
مشهور ڪالر آئي ڊي ايپ جي استعمال ڪندڙن جو تعداد 100 ملين تائين پهچي چڪو جنهن جو اعلان اداري طرفان پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ ڪيو ويو آهي. صرف موبائيل تي ڪم ڪندڙ ان ايپ اصل ملهه ماري وڌي جو 2009 ۾ هن رڳو بليڪ بيري ڊيوائيس کان آغاز ڪيو هو..
ٽرو ڪالر پنهنجي شروعات ڪالر آئي ڊي ۽ سپيم بلاڪنگ کان ڪئي هئي پر اڳتي هلي هڪ مڪمل ڪميونيڪيشنز پليٽ فارم بڻجي وئي جنهن ۾ ڪالنگ، ميسيجنگ ۽ پيمنٽ سرورسز به اچي ويون...
هن قسم جي ايپ جي ڪاميابي جو سبب پاڪستان ۽ انڊيا جون مارڪيٽون آهن جتي اسپيم ڪالنگ هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ پرائيويسي جي طرفان ڪنهن جو ڌيان ئي نه ٿو وڃي.. ماڻهن کي ٽڪي جي به پرواهه نه آهي ته هوُ رڳو ڪالر بابت ڄاڻ وٺڻ جي بدلي ۾ پنهنجي فون جا سمورا نمبر ٽرو ڪالر جي حوالي ڪري ويهندا آهن... جڏهن ته ان عمل کي ٻاهرين ملڪن ۾ پسند ناهي ڪيو ويندو...
ٽرو ڪالر جو چوڻ آهي ته سندن سروس ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن جي حفاظت بنيادي ذريعو بڻجي چڪي آهي..!