهر ۾ مسلمان آبادي اڪثريت ۾ هئي جڏهن ته هندو ۽ سک ٿورائيء ۾ هئا سو هندستان جي ٻين حصن وانگر هتي به اڪثريت اقليت سان اهو ئي سلوڪ ڪيو جيڪو ورهاست دوران جتي ڪٿي ٿيو.مارچ 1947ع ۾ راولپنڊيء جي فسادن جو دونهن ملتان تائين به پهتو ۽ ڪيترن ئي هندن ۽ سکن جي گھرن کي باهيون ڏنيون وييون.برتريء جي گمان ۽ ڪلڪتي جي ڪهاڻين انهن کي ايترو ته انڌو ڪري ڇڏيو جو کين ٽي بي اسپتال ۾ پيل رت جون الٽيون ڪندڙ ڪمزور مريضن تي به ترس نه آيو.موت جي بستري تي پيل انهن مريضن کي موت جي سزا ٻڌائڻ وارن خدا جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ به پسند نه ڪيو. ملتان واري باهه ٻين ڳوٺن کان ٿيندي شجاع آباد ۽ مظفر ڳڙهه تائين پهچي ويئي .اهڙيء طرح ڪيترائي هندو ۽ سک ملتان کان هميشه لاء منهن موڙي هندستان هليا ويا.

    ملتان جي چئن شين مان قبرستان هائوسنگ اسڪيمن جي قبضي ۾ اچي ويا،تصوف جي گادين تي پينو فقير قبضو ڪري ويا،گرمي ان ڪري محسوس نٿي ٿئي جو گرمين ۾ شهر ايسين حوالي ٿيو وڃي،باقي رهي دز ته ان ۾ وقت ۽ حالتن جي گھڻي دز ملي چڪي آهي.نئون شهر پراڻي شهر کان گھڻو مختلف آهي جنهنجو ثبوت ريل جي پٽڙيء جي هن پاسي رهجي ويل ڪجھه ٽتل ڦٽل گھر آهن جن ۾ چند هندو رهجي ويا آهن.ايترا سال گذرڻ باوجود انهن لاء زندگي گذارڻ ته ڏکي آهي ئي پر مرڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي.جنهن شهر مان ڪڏهن هوليء جي رسم شروع ٿي هئي اڄ ان شهر ۾ مرڻ وارن جي آخري رسمن لاء ڪو شمشان گھاٽ به ميسر ناهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو