خيرپور ناٿن شاهه جو صوفي راڳي عمران فقير

'انٽرويو' فورم ۾ مدهوش مير انصاري طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2018۔

  1. مدهوش مير انصاري

    مدهوش مير انصاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 نومبر 2015
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    منافقط کان وڌيڪ ٻيو ڌندو ڪهڙو هن دور ۾
    مدهوش مير




    زندگي جون 15 بهارون ساز ۽ راڳ کي ڏيندڙ خيرپور ناٿن شاهه سان تعلق رکندڙ نوجوان صوفي راڳي عمران فقير 15 سالن کان صوفياڻي راڳ ۾ پنهنجو پاڻ کي وقف ڪيو آهي، چوندا آهن فن ادب قدرتي ڏات آهي، ان کي ٻين تائين پهچائڻ ۾ ئي ان عمل ۾ وڌيڪ پذيرائي ٿيندي آهي، فن ادب هنر ڪلا موسيقي راڳ رنگ ساز کٽڻ واريون شيون ناهن، اسان جي سٻاجهڙي سنڌ ۾ اوهان کي اهڙيون ڪيتريون ئي شخصيتون ملنديون جيڪي قدرتي ڏات واري ملڪيت سان مالا مال هونديون آهن، پر افسوس جو اسان وٽ اڄ جي هن جديد دور ۾ فن ادب کي به پيسي جو محتاج بڻايو ويو آهي، هڪ وڏو علميو آهي ته فن جهڙي دولت سان نوازيل شخصيتن کي هٿ وٺي پوئتي ڌڪيو ويو آهي، اڄ اسان اهڙي ئي شخصيت سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن جو تعلق دادو ضلعي جي تعلقي خيرپور ناٿن شاهه سان آهي جيڪو زندگي جي پندرنهن سالن کان وٺِي قدرت طرفان مليل فن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ مگن آهي، اهڙو ئي سنڌ جو آواز جنهن جي راڳ ۾ سنڌ جو صوفياڻو ورثو موجود آهي، خيرپور ناٿن شاهه جي مير خان محله ۾ رهندڙ صوفي راڳي عمران فقير مڱنهار جنهن سڪندر فقير مڱنهار جي گهر 1993-03-23 ۾ اک کولي سندس کي ننڊي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هيو جنهن ابتدائي تعليم پنهنجي شهر خيرپور ناٿن شاهه جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي، راڳ ۾ سنڌ جي جڳ مشهور صوفي فنڪار جمال الدين فقير کان سکيا ورتي ۽ استاد وٺان سندس خوب داد حاصل ڪري، ڪيترن ئي ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه ٺاهي، سندس جي آلاپ ۾ سوز سمايل آهي ۽ سندس گفتگو راڳ ويراڳ ۽ سادگي جي نشاندهي ڪري ٿي، ته صوفي عمران فقير تصوف جي رنگ ۾ رنگيل آهي، اهڙي نياز نوڙت سادگي سنڌ جي صوفي رنگ راڳ کي نروار ڪندڙ آهي، اصل ۾ ڪلا فن انسان جي عمقيق روح جو ناتو آهي، جنهن جو رشتو روح سان ٿيندو آهي،هي اهڙا جملا آهن جيڪي انسانن ڪڏهن ڪڏهن ڪن سالڪن جي صحبت ۾ ويٺي ويٺي ٻڌندو ڏات ناهي ذات تي ۽ فن فقيريءَ ۾ ئي هوندو آهي، هڪ اسڪرپٽ ۾ زاهد ميراڻي چيو ته ڪلا ڇا آهي فنڪار ڇا آهي اڄ واقعي خبر پئي جڏهن، سنڌ جي اهڙي سريلي صوفي راڳي عمران فقير سان ملياسين، انسان جي اندر جو جوهر ئي اهو طئه ڪندو آهي ته هُن جي من ۾ ڪهڙو ڪلاڪار لڪل آهي، پر اڪثر ڪري ڏٺو اهو ويو آهي ته انسان کي جيڪا ڪلا سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪري ٿي يا جنهن کي هو سڀ کان وڌيڪ پيش ڪري سگهي ٿو، اها ڪلا ”نرت“ جي ڪلا آهي، اها ڪلا، ” سُر“ جي ڪلا آهي، پر جڏهن ” نرتُ ۽ سرُ“ ملي ويندا آهن ته پوءِ ئي انسان جي اندر جو ماڻهو جهومي اٿندو آهي، اهڙي ئي سڃاڻپ رکندڙ هي فنڪار پڻ آهي، جيڪو پنهنجي ڪلا جي اظهار لاءِ ڪنهن وڏي ٿيٽر کي نه پر هڪ گهٽيءَ ۽ روڊ کي اسٽيج بڻائي پنهنجي فن جو اظهار ڪري ٿو، صوفي عمران فقير سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جون محفلون ڪيون آهن، جنهن مان سندس کي خوب داد مليو آهي ڀٽائي سرڪار جي ميلي کان وٺي، سمن سرڪار ۽ قلندر جي ميلي ۾ پڻ سُر ويکيريا آهن،

    عمران فقير سان ڪيل ڪجهه خصوصي ڳالهه ٻول هن ريت آهي،


    مونکي سنڌي اخبار مان يا سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا مان اها موٽ نه ملي آهي، جيڪا مان سمجهان ٿو ته مون لاء نه پر هڪ فن لاء انتهائي وڏو علميو آهي، سنڌي ميڊيا ۾ ڪافي سارا چينل آهن جئين سنڌ ٽي وي، ڌرتي ٽي وي، ڪشش ٽي وي، آوازٽي وي ۾ مونکي پروگرام مليا آهن، پر هڪ فن کي اٿارڻ لاء اها موٽ نه ملي آهي، سنڌ ثقافت کاتي پاران ڪنهن به پروگرام ۾ دعوت نه ملي آهي، ثقافت کاتي پاران راڳ موسيقي هنر ڪلا ۽ فن کي جيڪا موٽ ملڻ گهرجي، اها پري پري تائين اسان جهڙن غريب فنڪارن کي نه ملي آهي، ثقافت کاتي هميشه سنڀيڻ ڪرسين جي ڀٽ ڀرائي ڪري اسان فنڪارن کي نظر انداز ڪيو آهي، راڳ منهنجي نس نس ۾ سمايل آهي، تنبوري باجي جي سُرن تي پليو آهيان، راڳ ڳائڻ وقت پاڻ کي بيخود محسوس ڪندو آهيان اندر جي انسان ان سُرن تي رقص ڪري جهومائيندو آهي، منهنجي لاء ايوارڊ ۽ اعزاز اهي آهن جيڪي ڪٿا کان ڪهي اچي مونکي ٻندا آهن مداحن جي دل ۾ جيڪا مون لاء محبت آهي اهي ئي ايوارڊ منهنجي زندگي ۾ سڀ کان حسين ترين مقام رکن ٿا، (صوفي فنڪار عمران فقير)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو