مُرجهايل چهرن تي مرڪون وکيريندڙ خيرپور ناٿن شاهه جو مزاحيه فنڪار شاهنواز چانڊيو عرف “شاهن”

'انٽرويو' فورم ۾ مدهوش مير انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2018۔

  1. مدهوش مير انصاري

    مدهوش مير انصاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 نومبر 2015
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    منافقط کان وڌيڪ ٻيو ڌندو ڪهڙو هن دور ۾
    مدهوش مير

    فن اها قدرتي ڏات آهي جيڪا قدرت طرفان هڪ انسان جي اندر ۾ سمايل هوندي آهي، پر ڪنهن به انسان کي پيدا ٿيندي ئي اها خبر ته نه هوندي آهي ته سندن اندر ۾ ڪهڙي ڪلا يا فن فڪر سمايل آهي جڏهن اهو انسان وڏو ٿيندو آهي ته پنهنجي ان اندر جي فن کي جڏهن ڪنهن حادثاتي طور تي ٻاهر ايندي ڏسندو آهي ۽ پوء پنهنجي اندر جي سمايل ان فن سان سچائي ۽ ايماندري سان پيش ايندو آهي ته مٿس ان فن جي ڪري اهو انسان تاحيات زنده رهندو آهي، دنيا جا سڀ فن فڪر فلسفا پنهنجي جڳهه ته هڪ الڳ قسم جو مان ۽ مقام رکن ٿا پر هڪڙو اهو فن جيڪو قدرتي طور تي عبادت سمجهو وڃي ٿو، ٻين کي کلائڻ وارو فن هلندڙ جديد نفسانفسي واري دور ۾ مرجهايل چهرن تي مرڪون آڻن ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، اهڙي اوکي ڪم کي سرانجام ڏيڻ هڪ وڏو فن ۽ مهارت آهي پوري دنيا ۾ جتي فن فڪر جو وڏو قدر آهي پر اسان وٽ هڪ وڏو علميو اهو آهي ته اسان جي سٻاجهڙي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي فن فنڪار موجود آهن پر انهن کي ڪنهن به قسم جي ڪا سهڪاري ڌر منظر عام تي آڻن لاء نظر نه ٿئي اچي، سنڌ ماء جي ڪک مان اهڙن ڪيترين ئي عظيم انسان جنم ورتو آهي جنهن دنيا تان پردو ڪرن بعد به پنهنجي فن جي صلاحيت سان اڄ به لکين دلين ۾ زندا آهن اهڙو ئي هڪ فن جيڪو سنڌ جي دادلي شهر دادو جي 7 لک آبادي واري تعلقي خيرپور ناٿن شاهه ۾ پڻ رهي ٿو اهو خيرپور ناٿن شاهه جنهن ڪيترائي شاعر اديب انسان دوست فنڪار فن پڻ پيدا ڪيا آهن جيڪي اڄ به دنيا جي ڪنڍ ڪڙڇ ۾ رهن پيا، شاعري جي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو ٿي گذريو آهي وفا ناٿن شاهي شاعري ۾ جنهن کي غزل جو شهنشاهه ۽ شيخ اياز جو روحاني دوست تصور ڪيو ويندڙ شاعر به خيرپرو ناٿن شاهه جو عزاز بڻيل آهي، ان تعلقي خيرپور ناٿن شاهه مان جنم وٺندڙ مزاحيه فنڪار شاهنواز چانڊيو عرف شاهن به هڪ آهي خيرپور ناٿن شاهه جو مزاحيه فنڪار شاهنواز چانڊيو ٻڌائي ٿو ته هن جو جنم ڳوٺ خداداد ۾ ٿيو ۽ پاڻ ۾ 7 ڀائر آهن شاهنواز چانڊيو کي به 7 ٻارڙن جو اولاد آهي جنهن مان 3 پٽ ۽ چار نياڻين جو اولاد آهي شاهنواز چانڊيو شهباز ڪالوني ۾ پنهنجو ننڊڙو ڪريانه جو دڪان هلائي زندگي جو گاڏو گهلي ٿو، مزاحيه فنڪار شاهنواز چانڊيو 50 کان وڌيڪ اداڪار سنيل شيٽي، نانا پاٽيگر، سني ديول سميت ٻين اداڪارن جا مختلف ڊائيلاگ انهن جي آواز ۾ ٻڌائڻ سان گڏ مختلف پکين جهڙوڪ ڪانوء ڪبوتر طوطو ڪٻري ڪويل ۽ جانورن ۾ ننڊڙن ٻلي جي ٻلونگڙن جو آواز شينهن جي گجگوڙ ڀلي گهوڙي جو دانهون سان گڏ 120 کان وڌيڪ آواز ڪڍڻ جي مهارت رکي ٿو، شاهنواز چانڊيو جيڪو سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ ننڊڙي موبائيل ذريعي 2010 جي مها ٻوڏ ۾ هڪڙي ويڊيو ٺاهي نيٺ ته اپلود ڪئي جنهن کي لکين ماڻهن ڏسي خوب موٽ ڏني جنهن مان شاهنواز چانڊيو کي خبر پئي ته سندس جو قدرت طرفان اهو هڪ فن آهي جنهن کي شاهنواز چانڊيو انهي ٽائيم کان وٺي پاڻمرادو پنهنجا فني ڪلپ ٺاهي فيس بوڪ تي رکي ٿو جنهن ۾ هو ڊاريڪٽر به پاڻ آهي ته اسڪرپٽ به پاڻ ٿو ٺآهي سندس ڪو به ٻيو ساٿي واهي ناهي شاهنواز چانڊيو جا مزاحيه ويڊيو جيڪي اڄ يوٽيوب کان ويندي لکن جي تعداد ۾ مختلف سنڌي ماڻهن جي فيس بوڪ اڪائونٽن ۽ پيجن تي نظر اچي ٿي ۽ سندس جي هڪڙي هڪِڙي ويڊيو جا ڪروڙن ۾ ڏسندڙ آهن جيڪي سنڌ پاڪستان سميت دنيا جي مختليف ملڪن دبئي سعودي ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي مداح وڏي شوق سان ڏسي ۽ موٽ ڏين ٿا، مزاحيه فنڪار شاهنواز چانڊيو جيڪو ڪڏهن ڪنهن مزاحيه ويڊيو ۾ حڪيم ٿي مردانه ڪمزوري جي دوا وڪرو ڪري ٿو، ڪڏهن باگڙي ٿي پنهنجي باگڙي برادري جا فيضلا ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪرڪيٽ ٽيم جو انائونس مينٽ ٿي ڪمپيرنگ ڪندي نظر اچي ٿو جيڪي ويڊيو يوٽيوب تي موجود آهن جن جا ملين ۾ ويوز آهن پر شاهنواز چانڊيو ڏک ۽ افسوس سان ٻڌائي ٿو ته مان پڙهيل ناهيان جنهن ڪري ڪافي تڪليف محسوس ڪيان ٿو چاهيان ٿو ته اي ڪاش جي مان پڙهيل هجان هان ته اڄ ڪنهن منزل تي هجان هان جيڪي ويڊيو ٺاهيان ٿو دوستن کي منٿ ميڙ ڪري فيس بوڪ تي رکرايان ٿو، دوست ڪنهن موڊ ۾ آهن ته رکن ٿا ڪڏهن جواب ڏئي ڇڏين ٿا اسان ماڻهن لاء هڪ مشڪري ڪندڙ مشين آهيون پر اسان جي اندر ۾ به هڪ احساس ڀري دل آهي جنهن مٿان گهڻو ڪجهه گذري ٿو، شاهنواز چانڊيو ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي مختلف شهرن مان ماڻهون فون ڪري دعوت ڏيڻ ٿا پر اهي پيسا ناهن هوندا جو ڪرايو ڪري ڪنهن پروگرام ۾ وڃي سگهان پوء ڪجهه وس وارا ماڻهو پيسا موڪليندا آهن ته ويندو آهيان، شاهنواز چانڊيو ٻڌائي ٿو ته مان هڪ مزاحيه ويڊيو ۾ ثقافت کاتي وارن جي ڪيل ڪم تي روشني وڌي پنهنجي مزاحيه انداز ۾ جنهن کان پوء ڪجهه وقت اڳ حيدرآباد ۾ ثقافت کاتي پاران ڪوٺايل پروگرام ۾ مونکي ثقافت کاتي جي منسٽر سردار شاهه گهرايو هو جنهن پروگرام ۾ خوب داد مليو، مان سرڪار کان اها گهر ٿو ڪيان ته خدارا فن جو قدر ڪيو ۽ سنڌي فنڪارن کي سرڪاري پروگرام ۾ گهرايو وڃي جئين اسان جي سنڌ اندر لڪل ٽيليٽ ٻاهر اچي سگهي ۽ دنيا تائين اهو پيغام پهچي ته سنڌ ۾ اهڙا ماڻهو رهن ٿا جيڪي پنهنجا درد سور لڪائي پنهنجي شهر ۽ وطن جي ماڻهن جي مرجهايل چهرن تي مرڪون وکيرن ٿا، شاهنواز چانڊيو ٻڌايو ته منهنجي ڪافي ٽائيم کان خواهش آهي ته مان ٽي وي تي اچان پر هن وقت تائين سنڌي چينلن مان ڪنهن به اسان جي سار نه لڌي آهي ڪافي سنڌي چينل جئين مهراڻ ٽي وي، ڪشش ٽي وي، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، ڌرتي ٽي وي آهي پر انهن مان ڪنهن به مونکي پروگرام ۾ نه گهرايو آهي اسان جو ڏوهه اهو آهي ته اسان سنڌي فنڪار آهيون، شاهنواز چانڊيو پنهنجي خواهش ظاهر ڪندي ٻڌايو ته مونکي ڪيتري ئي ٽائيم کان ٽي وي تي اچڻ جو شوق آهي پر مان نه وقت تائين ٽي وي تي ڪنهن به پروگرام ۾ نه اچي سگهيو آهيان، شاهنواز چانڊيو ٻڌائي ٿو ته مان سعودي هئس سعودي ۾ رهيل سنڌي ماڻهن مونکي هر روز ڪنهن نه ڪنهن پروگرام ۾ گهرائيندا هئا اڄ به ماڻهون مچ ڪچهريون ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي گهارائيندا آهن، پوء جيڪو حال آهي پيش ڪندا آهيون، شاهنواز چانڊيو جي ڪريانه دڪان تي هر وقت ٻارڙن توڙي پاڙي جي وڏن ماڻهن جي رش رهي ٿي هو سڄو ڏينهن پنهنجي دڪانداري سان گڏ هڪ فنڪاري ۽ مزاحيه انداز ۾ ماڻهن سان پيش ايندي نظر اچي ٿو جڏهن شاهنواز چانڊيو عرف شاهـن کان عوام لاء هڪ پيغام گهريو ته هن اکين مان لڙڪ لاڙي چيو ته ڪهڙي به حال ۾ هجو پنهنجي ٻچڙن کي پڙهايو علم انسان جي ٽين اک آهي جنهن کان مان محروم آهيان ان سور جي مونکي خبر آهي ته اڻ پڙهيل ماڻهون ڇا هوندو آهي منهنجي چاهيندڙن ۽ سنڌ واسين کي اهو هٿ ٻڌي عرض آهي ته پنهنجي ٻارڙن کي تعليم ڏياريو،
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو