• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ مدرسته الاسلام ۽ لياري يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبن جي ضرورت ۽ اهميت

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
"سنڌ مدرسته الاسلام ۽ لياري يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي شعبن جي ضرورت ۽ اهميت" جي عنوان سان 15 اپريل 2018ع تي سچل ڳوٺ ڪراچي جي بينظير ڀٽو پبلڪ لائبريريءَ ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو. ڄاڻايل يونيورسٽيون چند سال اڳ وجود ۾ آيون. اهي ادارا جڏهن اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي ڪم ڪري رهيا هئا تڏهن اتي سنڌي ٻوليءَ جي تدريس ٿيندي هئي پر يونيورسٽين جو درجو ملڻ کان پوءِ اتي سنڌي شعبا نه کوليا ويا. سنڌ جي انهن قديم ادارن ۾ سنڌي شعبن جي اڻاٺ کي محسوس ڪندي "سنڌي شعبن لاءِ جاکوڙيندڙ سٿ" پاران ڄاڻايل مادر علمين ۾ سنڌي شعبا کولرائڻ لاءِ جيڪا مهم شروع ڪئي وئي، ان ڏس ۾ اڄوڪو سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو بنيادي مقصد ان ڏس ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ سنڌي شعبن جي قيام لاءِ ٺهراءُ منظور ڪري ادارن جي سربراهن ۽ سرڪار کي سنڌي شعبن جي اهميت ۽ ضرورت کان واقف ڪرڻ هو. سيمينار کي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي، ڊاڪٽر بدر سومري، ڊاڪٽر عابد مظهر، ڊاڪٽر ڦلو ميگهواڙ، ڊاڪٽر احمد سومري، ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر برڪت ڏاهري، ڊاڪٽر علي اڪبر چانڊيي، شفقت نوناري، محمد سليمان وساڻ، اسد چنه، نظر ملاح، جاويد شيخ، اشرف کوهاري، ڪيلاش ميگهواڙ ۽ ٻين خطاب ڪيو. سڀني مقررن سنڌي شعبن جي تدريسي ۽ تحقيقي اهميت تي ڳالهايو ۽ سيمينار جي آخر ۾ ڄاڻايل يونيورسٽين ۾ سنڌي شعبا قائم ڪرائڻ لاءِ ٺهراءُ پڻ منظور ڪيو ويو. اميد ته اڄوڪو سيمينار لاڀائتو ثابت ٿيندو ۽ سنڌ جا ساڃاھ وند هن اشو کي اجتماعي سمجهي هن ڏس ۾ هلندڙ مهم ۾ شامل ٿيندا. سڀني دوستن کي هن مهم کي پنهنجائڻ ۽ اڳتي وڌائڻ جي اپيل ڪجي ٿي.

ھن سيمينار جي وڊيو لنڪ لاءِ ھتي ٺڙڪ ڪيو
 
Back
Top