ملڪ اسد سڪندر خان جي سياسي سفر تي نظر ،،،، جميل خانزاده لوهاراڻي /ٿاڻوبولاخان

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جميل لوھاراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مارچ 2018۔

  1. جميل لوھاراڻي

    جميل لوھاراڻي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2018
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر خان جي سياسي ڪيريئر تي نظر گهمائجي ته پاڻ سياست ۾ هميشه سوڀارا رهيا آهن هر دفعي ڪاميابي سندس ئي حصي ۾ آهي ۽ مخالفن کي هميشه شڪست جو ئي منهن ڏسڻو پيو ، ضلعي ڄامشوري جي تاريخ تي نظر ڪجي ته سائين جي ايم سيد ، پير علي محمد شاه راشدي ، شفيق مهيسر ، حاجي صديق شورو ، ڊاڪٽر سڪندر شورو ، سيد جلال محمود شاه ، سيد زمان شاه ، غلام نبي پرين شورو ، ڪامريڊ سليمان ڀلائي ، نواب عبدالغني ٽالپر ، پير مجيب شاه ، حميد جتوئي ، لياقت جتوئي ، نبن خان لنڊ ، پير مظهرالحق ، منور ٻٽ ، امير بخش جوڻيجو ، حاجي ظفر خان لغاري ، ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻهو وفاقي توڙي پارليامينٽ ۾ وڃڻ لاء چونڊون وڙهي کٽيندا ۽ هارائيندا رهيا آهن، پر ملڪ اسد سڪندر خان واحد ليڊر آهي جنهن جي سياست ۾ پير پائڻ سان هن وقت تائين ناقابل شڪست رهيا آهن هن وقت ڄامشوري ضلعي جي سڀ کان سگهاري طاقت جو نالو به ملڪ اسد آهي ، ملڪ اسد سڪندر خان جي ڪاميابين جو راز ڪنهن سگهاري پارٽي يا ڪنهن طاقتور ڌرُ جو هٿ نه بلڪہ ضلعي ڄامشوري جي عوام سان سندس جي ڪيل حسن سلوڪ ۽ بهترين اخلاق جي موٽ آهي ، ۽ پاڻ اهو واضح لفظن ۾ چوندا آهن ته مان قلندر جو فقير آهيان ۽ منهنجي ڪاميابين جو راز صرف اوهان ماڻهن جي مونسان خلوص سچي محبت آهي ، ملڪ اسد سڪندر خان هڪ بهترين ۽اعليٰ پايي جي سياستدان هجڻ سان گڏوگڏ لڳ ڀڳ 98 قومن جا سردار پڻ آهن جيڪي قومون نه رڳو ضلعي ڄامشوري پر سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ موجود آهن جيڪي سندس هڪ اشاري تي پنهنجون جانيون به سندس تان قربان ڪرڻ لاء هروقت تيار هونديون آهن ، ان کان علاوه ڪيتريون ئي غير قومون به کيس سردار تسليم ڪنديون آهن ۽ پنهنجي مسئلان جي حل لاء کيس ئي صادق امين مڃينديون آهن ، ملڪ اسد سڪندر امن جو رکوالو ۽ مذهبي رواداري جو قائل آهي جنهن جو اعليٰ مثال ڪوهستان مان صاف صاف ملي ٿو دنيا ۾ جتي انسانن هٿان انسان جانورن جيان قتل ٿي رهيا اُتي سندس نگري ۾ انسان ڇا پر جانورن تي به وار ڪرڻ هڪ وڏو ڏوه سمجهو ويندو آهي ، پاڻ مذهبي انتها پسندي افراتفري ۽ نفرت ڦهلائيندڙ ڳالهين کان سخت نفرت ڪيائون ، پوري دنيا ۾ جتي مذهبي انتها پسندي چوٽ تي چڙهيل آهي جتي هندستان ۾ هندو انتهاپسندن هٿان مسلمان قتل ٿيندي ٻڌو ٿا ته اُتي گهڻو ڪري پوري پاڪستان ۽ سنڌ مان به اهي خبرون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ته اڄ گهوٽڪي ۾ هندن جي مندر کي نامعلوم ماڻهن باه ڏني يا ڪنهن هندو نياڻي کي وحشي درندن زيادتي جو نشانو بنايو پر ڪوهستان خاص ڪري اهڙن ناپاڪ واقعين کان پاڪ رهيو آهي جتي هندو مسلم هميشه پاڻ ۾ پيار محبت ۽ ايڪي ٻڌي سان رهندا اچن ٿا نه رڳو هندو درم پر ڪوهستان ۾ موجود اقليت ۾ ايندڙ ڪيتريون ئي برادريون پنهنجي مذهبي طور طريقن تي پنهنجي آزاد زندگي گذارين ٿيون ، اُهي سردار جي صاحبيءَ ۾ پاڻ کي محفوظ تصور ڪن ٿا، نه ته باقي سنڌ مان ڪيترائي هندو ڀائر مختلف آزارن سبب پرڏيهه پلاڻي ويا آهن. مطلب ته هيءُ ماڻهو پنهنجي ماڻهن جو ڀرجهلو آهي، هُن کي پنهنجي علائقي سان بيپناهه محبت آهي، ملڪ اسد سڪندر خان پنهنجي سياسي سفر جو آغاز پنهنجي والد مرحوم محترم ملڪ سڪندر خان جي وفات کانپوء سن 1985ع ۾ 19 سالن جي عمر ۾ ڪيو ، پاڻ پهريون ڀيرو پي ايس 52 تان پير زمان شاه جيلاني جي سامهون اليڪشن لڙيا ، ۽ پنهنجي ڪيرئير جي پهرين ئي ميچ ۾ مخالف کي شڪست ڏئي ڪاميابي کي ڀلڪار چيائين ، ملڪ اسد سڪندر وري ٻيهر 22سالن جي عمر ۾ آڪٽوبر 1988ع اين اي 177 تان چونڊ وڙهيو جنهن ۾ پڻ هاڻوڪي ڄامشوري ۽ اڳوڻي دادو ضلعي جي عوام کيس وري ٻيهر ڀرپور موٽ ڏيندي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو ، ملڪ اسد سڪندر خان جي سياست ۾ پير رکڻ سان ئي ڪاميابي سندس رڳن ۾ سمائجي وئي ، ۽ پاڻ ڪاميابي جي جهنڊي کي ايڏو ته مضبوطي سان پڪڙيو جو هن وقت تائين ڪنهن به مخالف کي پنهنجي مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو ، مسلسل ڪاميابيون پنهنجي نالي ڪندي رهيو ملڪ اسد سڪندر نومبر 1990ع ۾ اين اي 177 تان 24 سالن جي عمر ۾ ٽيون دفعو ملڪ جي قداور ۽ نالي واري قانوندان عبدالحفيظ پيرزادي کي شڪست ڏئي نه رڳو دنيا کي حيران ڪيو پر ان شڪست تي خود پيرزادو پاڻ به حيران ۽ پريشان ٿيو ، 1990ع ۾ ملڪ اسد سڪندر خان کي شڪست ڏيڻ لاء ننهن کان چوٽي جو زور لڳايو ويو مهراڻ بينڪ جي چئيرمين يونس حبيب ان وقت جا 25ڪروڙو ملڪ اسد کي شڪست ڏيڻ لاء جاري ڪيا ، جنهن جو اعتراف يونس حبيب پڻ پاڻ نجي ٽي وي جي دوران پروگرام ڪيو هو ان هوندي به قسمت جي ديوي ملڪ اسد تي مهربان رهي ، جئين ڪرڪيٽ راند ۾ مسلسل ٽن بالن تي بالر وڪيٽون وٺي هيٽرڪ ڪندو آهي ائين ئي ملڪ اسد سڪندر خان پنهنجي سياسي سفر ۾ مسلسل لاڳيتو ٽي دفعا پنهنجي سياسي مخالفن کي شڪست ڏئي پنهنجي ڪيرئير جي پهرين هيٽرڪ مڪمل ڪئي ، پاڻ وري ڇوٿون ڀيرو نومبر 1993ع ۾ 27 سالن جي عمر ۾ اين اي 177 تان چونڊ وڙهيا ۽ مسلسل ڇوٿين ڀيري به ڪاميابي پنهنجي نالي ڪيائين ، جنوري 1997ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر جيلاني خاندان جي پير زمان شاه جيلاني سان مدمقابل ٿيو هي پير زمان