“ ذلفي ” جيڪو اڄ به زندهه آهي!.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    مائٽن سندس نالو ذوالفقارعلي رکيو هو پر ڪلاس جا ساٿي کيس “ذلفي” جي نالي سان سڏيندا هئا.ماء جي هنج کان ويندي قبر ۾ لهڻ تائين هو يارن جو يار رهيو ۽ ياري نڀائيندو به رهيو.توڙي هن لاڙڪاڻي جي هڪ جاگيردار گھراڻي ۾ اک کولي پرشعور جون منزلون طيء ڪرڻ سان گڏوگڏ ان وسيع ۽ ويڪري گهر ۾ سندس من منجھڻ لڳو ۽ ان جي ڀيٽ ۾ برسات جي موسم ۾ ٽمندڙ ڇتين ۽ انهن هيٺان رهندڙ مٽيء هاڻا ماڻهو سندس محبتن جو مرڪز بنجڻ لڳا.سنڌ ۽ لنڊن جي غيرملڪي تعليمي ادارن ۾ پنهنجي قابليت جا جھنڊا جھولائيندڙ ذلفيء جي باري ۾ ڪنهنجي وهم ۽ گمان ۾ به نه هوته هو ڦڙتيء سان دنيا فتح ڪندو.قائد اعظم کي خط لکي به ذلفيء سڀني کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو هو ۽ بعد ۾ ننڍي عمر ۾ ئي 1956ع ۾ کيس گڏيل قومن ۾ پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاء موڪليو وڃي ٿو ته سندس رهبريء واريون صلاحيتون نڪري نروار ٿين ٿيون.پاڪستان ۾ پهرئين حڪومتي عهدي سنڀالڻ کان موت جي هنج ۾ وڃڻ تائين ذلفي ملڪ ۽ ان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحاليء لاء پاڻ پتوڙيندو رهيو.هن پرڏيهي وزير طور پنهنجن صلاحتين جو ڌاڪو ڄمايو ۽ 1965ع جي جنگ ۾ سندس صلاحيتن جا جوهر کلي سامهون آيا.گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ هن جا اهي تاريخي لفظ ته “ اي دنيا جون قومون ۽ ڀارتيو! ياد رکو ته اسان ڪشمير لاء هزار سالن تائين به وڙهنداسين.“ کيس پاڪستاني عوام جي دلين جو هيرو بنائي ڇڏيو.ذلفيء جي ان تقرير جو پڙاڏو اڄ به اقوام متحده جي ايوانن ۾گونجي رهيو آهي.اتان ئي دنيا جا سامراجي چوڌري ذلفيء جا دشمن بڻيا ۽ کيس پنهنجي لاء حقيقي خطرو سمجھڻ لڳا.جنهن ڪري کيس رستي تان هٽائڻ جي عالمي رٿابندي شروع ڪئي ويئي.

    1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي سانحي کان پوء اسٽيبلشمينٽ پاران گڏيل قومن کان ملڪ گھرائي کيس ملڪ جي اقتدار جي واڳ سنڀالڻ جي پشڪش ڪرڻ ان ڳالهه جو اعتراف هو ته گھوٽالي جي شڪار ٿيل پاڪستان کي انهن حالتن ۾ سنڀالڻ لاء ذلفيء کان سرس ڪا سياسي قيادت موجود نه هئي. 20 ڊسمبر 1971ع تي هن باقي بچيل پاڪستان جي اقتدار جي واڳ سنڀالي ۽ 5 جولائي 1977ع تائين جي ٿورڙي عرصي ۾ دنيا ۾ ڪنڌ جھڪائي هلندڙ پاڪستاني قوم کي ڪنڌ مٿي کڻي هلندڙ قوم ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ پاڪستاني فوج کي دنيا جي بهترين فوجن ۾ شامل ڪرائڻ لاء هن ڪابه ڪسر نه ڇڏي.عرب ملڪن سميت سڄي دنيا ۾ طوفاني هوا وانگر هليو، پاڪستاني فوج کي جديد دور جي گھرجن سان سهمت ڪرڻ لاء جديد جنگي سامان حاصل ڪرڻ جا اهم معاهدا ڪيا، پاڪستان جنهن کي دنيا “بي آئين “ سرزمين چوندي هئي تنهن کي هڪ متفقا آئين عطا ڪيو، 1974ع ۾ ڀارت ايٽمي ڌماڪو ڪيو ته ذلفيء تڪڙي سڏايل اجلاس ۾ تقرير ڪندي چيو ته “ اسين گاهه کائينداسين پر ايٽم بم ضرور ٺاهينداسين ڇو ته يهودي ۽ عيسائي تهذيب وٽ ايٽم بم آهن ۽ هاڻي هندو تهذيب به ايٽمي صلاحيت حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،صرف مسلمان تهذيب ايٽم بم جي صلاحيت کان محروم آهي،تنهن ڪري اسان هر قيمت تي ايٽم بم ضرور ٺاهينداسين.” ذلفيء جي اها تقرير عالمي سامراج کي ذرو نه وڻي پر ذوالفقار علي ڀٽو ان خواب جي پورائي لاء عملي جدوجهد شروع ڪري ڏني ۽ بيشڪ هن کي ئي پاڪستان جي ايٽمي صلاحيت جو خالق چئي سگھجي ٿو.اهو ذلفيء جو ئي ڪارنامو هو جو هن لکين پاڪستانين لاء عرب ملڪن ۾ روزگار جا شاندار موقعا مهيا ڪيا.1971ع واري پاڪ_ڀارت جنگ کان پوء هارايل پاڪستاني قوم جا ٻين ملڪن سان برابريء جي بنياد تي سياسي،سماجي، سفارتي، معاشي ۽ ڪاروباري ناتا جوڙڻ ذلفيء جي جادوئي شخصيت جو ئي ڪمال هو. عرب اسرائيل جنگ جو مثال به ذلفيء جي شخصيت ۽ قابليتن کي سمجھڻ لاء کوڙ آهي جو ڪيترا ئي ڏهاڪا گذرڻ،عرب ملڪن جو تيل جي دولت سان مالامال هئڻ ۽ انهن جي سپر پاور آمريڪا سان مضبوظ لاڳاپا هئڻ باوجود به عرب ملڪ اسرائيل کان پنهنجا والاريل علائقا خالي ڪرائڻ ۾ ناڪام رهندي ٿي آيا پر اها ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي ڏاهپ هئي جنهن عربن کي پنهنجا علائقا واپس ڪرائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.سندس سياسي بصيرت جو واضح دليل اهو آهي جو هن ڀارت کان بنان ڪنهن اڳواٽ شرط جي پنجاب جي پنج هزار چورس ميل ايراضي ۽ اٽڪل نوي هزار پاڪستاني قيدي آزاد ڪرائي ورتا.اهو سڀ ڪجھه “شملا ٺاهه“ ذريعي ٿيو. ذلفي ۽ سندس ساٿين کي ڀروسو هو ته عوام جي فلاح ۽ بهبود ۽ ملڪ جي لاء ڪيل خدمتن جي نتيجي ۾ عوام پيپلز پارٽيء کي ئي ووٽ ڏيندو،انهيء سوچ تحت هن 7 مارچ 1977ع تي وقت کان پهرين عام چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو.اهو اعلان ٿيندي ئي ٽٽل تسبيح جي داڻن جيان ٽڙيل پکڙيل اپوزيشن جماعتون ملڪي ۽ غير ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي اشاري تي رات وچ ۾ هڪ ٿي وييون ۽ پاڪستان قومي اتحاد جي نالي سان نون ستارن واري اتحاد جي جهنڊي هيٺ جمع ٿي وييون. هونئن ته انهن جي منشور جا کوڙ سارا نڪتا هئا پر ذات ذات جون ٻوليون ٻوليندڙ انهن سمورين جماعتن جو اصل ۾ هڪڙو ئي نڪتو هو سو هو “ڀٽو دشمني” ۽ انهيء جي پويان طاقت هئي “آمريڪي ڊالر.” انهن سڀني جماعتن پهريان کان ئي طيء ٿيل پروگرام مطابق چونڊن جا نتيجا تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي ملڪ گير تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيوجنهن جي نتيجي ۾ ملڪ هڪ دفعو وري سياسي انارڪيء جو شڪار ٿي ويو.ڀٽي صاحب ملڪ جي نازڪ حالتن جي پيش نظر اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت ڏني ۽ اهي ڳالهيون ڪامياب به ٿي وييون پر ان اتحاد ۾ شامل ڪجهه ڌرين جو مسئلو اليڪشني نتيجا نه پر ذلفيء مان هميشه لاء جان ڇڏائڻ هو،اهڙيء طرح اسٽيبلشمينت ۽ انهن جمهوريت مخالف قوتن جي مليل ڀڳت سان 5 جولائي 1977ع جي اها ڪاري رات آئي جنهن پاڪستان کي هڪ دفعو وري صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو. انهيء بدنصيب رات جنرل فيض علي چستيء جي سرواڻيء ۾ جمهوريت جي شمع وسائڻ لاء “آپريشن فيئر پلي“ عمل ۾ آيو ۽هڪ آمر غير آئيني طور تي حڪومت تي قبضو ڪري عوام جي چونڊيل وزيراعظم کي جيل جي سيّخن پويان موڪلي ڇڏيو.صبح ٿيڻ تي وڏين ڪوششن سان جڙيل پاڪستان جو پهريون جمهوري آئين مڪمل طور تي معطل ٿي چڪو هو،پارليامينٽ کي گھر موڪليو ويو ۽ جنرل ضياء الحق نالي هڪ شخص ملڪ جي اڇي ڪاري جو اڪيلي مالڪ بڻجي ويو.جيل ۾ زندهه ڀٽو ضيائي آمريت لاء هميشه جو هڪ خطرو هو تنهن ڪري کيس ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو ويو.ضياء جي چوڻ مطابق “ قبر هڪڙي آهي ۽ ماڻهو ٻه.” پر جيئن ته ان وقت ڏاڍ ۽ اختيار جا سمورا هٿيار ضياء الحق جي هٿ ۾ هئا سو بهرحال ڀٽي کي ئي قبر ۾ وڃڻو هو.نواب محمد احمد خان جي قتل جي سالن کان دفن ٿيل ايف آئي آر حرڪت ۾ اچي ويئي ۽ انهيء قتل جي الزام ۾ ذلفيء کي ٻيهر گرفتار ڪري جيل موڪليو ويوآئين ۽ قانون مطابق قتل جا ڪيس ضلعي سيشن عدالتن ۾ هلايا ويندا آهن پر جناب ڀٽي خلاف مقدمو سيشن ڪورٽ مان ٽپائي لاهور هائيڪورٽ موڪليو ويو جو اتي ڀٽي سان ازلي بغض ۽ تعصب رکندڙ بدنام زمانا مولوي مشتاق چيف جسٽس هو.هي شايد دنيا جي عدالتي تاريخ جو اڪيلو ڪيس آهي جنهن ۾ تمام گھڻيون قانوني ڪمزوريون هئڻ باوجود شڪ جو فائدو ملزم کي ڏيڻ بدران فرياديء کي ڏنو ويو.اصل ۾ اهو “ قتل جو مقدمو” نه پر “مقدمي جو قتل” هو.

    هروقت اسلام جي نفاذ جون دعوائون ڪندڙ ۽ هر محفل ۾ قرآن جون آيتون تلاوت ڪندڙانهيء آمر حڪمران کي پنهنجي وعدي جو ايترو “ اونو” هو جو 90 ڏينهن اندرچونڊن ڪرائن جو وعدو ڪري پورا يارهن سال عوام تي آمريت مسلط رکندو آيو ۽ آخرڪار قدرت جو هنٽر ان انوکي انداز سان حرڪت ۾ آيوجو فضائن ۾ ئي سندس جسم جا ٽڪرا ڀسم ٿي ٽڙندا ۽ پکڙجندا رهيا ۽ زمين جي مٽيء کيس قبول ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي.

    3 ۽ 4 اپريل 1979ع جو وچيون عرصو، نئون ديرو،لاڙڪاڻو ۽ ڪراچيء سميت پوري سنڌ ۾ هڪ غير معمولي چرپر ،خاص طور تي ڳڙهي خدا بخش واسين لاء ڪنهن “اڻ ٿيڻي واقعي” جي خبر ڏيئي رهي هئي.ورديء وارا ۽ بنان ورديء جي سرڪاري عملدار علائقي کي سيل ڪرڻ ۾ مصروف هئا.ماڻهن کي ٻڌايو پئي ويو ته اهي پنهنجن گھرن کان ٻاهر نه نڪرن.جولائي 77ع کان 3 اپريل تائين“ ذلفي” ۽ “ذوالفقار علي ڀٽو “ سڏائيندڙ اهو ارڏو اڳواڻ 4 اپريل کان پوء “شهيد بابا” بڻجي وڃي ٿو.پوري ملڪ مان سوين ۽ هزارين ميلن جو مفاصلو طيء ڪري ڳڙهي خدا بخش ڪهي ايندڙ سندس ديوانا کيس عقيدت ۽ محبت وچان “شهيد بابا ” چوندا آهن.ڪروڙين ماڻهو اڄ به هن سان پيار ڪن ٿا،سندس ياد ۾ لڙڪ لاڙين ٿا ۽ کيس عقيدت جا گل پيش ڪن ٿا.ڳڙهي خدا بخش واري شهيدن جي قبرستان ۾ مدفون ذلفيء کي ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي سان سڏيو وڃي يا شهيد بابا جي لقب سان پر حقيقيت اها آهي ته هن انهن انگ اگھاڙن ۽ پيٽ بکين ماڻهن کي آخر ڪجھه ته ڏنو آهي جوانهن جو ذلفيء سان اهو عشق سالن پڄاڻان اڄ به زندهه آهي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته جتي ذلفيء سان محبت ڪرڻ وارن جا ميلا آهن اتي ساڻس سڙڻ،حسد ۽ نفرت ڪرڻ وارن جي به ڪمي ناهي.ڇا اها عجيب ڳالهه ناهي جو پاڪستان جي پوري سياست اڄ به گھڻي ڀاڱي صرف ذلفيء جي چوڌاريء گھمي ٿي،ذلفيء سان محبت يا هن سان نفرت جي سياست ۽ بس! ذلفيء سان محبت،عقيدت، نفرت،تعصب ۽ حسد ۽ سندس سياسي جدوجهد ۽ بهادريء جي سمورن داستانن ۾ هڪڙو سوال جيڪو هر وقت ذهنن ۽ ضميرن کي چهنڊڙي پائي ٿو سو اهو ته ذلفي ته بيشڪ اڄ به زندهه آهي پر ڇا سندس مشن،فلسفو ۽ سياست به ساڳي طرح زندهه آهي يا وقت جي مصلحتن ۽ مفاهمتن جي دز ۾ سڀ ڪجھه لٽبو ۽ دفن ٿيندو ٿو وڃي.توڙي جو اهو هڪ چڀندڙ سوال آهي پر انهيء سوال جو سنجيدگيء سان ڪو جواب سوچڻ سواء شايد ڳڙهي خدابخش واري شهيدن جي قبرستان وارين اداس ديوارن کي آٿت ملي نه سگھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو