ڪجھ عڪس سنڌڙيءَ جا ساقي ارشاد لورڙ جي شاعريءَ ۾

saqi irshad Lorer

سينيئر رڪن
غزل


ڏسو سنڌ جي ناري ڪيڏي آ ستايل ،

ڏکن جي ويچاري ڪيڏي آ ستايل ،


خزان اڄ گلن کي وئي آ اجاڙي ،

چمن جي چؤياري ڪيڏي آ ستايل ،


گلابي چمن کان وئي مرڪ کسجي ،

حسين حسن واري ڪيڏي آ ستايل ،


ظلم جي ڪفن سان سجايل هي ناري،

همٿ ڪون هاري ڪيڏي آ ستايل ،


ڪري پيارجيڪا سا بڻجي ٿي ڪاري،

ڏسو ظلم زاري ڪيڏي آ ستايل ،


اچي ڪوئي”ساقي“اسانکي به پرکي،

رُني به سهاري ڪيڏي آ ستايل ،


_______پنج ڪڙو_______


دل چوي ٿي يار ڏي موٽي هلئون ،

نفرتون ۽ محبتون جاٿي ختم ،

زندگيءَ جون حسرتون جاٿي ختم،

هل پرين جي پار ڏي موٽي هلئون،

دل چوي ٿي يار ڏي موٽي هلئون،


______بيتُ______


اچُ ڀيٽي ڪيون ڀيٽَ ،

درد سندا ھي ٻيٽَ ،

پَتوڙي پٽُ ڪئيون ،


غزل


توکي ساريم ، ڪينجهر ڪپ تي ،

ڳوڙها هاريم ، ڪينجهر ڪپ تي ،


خواب اڌورا ٻڏندڙ ويرا ،

اک سان تاريم ، ڪينجهر ڪپ تي،


پيار مان ڪنهن سان نيڻ ملائي ،

جامَ پياريم ، ڪينجهر ڪپ تي ،


ڪجھ محبت جا موضون ڇيڙي ،

گهڙيون گهاريم، ڪينجهر ڪپ تي ،


هڪ نازيليءَ جي نازن تي ،

جيون واريم ، ڪينجهر ڪپ تي ،


اونڌاهي جيون ۾ ”ساقي“ ،

ڏيئا ٻاريم ، ڪينجهر ڪپ تي ،

saqi.irshad@gmail.com

www.saqiirshadlorar.blogspot.com
 
Back
Top