• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي طرفان...10 ـ محمد خان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* 1972 ۾ سنڌ اسيمبليءَ بل بحال ڪري سنڌيءَ کي ”صوبائي سرڪار جي ٻولي“ (اڪيلي) قرار ڏنو هو پر پوءِ جي حڪومتن ان تي عمل ڪونه ڪيو: ممتاز ڀٽو، اڳواڻ پاڪستان تحريڪ انصاف ـ

* ايندڙ عام اليڪشن: ايم ڪيو ايم جي سنڌ جي وڏي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسپيڪر کي بڻائڻ لاءِ ڏسڻا وائسڻا سنڌي سياستدان سرگرم ۽ اهڙي حڪمت عملي تيار ڪري ورتائون: روزاني عوامي آواز، ڪراچيءَ جي ليڊ اسٽوري ـ

* ڇا ايم ڪيو ايم جو سنڌ جو وڏو وزير، سنڌ جو سچو خيرخواهه هوندو؟ جواب آهي: هرگز نه ـ اها سنڌ سان وڏي دشمني هوندي (منهنجو تبصرو) ـ

* عمران خان تي ”ڪراچي ۽ سنڌ“ جو ڀوت سوار. چي: طاقت ۽ دولت ذريعي اقتدار ۾ ايندڙ ”ڪراچي يا سنڌ“ جي قسمت نٿا بدلائي سگھن ـ

* پاڪستان سک ڪائونسل جي سربراهه گھر ڪئي ته سنڌ ۾ سکن لاءِ شادين جو نئون قانون ٺاهيو وڃي. رڳو پنجاب ۾ اهڙو الڳ قانون موجود آهي پر ڀارت ۾ به ناهي ـ

* وفاقي سرڪار جي، سنڌ ـ دشمن اداري واپڊا جي نجڪاري جو جڏھن به اعلان ٿيندو آهي ته واپڊا جا سنڌي ملازم ان کي بچائڻ لاء زبردست احتجاج ڪندا آهن ۽ اهو ڪونه ڏسندا آهن ته ان اداري جي برقرار رهڻ سان سنڌ کي ڪيترن ورهين تائين ڪيڏو نه وڏو نقصان پهتو آهي (منهنجو تبصرو) ـ

*ڀارت جي قومي تراني مان ”سنڌ“ لفظ هٽائي ”نارٿ ايسٽ انڊيا“ شامل ڪرڻ لاءِ ڪانگريس جي ايم پي جو خط ـ
 
Back
Top