شاه جيلاني اهو ساڳيون ئي پير زمان شاه جيلاني هيو جنهن کي ملڪ اسد سڪندر خان 85ع واري پنهنجي پهرين اليڪشن ۾ شڪست ڏني هئي پير زمان شاه هڪ ڀيرو ٻيهر 12 سالن کانپوء پنهنجو پلاند وٺڻ لاء سندرو ٻڌي ميدان ۾ لٿو پر قسمت جي ديوي وري به ملڪ اسد سڪندر تي مهربان رهي ، ملڪ اسد سڪندر خان جا پي پي سان اختلاف هجڻ ڪري آزاد ميمبر جي حيثيت سان هيو جڏهن ته پير زمان شاه جيلاني پي پي جي ٽڪيٽ تان ملڪ اسد سان مدمقابل هيو ،ملڪ اسد سڪندر خان هڪ ئي وقت قومي جي اين اي 177 ۽ صوبائي جي پي ايس 52 جي سيٽن تان ڪامياب ٿيو ،بعد ۾ قومي جي اين اي 177 پنهنجي ساٿي پير بخش خاصخيلي جي حوالي ڪيائين ، ۽ اين اي 177 جي ٻيهر ضمني چونڊون ٿيو جنهن ۾ پڻ ملڪ اسد سڪندر جي سپورٽ سان پير بخش خاصخيلي ڪامياب ٿيو جڏهن ته پير زمان شاه جيلاني کي شڪست ملي، مئي2001ع ۾ مڪاني ادارن وارين چونڊن ۾ پاڻ هڪ آزاد اميدوار جي حيثيت سان پي پي جي شفيق مهيسر کي شڪست ڏئي 35 سالن جي عمر ۾ ضلعي ناظم دادو بنيو ان وقت ڄامشورو دادو ضلعي ۾ شامل هو ، نومبر 2002ع جي چونڊن ۾ گريجوئيشن شرط هجڻ ۽ ضلعي ناظم هجڻ ڪري پاڻ اليڪشن وڙهي نه سگهيو پر قومي جي اين اي 231 تي نواب عبدالغني ٽالپر کي جڏهن ته صوبائي جي پي ايس 72 تي آصف کي شاه سپورٽ ڪري ڪامياب ڪرايو ، 14 ڊسمبر 2004ع ۾ دادو کي ٽوڙي ڄامشورو ضلعو بنايو ويو ، ملڪ اسد سڪندر 2005ع ۾ ضلعي ناظم ڄامشورو بنيو ، ملڪ اسد سڪندر ضلعي ناظم ٿيڻ بعد نئين ٺهندڙ ضلعي ڄامشوري جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، فيبروري 2008ع جي چونڊن ۾ پاڻ ضلعي ناظم ڄامشورو هجڻ ڪري اليڪشن لڙهي نه سگهيا جڏهن ته سندس جي سپورٽ سان قومي جي تڪ اين اي 231 تي نواب عبدالغني ٽالپر کي ۽ صوبائي جي پي ايس 72 تي ڊاڪٽر ديارام ايسراڻي کي ڪامياب ڪرايو ، مئي 2013ع جي چونڊن ۾ ضلعي جي قومي تڪ اين اي 231 تي پ پ پاران ملڪ اسد سڪندر، ايس يو پي پاران سيد جلال محمود شاھ، ايم ڪيو ايم پاران پير زمان شاھ جيلاني ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران سليمان ڀلائي ۾ مقابلو ٿيو، صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 71 ڪوٽڙي تي پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شورو، ايس يو پي جي سيد جلال محمود شاھ ۾ مقابلو رهيو، ڄامشورو ضلعي جي صوبائي سيٽ پي ايس 72 ٿاڻو بولا خان تي پ پ جي فقير داد کوسو ۽ ن ليگ پاران ملڪ چنگيز خان مقابلو ٿيو، ڄامشورو ضلعي جي سيوهڻ واري صوبائي تڪ پي ايس 73 تي پ پ اميدوار حسنين شاھ، ن ليگ اميدوار رئيس حبيب الله رند ۽ فنڪشنل ليگ اميدوار سردار چاڪر خان شاهاڻي ۾ مقابلو ٿيو، جڏهن ته قومي جي اين اي 231 تان ملڪ اسد سڪندر خان ڪامياب ٿيو ، صوبائي جي پي ايس 72 تان فقير داد جڏهن ته پي ايس 71 تان ڊاڪٽر سڪندر شورو ڪامياب ٿيو پي ايس 73 تان حسنين شاه ڪامياب ٿيو ملڪ اسد سڪندر خان پاڪستان جو اهو واحد ليڊر آهي جنهن جي سياست ۾ قدم رکڻ سان هن وقت تائين سوڀارو رهيو جيڪا پڻ هڪ تاريخ آهي ، نومبر 2014ع جي لوڪل باڊي چونڊن ۾ ملڪ اسد سڪندر جي ڪوششن سان پي پي ضلعي ڄامشوري مان ڪلين سوئپ ڪيو ۽ پنهنجي ڀاءُ ملڪ شاهنواز خان کي بنا مقابلي ڊسٽرڪٽ چيئرمين چونڊرايو جڏهن ته ميونسپل ڪميٽي ٻولاڙي ۽ ڪوٽڙي ٽائون ڪميٽي ڄامشورو ۽ ٿاڻوبولاخان ۽ ٽائون ڪميٽي مانجهند ۾ پنهنجا حمايتي چيئرمين ۽ وائس چيئرمين چونڊرايا ، ماضي جيان هلندڙ دور ۾ به ڪجه وقت پهرين پارٽي قيادت سان ملڪ اسد سڪندر جا اختلاف سامهون آيا جيڪي گهڻي شدت اختيار ڪرڻ کان پوء حل به ٿيا، پر ان باوجود پي پي جي هڪ گروپ پاران ضلعي ڄامشوري مان ملڪ اسد سڪندر خان جي متبادل ڳولڻ ۽ ملڪ اسد سڪندر خان کي ايندڙ چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ لاء جتي نوان چهرا سامهون آئڻ ۾ مصروف آهي ته اُتي وري پُراڻن چهرن کي پڻ منظر تي آڻي رهي آهي ، پي پي هڪڙي پاسي ڪوهستان جي جهوني سياستدان پير آفتاب شاه کي ملڪ اسد سڪندر خان سان مقابلي لاء سامهون آندو ته وري پاسي ملڪ اسد جي پراڻي ساٿي صالح محمد برهماڻي جڏهن ته ملڪ چنگيز خان پهرئين ملڪ اسد جي مخالفن واري فهرست ۾ شامل هيو ، ملڪ اسد سڪندر خان جي متبادل آندل پي پي پاران پير آفتاب شاهه جيلاني عوام کان 40 سال پري رهڻ ڪري عوام جي دلين مان ايترو ته نڪري چڪو آهي جو ساڳي جاءِ تي اچڻ ۾ کيس مشڪلاتون پيدا ٿيندس ۽ وري ملڪ چنگيز خان به ايترو سياست ۾ مقبول ناهي نه وري ڪڏهن کيس موقعو مليو آهي. ان به عوام وٽ ڪو اچڻ وڃڻ جو رابطو نه رکيو آهي ،ڊاڪٽر سڪندر شورو پڻ ملڪ اسد سڪندر جي سپورٽ سان ئي ڪامياب ٿيندو آهي ، پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڊاڪٽر سڪندر شورو ڀلي پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪنگ سان مقابلي جو شوق ڪندو هجي پر ڪنگ کي هارائڻ هن جي وس جي ڳالهه نه هوندي اُن کان اڳ به ڪوهستاني ڪنگ خلاف ڪيترائي اتحاد ٺهيا ۽ بينظير ڀٽو جي ڪنهن وقت ۾ پ پ به هن کي ٽڪيٽ نه ڏني پر تنهن هوندي به ڪوهستاني ڪنگ آزاد بيهي پنهنجون سيٽون وڏي اڪثريت سان کٽيون هيون. ملڪ اسد جنهن کي ڪوهستاني ڪنگ سڏيو وڃي ٿو، ان مختلف سياسي پارٽين ۾ رهي ڪري سياست جا رنگ روپ ڏٺا آهن. جيڪڏهن هن ڀيري پ پ هن کي نظرانداز ڪيو ته پوءِ ڄامشوري مان پ پ کي شڪست ڏسڻي پئجي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڄامشوري ضلعي جو عوام ملڪ اسد سڪند کي چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن هو پ پ سان واڳيل آهي ته ان جو پارٽي کي وڏو فائدو پهچندو،
     
    خدابخش جويو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو