لسانيات پٽاندر، بدل/ عيوضي آواز (Allophone) ڇا کي ٿو چئجي

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لسانيات پٽاندر، بدل/ عيوضي آواز (Allophone) ڇا کي ٿو چئجي

    الطاف جوکيو

    لسانيات موجب آواز جي اکيڙ هڪ سائنسي علم آهي، جنهن کي سائنسي اک سان ئي ڏسڻو پوندو آهي. معنوي فرق جي بنياد تي آواز جي ٻن قسمن (وينجن ۽ سُر) کي صوتيو (Phoneme) ڪوٺيو ويندو آهي. ساڳئي انداز سان معنوي فرق جي بنياد تي هڪڙا اهڙا آواز به ٿيندا آهن، جيڪي ڪنهن لفظ ۾ مٽجڻ سان معنوي فرق پيدا نه ڪندا آهن، تن کي بدل/ عيوضي آواز (Allophone) چئبو آهي. چند حوالاجاتي ڪتابن ۾ اهڙن معاملن کي نه رڳو منجهايو ويو آهي، پر رهندو گمراه ڪيو ويو آهي. ان ڪارڻ، لسانيات جو شاگرد هجڻ نسبت، لازمي ٿو سمجهيو وڃي ته اهڙن نازڪ معاملن کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش وٺجي.
    هيٺ ’ صوتيو (Phoneme)‘ ۽ ’ بدل/ عيوضي آواز (Allophone)‘ جون الڳ وصفون ڄاڻائي انهن وچ ۾ فرق ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش وٺجي ٿي:

    صوتيو (Phoneme):
    لسانيات پٽاندر آواز(Phone) جا ٻه قسم آهن: وينجن (Consonant) ۽ سُر (Vowel). انهن سڀني آوازن مان هرهڪ کي عام طور آواز (Phone) ٿو چئجي. صوتيو (Phoneme) به ساڳئي ئي آواز کي چئبو آهي؛ پر اهڙو هڪ آواز (وينجن توڻي سُر) جنهن جي مٽائڻ سان ڪنهن لفظ ۾ معنوي فرق رکندڙ هجي. هيٺ وينجن ۽ سُر سان لفظ ۾ معنوي فرق جي جاچ ڪجي ٿي:

    1. وينجن صوتيو (Consonant as a Phoneme):
    ٻارُ: ننڍڙو ڇوڪرو/ ڇوڪري، ابهم، نابالغ، بي سمجهه وغيره
    بارُ: وزن، ٻوجهو،سامان وغيره
    پارُ: درياه يا ڪنهن به ڌار جو ٻيو پاسو يا ڪپ، ڏس پتو، نشان وغيره.
    ڏارُ: چيرُ، ڦوٽ، ڦاڙ، وڍُ، ڦاڪُ وغيره.
    نوٽ: هن لفظ ۾ صرف ۽ صرف اڳيون وينجن آواز مٽائڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو؛ جنهن سبب انهن آوازن (ٻ، ب، پ، ڏ وغيره) کي صوتيو (Phoneme) سڏبو. ياد رهي ته بيهڪ جي نشانين پٽاندر /ٻ/ صوتئي (Phoneme) جي نشاني آهي.

    2. سُر صوتيو (Vowel as a Phoneme):
    ڪَنو: ڪنهن ٿانوَ جو ڪنار، پاسو، گھيرَ، ڀر، ڪناري، حاشي، وٽ وغيره
    ڪِنو: خراب، ميرو، ڪوجهو، بُرو وغيره.
    ڪُنو: رڌ پچاءَ جي ڪم ايندڙ ٺڪر جو ديڳڙو، ڏڌ ولوڙڻ لاءِ چاڏي وغيره.
    نوٽ: هن لفظ ۾ صرف ۽ صرف پهرين وينجن جي زبر: /اَ/، زير: /اِ/ ۽ پيش: /اُ/ مٽائڻ سان لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ٿئي ٿو؛ جنهن سبب انهن (اعرابن: زير، زبر ۽ پيش وغيره) کي صوتيو (Phoneme) سڏبو. ياد رهي ته بيهڪ جي نشانين پٽاندر /اَ/ صوتئي (Phoneme) جي نشاني آهي.
    علم لسان ۾ آواز ۽ صوتئي جو فرق معنوي بنياد تي رکيو ويو آهي، پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب ڄاڻائي ٿو ته: ”صوتيو اهو آواز يا آوازن جو گروهه آهي جو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري ٿو. انهيءَ ڪري بلوم فيلڊ (Bloomfield) صوتئي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ آوازي نوعيت جو ايڪو سڏي ٿو....“ (جتوئي، 1996: 69- 70)

    بدل/ عيوضي آواز (Allophone):
    بدل/ عيوضي آواز ان کي ٿو چئجي جيڪو ڪنهن لفظ ۾ مٽجڻ سان ڪو معنوي فرق نه رکي، جيئن:
    * لاڙڪاڻي اپلهجي پٽاندر: مڇي- مشي (هن ۾ ڇ ۽ ش هڪٻئي جا بدل آواز آهن، جن جي مٽجڻ سان معنوي فرق پيدا نه ٿو ٿئي.)
    * لاڙي لهجي پٽاندر: جهجهو- ججو، ننڍو- ننڊو (وسرڳ بدران اوسرڳ اچارجن ٿا، جن جي مٽجن سان معنوي فرق پيدا نه ٿو ٿئي.) (ڀيرومل: 1956: 127)
    * سڀني لهجن پٽاندر: برهه- ورهه، پليد- پليت (هنن لفظن ۾ ’ب‘ ۽ ’و‘ ۽ ٻئي لفظ ۾ ’د‘ ۽ ’ت‘ هڪٻئي جا بدل آواز سڏبا، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ معنوي فرق پيدا نه ٿيو.) (شيخ، 1992: 4)
    مٿيان ڄاڻايل مثال ته صرف وينجن (Consonant) جا آهن، ائين سُرن جي مٽجڻ سان به جتي معنوي فرق پيدا نه ٿيندو ته ان کي به بدل آواز سڏبو، جيئن:
    * سَيرُ- سيرُ (هن ۾ /اَي/ ۽ /اي/ سُر صوتيا اچن ٿا، ليڪن معنوي فرق نه ٿا رکن ان سبب انهن کي صوتيو نه پر بدل آواز چئبو، ڇاڪاڻ ته هڪ صوتيي جا ٻه آواز ٿي سگهن ٿا.)
    * جِن- جَن (لهجاتي فرق سبب، جمع صورت ۾ هي لفظ به زير /اِ/ ۽ زبر /اَ/ صوتين سان ڪم آندو ويندو آهي، ليڪن ان سان ڪو معنوي فرق پيدا نه ٿو ٿئي ان صورت ۾ ان زبر يا زير کي بدل آواز سڏبو.)
    انتهائي مختصر وضاحتن ۽ مثالن سان اهو ئي واضح ٿئي ٿو ته: ’بدل آواز (Allophone) اهڙي آواز کي چئبو جيڪو ڪنهن لفظ ۾ آواز مٽائڻ سان ڪو معنوي فرق پيدا نه ٿئي.‘
    تازو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي هڪ ٿيسز ’شاه عبداللطيف جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس‘ جي عنوان سان، سنڌي لئنگويج اٿارٽيءَ مان شايع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ آواز جي بنيادي ايڪي ’صوتيي‘ جي وضاحت پڙهي انتهائي افسوس ٿيو. هڪ ته ’صوتيي‘ جي وضاحت ۾ ئي مونجهارو، ٻيو ته وري جيڪي مثال ڏنا ويا آهن، سي اصل ۾ ’بدل/ عيوضي آواز (Allophone) جا آهن، صوتيي جا ناهن!
    افسوس جو، سنڌ جي علمي ادارن ۾ اهڙي ته پنهنجا نوازڻ واري ڪار ۽ اونده ٿي وئي آهي جو هڪ ٿيسز، ڪافي معتبر هٿن مان گذرندي رهي ۽ شايع ٿيڻ تائين، ان نڪتي ۾ مونجهارو ته ٺهيو پر هيڏي ساري غلط مثال کي ڪنهن محسوس نه ڪيو آهي. ظاهر آهي ته اهڙي حالت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن هڪ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سڀني علمن جو ماهر سمجهندو آهي. هيٺ اهڙي وضاحت ۽ مثال خيال خاطر ڏجي ٿو:
    ”صوتيات (Phonology) ۽ صوتيات (Phonetics) ٻنهي جو تعلق ڳالهائڻ واري ٻوليءَ (Spoken Language) سان آهي. ٻئي آوازن جو مطالعو ڪن ٿا. صوتيو (Phoneme) به آواز جو ئي ايڪو (Unit) آهي، جنهن سان معنوي فرق اچي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن ٻن لفظن ۾ آواز ساڳيو آهي ۽ معنى ۾ فرق آهي ته انهن کي ٻه صوتيا چيو ويندو. جيڪڏهن آواز مختلف هجن ۽ معنى ۾ ڪا تبديلي نه اچي ته ان کي هڪڙو صوتيو چيو ويندو آهي، مثلاً:

    سِڙهه سنوان، لاڄُو نوان، اولا سندن عاج،
    ساٿي سفر هلئا، ڀري جُنگ جهاج،
    حاصل ڪرِيين حاج، واحد! وڻجارن جي.
    (شاه- سُر سريراڳ)

    ويٺو تُن تُنينس، مَکِ ڏيهاڻي مڪڙي،
    سنباهي سيدُ چي، مٿي نيڍُوءِ نينس،
    وٽائي وڏاندَرا، لاڄو لڳائينس،
    آخر اُهرائِينس، ته جوکو ٿيي نه جهاز کي.
    (شاه- سُر سريراڳ)

    مٿين ٻنهي سٽن ۾ ’جهاج‘ ۽ ’جهاز‘ ۾ ’ج‘ ۽ ’ز‘ ٻه مختلف آواز آهن، پر ان سان ٻنهي لفظن جي معنى ۾ ڪو فرق نه آيو آهي، انڪري انهن کي هڪڙو صوتيو چئبو. ’ج‘ ۽ ’ز‘ ٻه مختلف آواز آهن، پر هنن لفظن ۾ هڪ صوتيي جو ڪم ڏين ٿا.“ (ص: 42- 43)
    اهڙي وضاحت، دنيا جي ڪنهن به علمي ڪتاب ۾ ناهي آئي ته اهڙا آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ مختلف ڪم آندا ويا هجن ۽ معنوي فرق پيدا نه ڪندا هجن ته ان کي ’صوتيو (Phoneme)‘ چئبو.
    واضح رهي ته اهڙا مختلف آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ مٽجڻ سان معنوي فرق پيدا نه ڪندا هجن ته ان کي بدل/ عيوضي (Allophone) چئبو.

    نتيجو:
    * اهڙا آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ معنوي فرق پيدا ڪن ته انهن کي صوتيو (Phoneme) چئبو، جيئن: بار ۽ ٻار – ڪَنو- ڪُنو (هنن لفظن ۾ ’ب‘، ’ٻ‘، زبر: ’اَ‘ ۽ پيش: ’اُ‘ الڳ صوتيا آهن.)
    * اهڙا آواز جيڪي ڪنهن لفظ ۾ معنوي فرق پيدا نه ڪن ته انهن کي بدل/ عيوضي آواز (Allophone) چئبو، جيئن: جهاز ۽ جهاج- برهه ۽ ورهه (هنن لفظن ۾ ’ز- ج‘ ۽ ’ب- و‘ هڪٻئي جا بدل آواز آهن.)

    حوالا/ ذريعا:
    آڏواڻي، ڀيرومل، مـﻫـرچند (1956) سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ- ڪراچي- حيدرآباد: سنڌي ادبي بورڊ.
    جتوئي، علي نواز، پروفيسر (1996) علم لسان ۽ سنڌي زبان. ڄامشورو: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
    شازيه سفير، ڊاڪٽر (2017) شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو لسانياتي اڀياس. حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.
    شيخ، محمد سومار (1992) سنڌي آوازن جا تبادلا- حيدرآباد: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.
     
    منظور ڪلهوڙو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو