دنياالائي ڇا مان ڇا ٿي ويندي!

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    687
    ورتل پسنديدگيون:
    635
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    “ يول نوح هراري” ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي هڪ ڪالم نگار “ ٿامس ايل فرائيڊ “ ان اخبار طرفان منعقد ڪيل هڪ گڏجاڻيء ۾ اڳڪٿي ڪئي آهي ته انسانن اهڙي ته منجھيل دنيا ٺاهي ڇڏي آهي جو ترت ئي اسان سڀني کي اهو احساس ئي نه رهندو ته اسان ڇا مان ڇا بڻجي ويا آهيون.يول نوح هراري اهو اسرائيلي تاريخدان آهي جنهن انساني تاريخ تي ٻه زبردست ڪتاب “ سيپينز ” ۽ “ هومو ڊيوز ” لکيا آهن جن ۾ هن ايندڙ وقت جي باري ۾ ڪيتريون ئي اڳڪٿيون به ڪيون آهن.ان تقريب ۾ ڪيل اڳڪٿين ۾ هن جو چوڻ آهي ته “هٿرادو ذهانت ۽ مشيني عمل سڄي دنيا ۾ هڪ بيڪار طبقي کي جنم ڏيندو.بلڪل اهڙيء طرح جيئن صنعتي انقلاب مزدور طبقي کي پيدا ڪيو هو.ايندڙ ڏهاڪن جي سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهو طبقو اميد ۽ خوف جي وچ ۾ ٽنگيل رهندو.اها ڇڙواڳ ٽيڪنالاجي جنهن بنان شڪ جي انسانن جي بي پناهه ترقيء ۾تمام گھڻي مدد ڪئي آهي،جيڪر اها هٿ مان نڪري ويئي ته تمام گھڻي خطرناڪ ۽ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي سگھي ٿي.”

    انهيء ۾ ڪهڙو شڪ آهي ته هر ٽيڪنالاجيء جا هاڪاري ۽ ناڪاري ٻئي پاسا ٿين ٿا.هن وقت دنيا جي ڪجھه ملڪن وٽ جيترا نيوڪليئر بم موجود آهن اهي پوري دنيا کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاء ڪافي آهن.ايٽمي جنگ جو تصور ئي ايترو هانء ڏاريندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي جو ڪوبه سوچ سمجھه رکندڙ ذهن ان جنگ جي باري ۾ سوچي به نٿو سگھي پر ڇا اهي سڀ خطرناڪ رانديڪا صرف شوڪيس ۾ سجائڻ لاء جوڙيا ويا آهن؟سوال اهو آهي ته اهڙي جنگ جي امڪان کي سدائين جي لاء ختم ڪرڻ جي باري ۾ هيستائين عالمي برادريء ڪي اپاء ورتا آهن؟اهڙيء طرح موجوده وقت جي ٻين ٽيڪنالاجين اندر ڪافي شرارتون ۽ تباهين جا امڪان هروقت موجود آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ اها ٽيڪنالاجي پاڻ سان گڏ انسان دشمنيء جا ٻيا ڪهڙا ۽ ڪيترا تحفا کڻي ايندي ان باري ۾ ڪجھه چئي نٿو سگھجي.جيڪر اسان انهيء ٽيڪنالاجيء جون سموريون خاميون ۽ خرابيون نظرانداز به ڪري ڇڏيون ته به ان ۾ بذات خود وڏي ۽ خطرناڪ خرابي اها آهي جو ان ۾ بيحد ۽بي حساب طاقت آهي،انڌي ۽ ٻوڙي طاقت! ان طاقت جو مظاهروهن وقت اسان ان صورت ۾ ڏسي رهيا آهيون جو اها هر ملڪ توڙي سماج کي هر ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي ان ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاء مجبور ڪري چڪي آهي.انهيء ٽيڪنالاجيء جو هيستائين جيڪو انساني سماج، خاندان،سياست ،قدرتي ماحول،صحت،سماجي قدرن ۽ روايتن توڙي رشتن تي جيڪي منفي اثر پيا آهن انهن کان انڪار جي گنجائش ناهي پر ايندڙ وقت ۾ دنيا جو نقشو ڇا هوندو،اهو خيال ئي هڪ هيسائيندڙ خيال آهي. سماجي ماهرن مطابق ؛ نئين ٽيڪنالاجي نه رڳو ايندڙ وقت ۾ جمهوريت تي به حاوي ٿي ويندي پر جنهن کي اسان انفارميشن ٽيڪنالاجيء جو جادو چئون ٿا سا اسان جي ذات تي ايتروڪنٽرول ۽ ضابطو اختيار ڪري وٺندي جو اها اسان کي ايترو ته گهرائيء سان ڄاڻندي ۽ سڃاڻندي هوندي جيترو اسان پاڻ پنهنجو پاڻ کي ڄاڻندا ۽ سڃاڻندا نه هونداسين.اهووقت سامهون آهي جو اسان جي هر چرپر هڪڙي ننڍڙي “چپ“ ذريعي ڪنٽرول ڪئي ويندي ۽ اسان جا سمورا احساس،جذبا.سوچون ۽ خيال ايستائين جو کلڻ ۽ روئڻ به ڪنهن طاقتور رموٽ ڪنٽرول جي وس هوندو.هيء لبرل جمهوريت جنهن تي دنيا جو ڪيترين صدين کان صرف ان ڪري ڀروسو آهي جو اها انسانن جي احساسن ۽ جذبن کي پنهنجي ماء کان وڌيڪ ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿي پر جيڪر آئيندي ڪو اهڙو ٽيڪنيڪل حساب ڪتاب ايجاد ٿي ويو جيڪو انسان جي نسس نس ۽ خيال خيال جو واقف هجي ۽ وري واقف به ان نموني هجي جو انسان کي اها خبر به نه پئجي سگھي ته ڇا ٿي رهيو آهي ته پوء اها لبرل جمهوريت به هڪ ڏينهن رڳو تماشو ۽ ماضيء جو ڪو قصو بڻجي ڪري رهجي ويندي.ان لمحي جو ٿورو تصور ڪيون جڏهن اسان جي دل ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ اچي ويندي ۽ ٿي سگھي ٿو ته اها ڪنهن غيرملڪي ايجنٽ وارو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏئي!اهڙو ايجنٽ جيڪو ڪنهن ٻئي کي پنهنجون خدمتون پيش ڪندو هجي پر هن کي پاڻ اهو پتو ئي نه هجي.هڪ اهڙي ماڻهوء جي وس جيڪو ڄاڻندو هجي ته توهان ۾ ڪهڙو جذبو جاڳائڻ لاء ڪهڙو بٽڻ دٻائڻو آهي،توهان کي ڪيئن خوش ڪرڻو آهي ۽ ڪهڙيء طرح اوهان جي غصي کي ڀڙڪائڻو آهي؟اهو اهڙي قسم جو سنگين خطرو آهي جيڪو انسان جي مٿان ڦيرا ڏيئي رهيو آهي.مثال؛ چونڊن ۾ پنهنجي راء ڏيڻ لاء مشينون ميدان ۾ لهنديون ٿيون وڃن جنهن سرشتي جي ساراهه ڪندي اسان نٿا ٿڪون پر اها مشينري ماڻهن جي انهن منظم ۽ مضبوط ٽولن جي نه پر ذاتي طور تي ووٽ ڏيندڙانسانن جي دشمن آهي.ماضيء ۾ويڇي ۽ فرق جا جذبا گروهن خلاف استعمال ٿيندا آيا آهن پر ايندڙ ويجھن ڏهاڪن ۾ انهن جو استعمال ماڻهن جي ذات خلاف ٿيندو.هاڻي وقت ايڏو ته تيزيء سان گذري رهيو آهي جو صدين ۽ ملينيم جا لفظ ختم ٿيندا ٿا وڃن،هاڻي سڀ ڪجهه سالن جي ڳالهه آهي.تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو آهي جو اسان کي خبر نٿي پوي ته ايندڙ ويهن سالن ۾ ڇا ٿيندو ۽ انساني سماج جي صورت ڇا هوندي؟صرف جگرافيائي تبديلين جي ڳالهه ڪانهي پر ٻيا به کوڙ سارا سوال جنم وٺن ٿا،مثال؛ ايندڙ ويهن سالن ۾ نوڪريء جون بازارون ڪهڙيون هونديون ۽ ماڻهن کي ڪهڙيون فني مهارتون سکڻ جي گھرج پوندي؟خاندانن جي ڇا صورت ۽ رشتن جي ڪهڙي نوعيت هوندي؟تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسان کي خبر ئي ناهي ته ايندڙ وقت ۾ اسڪولن ۾ ڇا پڙهايو ويندو؟دنيا جا ليڊر ۽ سياسي پارٽيون اڃا تائين ماضيء جي نار ۾ ئي ڦرندي نظر اچن ٿا.اهي ته اڃا ويهين صديء جي سمنڊ مان ئي ٻاهر نه نڪتا آهن.انهن جو نه ته ايندڙ ويهن سالن طرف ڌيان آهي ۽ نه ئي انهن جي اندر اها صلاحيت!اڳتي ڏسڻ بدران اهي سڀ جا سڀ هڪٻئي سان ماضيء جي ميدان ۾ڊوڙ جو مقابلو ڪري رهيا آهن.ٽرمپ 1950ع ۾ واپس وڃڻ گھري ٿو،پيوٽن سترهين صديء جي زار سلطنت ۾ جيئڻ گھري ٿو،اسرائيلي جيڪي پنهنجو پاڻ کي دنيا جي اتم،سڌريل ۽ اڪابر قوم سمجھن ٿا سي 2500 سو سال پويان واري زماني جي سحر مان ٻاهر نه نڪتا آهن جڏهن بائيبل نازل ٿيو هو.دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ جون نام نهاد سمورين قومن مان هرڪا صرف پنهنجو پاڻ کي ئي دنيا جي آخري شاندار ڪهاڻي قرار ڏيڻ واري خوشفهمي يا غلط فهميء جو شڪار آهن.لڳي ته ايئن ٿو ته شايد سڄي دنيا ڪنهن اڻ ڄاتل خوف ۽ عظيم بي يقينيء ۾ ورتل آهي.اهي سڀ جديد ٽيڪنالاجيء ۾ پنهن جي لاء پناهه ڳولهي رهيا آهن.انهن پنهنجون سموريون ليبارٽريون اڌ چرين سائنسدانن ۽ مارڪيٽون لالچي واپارين سان ڀري ڇڏيون آهن پر حقيقي سياستدانن، دانشورن ۽ فلسفين جي نظر اٺ وانگر صرف سامهون نه هوندي آهي.اهي هر ٽيڪنالاجيء جي هر تخليق جي راهه ۾ پنهنجون اکيون وڇائڻ بدران انهن جي خطرناڪ ردعمل وارن اثرن تي به نظر رکندا آهن،انهن کي دنيا جي آئيندي بابت تمام گھڻي پريشاني ۽ ڳڻتي وڪوڙي ويئي آهي. انهن جي اها تشويش ايتري اجائي به ناهي ڇو ته ڪابه طاقتورٽيڪنالاجي ڪنهن به وقت ساڳي طاقت سان“بيڪ فائر “ ڪري سگھي ٿي.انهيء منجھيل ۽ ٽيڪنالاجيء جي صرف هڪڙي بٽڻ جي رحم ڪرم تي بيٺل هن دنيا کي ڪجهه بنيادي اّخلاقي خاطرين ۽ ڪجهه انساني سماجي قدرن جي ٻنڌڻن جي ضرورت جيئن پوء تيئن وڌندي ٿي وڃي.جيڪر صرف جديد ٽيڪنالاجيء جي معراج ئي خوشحالي،ترقي ۽ هر ڪاميابيء جي ڪنجي آهي ته پوء ٽيڪنالاجيء جي هيستائين ظاهر ٿيل هيڏن وڏن ڪرشمن باوجود دنيا جون سموريون قومون ڪنهن اڻ ڄاتل عالمي خوف ۽ بي يقينيء جي گڏيل صورتحال ۾ ڇو ورتل آهن؟
     
    غلام مرتضئ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو