علامه حزب الله آء سومرو

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ محمد طارق مهيسر طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2018۔

  1. محمد طارق مهيسر

    محمد طارق مهيسر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2017
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    وڪيل
    ماڳ:
    خيرپور
    علامه حزب الله آء سومرو
    [​IMG]




    استاد هڪ پيغمبري پيشو آهي. استاد کي هن معاشري ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. شاگرد به استاد کي پنهنجي والدين جيتري عزت ڏيندا آهن. هن وقت آءُ جنهن استاد جو ذڪر ڪرڻ وارو آهيان اهو آهي منهنجو سائين علامه حزب الله آء سومرو.
    سائين حزب الله سومرو جو جنم 11 مئي 1969ع ۾ استاد الاهي بخش سومرو جي گهر ضلعي خيرپور جي ڳوٺ ڦل واهڻ ۾ ٿيو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي ورتائين. جنهن کانپوءِ مئٽرڪ 1984ع ۾ پريالوءِ هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين، 1986 ۾ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان انٽر جي ڊگري ورتائين. ان کان پوءِ اعلي تعليم ايم اي اسلامڪ ڪلچر پاڪستان ڊگري ڪاليج خيرپور مان حاصل ڪيائين. اڳتي هلي 1994ع ۾ بي – ايڊ جي ڊگري به ورتائين. 1987ع ۾ مسجد پرائمري اسڪول ۾ استاد بڻيو. ۽ لاڳيتو 2015 تائين پرائمري اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيو. جنهن مان ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم جي زيور سان مزيعن ٿيندا رهيا. جن مان ڪافي هن وقت وڏن وڏن عهدن تي آهن. جڏهن ته تازو سندس هڪ شاگردياڻي عشرت مجاهد کوکر سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري او ايم جي (OMG) گروپ ماڻيو آهي. ضلع انتظاميا خيرپور پاران ۾ 2006 بهترين استاد جي اعزاز سان نوازيو ويو. 2015ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ڊگري ڪاليج ڏوڪري ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. جتي اڄ به تدريس جا فرائض سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    1978ع کان ٻاراڻي ادبي رسالن، گل فل ۽ گلڙا ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون لکي ادبي سفر جي شروعات ڪيائين. ادبي سلسلي جي شروعات پنهنجي والد صاحب جيڪو استاد ۽ مذاحيه شاعر هو ان کان متاثر ۽ سندس رهنمائي ۾ شروع ڪيائين. ان بعد مضمون ۽ مزاحيه شاعري طرف راغب ٿيو. ٻولي، ادب، تعليم، تاريخ، مذهب، تصوف ۽ فلسفي تي هزارن جي تعداد ۾ تحقيقي ۽ تنفيدي مضمون لکي چڪو آهي. ڪيترائي ادبي ۽ تعليمي رسالا جن ۾ روشني، ڏات، استاد، علم دوست، روشنائي، نقاد ۽ ٻين رسالن کي ترتيب ڏئي ڇپائيندو رهيو آهي. سندس 7 ڪتاب تصوف، تاريخ، تنقيد ۽ مذهب تي ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ڪتاب اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهن هن وقت کيس سڄي هند ۽ سنڌ ۾ محقق ۽ نقاد طور سڃاتو وڃي ٿو.
    سائين حزب الله آء سومرو جن نه صرف تعليمي خدمتن ۾ سٺا شاگرد پيدا ڪيا آهن بلڪه ادبي لاڙي جا به سائين ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا آهن جن مان هڪ بي ادب مان به آهيان. اڄ جيڪڏهن آئون هي ٻه جملا ابتا سبتا لکان ٿو ان ۾ به سائين حزب الله سومرو جي تربيت شامل آهي. سائين سان جڏهن ڪو ماڻهو نئين ۾ ملندو آهي ته سائين ان کي ائين محسوس نه ڪرائيندو آهي ته هئي اسان جي پهرين ملاقات آهي بلڪه سائين ائين محسوس ڪرائيندو آهي ته هو پاڻ ۾ پراڻا دوست آهن. سائين حزب الله آء سومرو اڄ به تحقيق ۽ تنقيد تي سنڌ جي تمام وڏين اخبارن ۾ مضمون لکندو رهندو آهي.
    سائين حزب الله آء سومرو اڄ به خيرپور ۾ علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ نه صرف شموليت پر پنهنجا ويچار به ونڊيندو رهندو آهي. تحقيق ۽ تنقيد توڙي ٻين عنوانن تي مضمون لکڻ تي کيس ڪيترائي ايوارڊ ۽ شيلڊون ملي چڪيون آهن. سائين سچل يادگار ڪاميٽي جو ميمبر پڻ آهي. 1992ع ۾ علم دوست ادبي سنگت سنڌ جو بنياد وڌائين جنهن تعليمي ۽ اخلاقي ادب جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هن تنظيم جو پاڻ باني چيئرمين آهي. جنهن جي هن وقت صدر صنم سنڌو ڀنڀرو آهي. اسانجي دعا آهي ته الله پاڪ کيس صحت، تندرستي ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري ته جئين هو اسان جهڙن بي ادبن توڙي تعليمي شاگردن جي تربيت ڪندو رهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو