تعارف ساقي ارشاد لورڙ ۽ سندس ڪجھ شاعري

'تعارف' فورم ۾ saqi irshad Lorer طرفان آندل موضوعَ ‏25 مارچ 2018۔

  1. saqi irshad Lorer

    saqi irshad Lorer
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 مارچ 2017
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    148
    ڌنڌو:
    سماجي ورڪر
    ماڳ:
    قنبر علي خان
    فرس بڪ تي هلندڙ سلسلو هڪ شاعر پياتي حبدار علي سلسلي ۾ منهنجو هليل تعارف اوهانجي نظر .

    سلسلو هڪ شاعر هڪ تعارف
    ۔۔۔۔۔۔۔۔ (83)۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اڄ جو شاعر ۔۔۔۔۔۔۔ ساقي ارشاد لورڙ
    (شاعر ۽ ڪهاڻيڪار )
    سلام دوستو !!
    اڄ توهان جي اڳيان هڪ نوجوان شاعر جو تعارف پيش ڪري رهيو آهيان ۔۔
    جڳ مشهور حڪيم حضرت لقمان حڪيم جن هڪ دفعي فرمايو ته :
    مون سڄي زندگي مختلف دوائن سان ماڻهن جو علاج ڪيو آهي طويل تجربي کان پوء اهو سکيو آهيان ته انسان لاء سڀ کان بهترين دوا
    پيار ۽ عزت آهي
    محفل مان ڪنهن سوال پڇيو ته :
    اگر هي دوا اثر نه ڪري ته پو ڇا ڪجي ؟؟
    مسڪرائيندي جواب ڏنائون ته پوء دوا جو وزن وڌائي ڏجي ،!!!
    اهڙي طرح
    حضرت شاهه عبدאللطيف ڀٽائي رح جي شاعري اسان لاء هڪ نمونو ۽ سهڻو مثال آهي ۔ سندس سڄو رسالو ميٺ محبت ۽ هڪ ٻئي سان پيار جو درس ڏيئي ٿو ۔۔ ۽ ايڪي اتحاد سسان رهڻ جي هدايت ڪري ٿو ۔۔۔
    شاهه سائين ان لاء انسان توڙي حيوان جا مثال ڏنا آهن ۽ سندن جبلت ۽ عادتن جو خوبصورت تجزيو ڪيو آهي ۔ ۔۔۔
    شاهه صاحب ڪوري جو ذڪر ڪري گڏيل زندگي گذارڻ جو گس ٻڌايو آهي ته ٻئي طرف هن ڌنڌي کي امر بڻايو آهي
    فرمائن ٿا ته :
    هلو هلو ڪورئين نازڪ جن جو نينهن
    ڳنڍين سارو ڏينهن ڇنڻ مور نه سکيا
    ٻئي طرف پکين جو مثال هن طرح ڏنو اٿن
    وڳر ڪيو وتن پريت نه ڇنن پاڻ ۾
    پسو پکيئڙن ماڻهوان ميٺ گهڻي
    ساڳي ڳالهه نباتات يعني وڻن ٻوٽن جي بيان ٿيل آهي ته
    وڻ ٿا ميوو ڪن پاڻ نه کائن پنهنجو
    شاعر بنيادي طرح حساس ۽ ميٺ محبت جو پرچارڪ هوندو آهي ۽ هو معاشري جي امن آشتي ۽ سماجي برابري جو درس ڏيندو آهي ۔
    سندس نظر ۾ معاشري جا سڀ طبقا هڪ جهڙا هوندا آهن اگر ڪنهن سان به ظلم زيادتي ٿئي ٿي ته هو مظلوم جو ڀرجهلو هوندو آهي ۔۔
    اڄ جو شاعر
    ساقي ارشاد لورڙ جنهن جو تعلق سنڌ جي سڳنڌ سرزمين قمبر امبر سان آهي ۔ سندس نصيب ڀلا جو سائين قمرالدين قمر جهڙا استاد مليا ۔۔ سائين علي ضمير سنڌي ڀائو درمحمد ٻرڙو سائين علي آڪاش سائين سعيد سومرو ۽ راشد بروهي جهڙا محسن مليا جن کين شاعري جو دڳ ڏيکاريو ۔۔
    مان اڳ ۾ قمبر جي دوستن جي تعارف ۾ قمبر جي ادبي ماحول تي ڪافي ڪجهه بيان ڪري چڪو آهيان پر سچ ته قمبر جي جهونن شاعرن جي چٽيل ٻج مان ڦٽل سلا به اڄ جوان ٿي ويا آهن ۽ ڪنهن ٿڪل مسافر کي ڇانو ڏيڻ جي قابل آهن ۔۔
    قمبر ۾ شاعرن جي وڏي کيپ آهي جنهن ۾ نوجوان توڙي سينيئر شاعر به آهن ۽ اڄ به ادبي محفل کي مچايون ويٺا آهن طوالت کان بچندي ذڪر نه ٿو ڪريان ۔
    ساقي ارشاد لورڙ به فني ۽ فڪري نقطي کان پختو شاعر آهي ۔
    شاعري سان گڎ هو بهترين ڪهاڻيڪار به آهي ۔۔۔۔
    سندس ڪلام ۾ اهي سموريون خوبيون موجود آهن جيڪي سٺي شاعر ۾ هجڻ کپن ۔ ساقي ارشاد جو مواد به جهجهو آهي مگر وسائل جي ڪمي سبب ڪتابي شڪل ۾ آڻي نه سگهيو آهي ۔
    اچو ته سندس پروفائيل ۽ شاعري تي نظر ڪريون ۔۔
    حبدار علي
    تعارف ۔۔۔۔
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اصل نالو : ۔۔۔ ارشاد علي لورڙ
    ادبي نالو ۔۔ ساقي ارشاد لورڙ
    والد جو نالو :۔۔۔ محمد عرس لورڙ
    جنم : ۔۔ ۔۔02/02/1993
    ڪرت : سوشل موبيلائيزر شيڊو آرگنائيزيشن (سوشل هيلٿ اينڊ ايجوڪيشن ڊويلپمينٽ آرگنائيزيشن ،
    ذات : ۔۔۔۔۔۔ ۔۔۔لورڙ
    رهائش :ڳوٺ سومر لورڙ تعلقه قنبر ضلع قنبر
    تعليم :۔۔۔۔ ن گريجوئيشن
    لکڻ جي شروعات : ۔ ۔۔۔۔ 2007 ع کان
    شاعري ۾ استاد ۔۔۔۔ استاد قمر الدين قمر
    ڪهڙن رسالن ۽ اخبارن ميگزين ۾ مواد ڇپيو : تعميرِ سنڌ اخبار ، وائيس آف سنڌ ميگزين ، هزار داستان ، عبرت ميگزين ، نئين آس ميگزين ، ڪاوش ، خبرون ، ۽ سفيرِ سنڌ ميگزين ، ۽ ٻيا
    ڪهڙيون صنفون لکيل : غزل ، نظم ، وائي ، بيت نثري ٽڪڙا ۽ ڪهاڻيون
    ڇپيل ڪتاب : ڪو به نه
    اڻ ڇپيل ۔۔ 04 ڪتابن جيترو
    (مگر وسائل جي ڪمي جي ڪري ڪو به ڪتاب ڇپرائي نه سگهيو آهي )
    نوٽ۔۔۔۔
    شاعري جا ٻه ڪتاب اڻڇپيل ، ۽ ڪهاڻين جا پڻ ٻه ڪتاب مسودي جي شڪل ۾ موجود اٿس
    رابطي لاء
    ✔ Phone : +923002586897
    ✔ Email: saqi.irshad@gmail.com
    ✔ web www.saqiirshadlorar.blogspot.com
    شاعري جا اسم
    ساقي ارشاد لورڙ
    غزل
    پرين ياد منهنجي صبح شام ويٺي ،
    رُوئاريندي توکي ، جڏھن مان نه هوندس،
    حسين رُتِ ھميشه ڏسي توکي تنها ،
    ڏکائيندي توکي جڏهن مان نه هوندس ،
    سوين سور َ هوندا گڏِي برحَ جَنِ سان ،
    گڏائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،
    ڏنل منهنجي هر هڪ نشاني او جاني ،
    ستائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،
    وري پئي گهڙي با گهڙي گڏ گذاريل ،
    رنجائيندي توکي، جڏهن مان نه هوندس،
    خوشين ڪاڻ سڪندينءَ ۽غم جي غفا پئي،
    ايذائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،
    او ”ساقي“ هي دنيا چريو پوءِ چوندي،
    چوائيندي توکي ، جڏهن مان نه هوندس ،
    ساقي ارشاد لورڙ
    غزل
    ساٿُ سپنا سفر انا جي ور ،
    پيار محبت امر انا جي ور ،
    لوڀ لالچ ۾ ڪو ويو وخري ،
    هن جو فن ۽ فڪر انا جي ور،
    سنڌ سهڻيء َلئه ڪٿا سرجا ،
    پر اکر با اکر انا جي ور ،
    پِير زنجير ۾ ويا ورجي ،
    خواهشون ٿيون زهر انا جي ور ،
    ڀيل ٿي ويو چمن اکين آڏو،
    سونهن ، گلڙا ، صبر انا جي ور،
    بادشاهي بچي ڪٿي هاڻي ،
    سلطنت ٿي کنڊر انا جي ور ،
    دل جي دنيا ڏٺم فنا ”ساقي“ .
    هر چمن جهنگ جهر انا جي ور ،
    ساقي ارشاد لورڙ
    غزل
    ٿي پت ۽ نيتِ زخمي ،
    ڄڻ ٿي پريتِ زخمي ،
    زخمي امن بمن ڪيو ،
    مندر مسيتِ زخمي ،
    دل عشق جون نمازون،
    ٿي هاڻي نيتِ زخمي،
    جذبا ۽ خواب منهنجا ،
    ڪيا رسمو ريتِ زخمي ،
    چاهت ۾ چور ٿيندي،
    ڳڻتين کي ڳيت ِ زخمي،
    ”ساقي“ سمجهي وڇوڙا،
    هيءَ راند جيتِ زخمي ،
    ساقي ارشاد لورڙ

    غزل
    ڪيئن گذري ٿي به فڪر زندگي ،
    پير شالا ڪنڊا سفر زندگي ،
    رات ڪاريء َ۾ خوف جا پاڇا ،
    چنڊ جي مٿان ڄڻ ڪڪرزندگي،
    ڪان آھي خبر ڇا آهي زندگي ،
    حرف گڏ پنج يا اکر زندگي ،
    عرشَ ۽ فرشَ سڀ عطا ربَّ جي ،
    ڪيئن ٻين جو ڪياشڪر زندگي،
    مان ته خالي کوکو ، نڪي آهي ،
    بندگي ۽ تنڪو ثمر زندگي ،
    تون ئي ”ساقي“ جي آن زندگي،
    تو بنا ٿي لڳي کنڊر زندگي،
    ساقي ارشاد لورڙ
    نثري ٽڪرو،
    تون منهنجي نيڻن ۾ نهار توکي منهنجي زندگي اروڙ جي کنڊرن جهڙي نظر ايندي . . . .!!
    ساقي ارشاد لورڙ

    غزل
    ساھَ سيباڻا ، محبت ماڻا ،
    منهنجي روحَ ۽ دل جا راڻا ،
    ساٿ ڏنو ٿي ساٿ کپي ٿو،
    زندگي بهر، ٻي ڳالھ نه ڄاڻا،
    مولئه تو ئي دعا تو ئي دوا،
    گڏجي جيئون يار نماڻا،
    توبن”ساقي“خواب نه آهي،
    توکي ڏسندي خواب سماڻا،
    ساقي ارشاد لورڙ
    غزل
    ڪيئن گذري ٿي به فڪر زندگي ،
    پير شالا ڪنڊا سفر زندگي ،
    رات ڪاريء َ۾ خوف جا پاڇا ،
    چنڊ جي مٿان ڄڻ ڪڪرزندگي،
    ڪان آھي خبر ڇا آهي زندگي ،
    حرف گڏ پنج يا اکر زندگي ،
    عرشَ ۽ فرشَ سڀ عطا ربَّ جي ،
    ڪيئن ٻين جو ڪياشڪر زندگي،
    مان ته خالي کوکو ، نڪي آهي ،
    بندگي ۽ تنڪو ثمر زندگي ،
    تون ئي ”ساقي“ جي آن زندگي،
    تو بنا ٿي لڳي کنڊر زندگي،
    ساقي ارشاد لورڙ
    نثري نظم .
    تو جو چيو هو ،
    تون نه وسرندين . . ،!
    پڳ تون ڪيئن پل ۾ وساري ڇڏيو ، . . . !
    پنهنجي دل جي ڪينِ واسَ تان . . .
    منهنجي تصوير ميساري ڇڏي ،
    تو وساري وڇوڙا ڏئي ،
    هر جذبو هر احساس ،
    خواهشون ، چاهتون ، مرڪون ، مهڪون ، سڀ گڏي غمن جي گهاڻي ۾ وجهي ، پيهين ڇڏيون ، ..!
    آخر تو ايئن ڇو ڪيو ، . .؟؟؟
    ساقي ارشاد لورڙ
    غزل
    مارون منهنجا وار َ ۾ آھن ،
    ڌارين جي ڌڪ ڌارَ ۾ آھن ،
    ڏينهنَ ۽راتيون ڏُکَ ۾ گھاري ،
    ڪنهن سرڪشَ جي سارَ۾آھن،
    گهر گهر سوچون ڀڻڪا،سڏڪا،
    هر پل هي آزارَ ۾ آھن ،
    سک لئه سڀئي ماندا آهن ،
    ڦاٿل ڏک جي ڄارَ ۾ آھن ،
    هتڙي ، هيمون ، هوشو ، دودا،
    لوڪَ لچي جي مارَ ۾ آھن ،
    هتڙي سارا ”ساقي“ پارا،
    ويٺل ظلم جي بارَ ۾ آھن ،
     
    آخري ترميم: ‏25 مارچ 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو