منهنجو تعارف محمد بخش ٿيٻو

'تعارف' فورم ۾ محمد بخش ٿيٻو طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2018۔

  1. محمد بخش ٿيٻو

    محمد بخش ٿيٻو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2018
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    فورم جي سڀني سڄڻن کي حق موجود
    سائين منهنجا آئون نالي محمد بخش ٿيٻو ولد لائق سنڌي 10 جنوري 1983ع تي ڳوٺ موري منگر تعلقي حيدرآباد ۾ جنم ورتم.ادبي ڪم جي حوالي سان سنڌي ٻولي بااختيار ادري جي پراجيڪٽ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ رسرچر طور هڪ سال ڪم ڪيم ان کان علاوه سنڌي ڊڪشنر بورڊ ۾ رسرچر طور ٽي سال، سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل ۾ هڪ سال ڪمپيوٽر آپريٽر پنهنجي ذميواري نڀائي،ان کان علاوه انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جي ويب سائيٽ تي ڊيٽا انٽري آپريٽر طور آنلائن ڪيوآهي.ادبي حوالي سان مختلف اخبارن رسالن ۾ مضمون لکندو رهيو آهيان،۽ منهنجي والد ٻولي جي ڄاڻو نالي وارو صحافي لائق سنڌي جو 16 جنوري 2014ع تي انتقال ٿي ويو هو، ان تي مختلف تعزيتي مضمونن، تاثرات تي سهيڙيل منهنجو ڪتاب مون سين ڏٺا ماءِ جي عنوان سان ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. مون پرائمري کان ٻارهن ڪلاس تائين جي تعليم پنهنجي ڳوٺ موري منگر ۾ پرائي .جنهن کان پوءِ بي اي ۽ ايم اي سنڌي ادب فرسٽ ڪلاس سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪئي. هي آهي منهنجوتعارف.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو