غزل ڏسو سنڌ جي ناري ڪيڏي آ ستايل ، ڏکن جي ويچاري ڪيڏي آ ستايل ، خزان اڄ گلن کي وئي آ اجاڙي ، چمن جي چؤياري ڪيڏي آ ستايل ، گلابي چمن کان وئي مرڪ کسجي ، حسين حسن واري ڪيڏي آ ستايل ، ظلم جي ڪفن سان سجايل هي ناري، همٿ ڪون هاري ڪيڏي آ ستايل ، ڪري پيارجيڪا سا بڻجي ٿي ڪاري، ڏسو ظلم زاري ڪيڏي آ ستايل ، اچي ڪوئي”ساقي“اسانکي به پرکي، رُني به سهاري ڪيڏي آ ستايل ، _______پنج ڪڙو_______ دل چوي ٿي يار ڏي موٽي هلئون ، نفرتون ۽ محبتون جاٿي ختم ، زندگيءَ جون حسرتون جاٿي ختم، هل پرين جي پار ڏي موٽي هلئون، دل چوي ٿي يار ڏي موٽي هلئون، ______بيتُ______ اچُ ڀيٽي ڪيون ڀيٽَ ، درد سندا ھي ٻيٽَ ، پَتوڙي پٽُ ڪئيون ، غزل توکي ساريم ، ڪينجهر ڪپ تي ، ڳوڙها هاريم ، ڪينجهر ڪپ تي ، خواب اڌورا ٻڏندڙ ويرا ، اک سان تاريم ، ڪينجهر ڪپ تي، پيار مان ڪنهن سان نيڻ ملائي ، جامَ پياريم ، ڪينجهر ڪپ تي ، ڪجھ محبت جا موضون ڇيڙي ، گهڙيون گهاريم، ڪينجهر ڪپ تي ، هڪ نازيليءَ جي نازن تي ، جيون واريم ، ڪينجهر ڪپ تي ، اونڌاهي جيون ۾ ”ساقي“ ، ڏيئا ٻاريم ، ڪينجهر ڪپ تي ، saqi.irshad@gmail.com www.saqiirshadlorar.blogspot.com