ٽرو ڪالر جا استعمال ڪندڙ 100 ملين تائين پهچي چڪا

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2018۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533

    [​IMG]

    مشهور ڪالر آئي ڊي ايپ جي استعمال ڪندڙن جو تعداد 100 ملين تائين پهچي چڪو جنهن جو اعلان اداري طرفان پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ ڪيو ويو آهي. صرف موبائيل تي ڪم ڪندڙ ان ايپ اصل ملهه ماري وڌي جو 2009 ۾ هن رڳو بليڪ بيري ڊيوائيس کان آغاز ڪيو هو..
    ٽرو ڪالر پنهنجي شروعات ڪالر آئي ڊي ۽ سپيم بلاڪنگ کان ڪئي هئي پر اڳتي هلي هڪ مڪمل ڪميونيڪيشنز پليٽ فارم بڻجي وئي جنهن ۾ ڪالنگ، ميسيجنگ ۽ پيمنٽ سرورسز به اچي ويون...
    هن قسم جي ايپ جي ڪاميابي جو سبب پاڪستان ۽ انڊيا جون مارڪيٽون آهن جتي اسپيم ڪالنگ هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ پرائيويسي جي طرفان ڪنهن جو ڌيان ئي نه ٿو وڃي.. ماڻهن کي ٽڪي جي به پرواهه نه آهي ته هوُ رڳو ڪالر بابت ڄاڻ وٺڻ جي بدلي ۾ پنهنجي فون جا سمورا نمبر ٽرو ڪالر جي حوالي ڪري ويهندا آهن... جڏهن ته ان عمل کي ٻاهرين ملڪن ۾ پسند ناهي ڪيو ويندو...
    ٽرو ڪالر جو چوڻ آهي ته سندن سروس ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتن جي حفاظت بنيادي ذريعو بڻجي چڪي آهي..!
     
    مشتاق علي، ABDUL SAMAD ۽ انيل نارائڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار ٽرو ڪالر مونکي تہ وڏو فائدو ڏنو آھي ... جيڪي نمبر محفوظ ناھن انھن جا نالا بہ اچن پيا تہ ڪم سولا ٿيو پون .... باقي يار اھو سو آھي جو اسان پنھنجا سڀ محفوظ ٿيل نمبر ۽ نالا سندن حوالي ڪري ٿا ويھون.
     
  3. ABDUL SAMAD

    ABDUL SAMAD
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مئي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    368
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪنڌ ڪوٽ
    لاجواب شيئرنگ، مَاشاءﷲ سٺي ڄاڻ ملي..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو