• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي طرفان...18...محمدخان سيال

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* اسان شاگرديءَ واري زماني ۾، نوابشاهه ۾ سنڌ جي پنجن غدارن تي لعنت جو ڏينهن خاص طور ملهايو هو جيڪي هئا: محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله، پيرعلي محمد راشدي، قاضي اڪبر ۽ پيرالاهي بخش ـ انهن غدارن تي لعنت جو ڏينهن نوابشاهه جي شاهجھان هوٽل ۾ ملهايو هئو سون، انهن پنجن مان پهرين چئن غدارن، سنڌ ـ دشمن ون يونٽ ٺاهڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو هو جڏهن ته پير الاهي بخش وري ڪراچيءَ کي سنڌ کان زوري ڇني ڌارڪرڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو ـ

* شھيد بينظير ڀُٽي چواڻي پاڻ کي ڏھيسر سڏائيندڙ ممتاز ڀٽو 10 مان رڳو ھڪ سر به قربان ڪري ھا ته جيڪر ڀٽو صاحب شايد بچي وڃي ھا ـ

* شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان عبدالحفيظ پيرزادي، غلام مصطفى جتوئي ۽ ممتاز ڀٽي سندس اڪيچار احسان وساري، ساڻس کليوکلايو غداري ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته جنرل ضياءَ هر هڪ کي وزيراعظم بڻائڻ جي الڳ الڳ پڪ ڏياري هئي ـ

* ڪراڄي: ڪيَ اليڪٽرڪ ۽ سوئي سدرن گيس جو سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت ۾ اجلاس،عوام گرميءَ ۾ بجلي جوعذاب ڀوڳي ٿو، اختلاف ختم ڪريو: وڏي وزيرمراد علي شاهه جي کين صلاح ـ
 
Back
Top